Home / اسپيشل افيئر / سنڌ آڏو ايجنڊا واهه ڙي تارا گول تارا ا
above article banner

سنڌ آڏو ايجنڊا واهه ڙي تارا گول تارا ا

Irshad Memonسائنس ۽ ساهت جو جوڙ پيدا ڪرڻ جي ڪيتري به َسئي ڪجي، ٻه ئي پنهنجي حدن اندر انساني ساڃاهه جا ڌار فصل آهن. کڻي جو ٻنهي جو بيان ٻولي منجهه هجي ٿو. تڏهن پڻ، گيان کي يگاني طرح جو اظهار کپي، ايئن جيئن فڪشن ۽ نظم ڪارڻ انوکي قسم جا اچار ۽ لئي. راقم هتي اٺاويهه سال اڳ جو واقعو بيان ٿو ڪري. هوءَ ننڍڙي قد جي، سنهڙي سيپڪڙي، سهڻي من موهڻي، ميڊم هئي. اسان شاگرد. جي ڄمار جي پَر اُستاد جي حيثيت ۾ ليڪچر هال جي اسٽيج تي پهتي ته سڀني جا وات ڦاٽي پيا. فيملي پلاننگ بابت ڪلاس وٺڻ واسطي. اعتراف اهو ته سندس شخصيت ۽ پڙهائڻ جي اثرائتي انداز سبب ليکڪ اڄ ڏينهن تائين ڪٽنبي رٿابندي جو اوتروئي قائل آهي جيترو تنهن صبح مانواري ميڊم جي دليلن هٿان ٿيو. هتي ذڪر ڪرڻ جو مطلب آهي. ميڊيڪل ڪاليج جي ٽيچنگ ڪيڊر لاءِ اوپري ساپدمڻي فيملي پلاننگ جي ڊپارٽمينٽ کان هر بئچ کي اڪيلو، رڳو هڪڙو ليڪچر ڏيڻ خاطر ايندڙ هئي. چار سئو کن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين سامهون هن مائيڪ پڪڙي “واهه ڙي تارا گول تارا” جي بيت سان شروعات ڪئي. دنيا جهان جي ٻارڙن وانگر سنڌي ڳالهائيندڙ ٻالڪن جي سکيا پڻ ستارن جي چمڪ ڏانهن اشاري سان ٿيندي آهي. زندگي ۾ ٻار جي اهميت اجاگر ڪرڻ لاءِ ڏاهي استاد سندي وجود مثل خوبصورت لفظن سان ابتدا ڪئي.

مادري زبان جو جادو چئجي جو ڄاڻايل سٽ پڙهڻ شرط اسان هن جي ڄار ۾ پختي نموني سوگها ٿي وياسين. ان کان پرڀرو البت ماءُ جي لولي سنڌيءَ جو ڪو ڪم نه هئو. ميڊم، سائنس سيکارڻ شروع ڪري چڪي هئي. علم جنهن جي پکيڙ پاڻ واري مادري ٻولي کان گهڻو ٻاهر چئجي. نثر ۽ وائي، ادبي لحاظ کان بَرُ ڪيڏو به هجيس، سنڌي گيان کيتر ۽ خاص طور سائنس جي ايڊوانسڊ فيلڊز ۾ تربيت واسطي ڀَڙُ ڀاشا نَه آهي. اردو ۽ هندي ڪاڻ به ساڳي ڳالهه ورجائجي ٿي. اتي انگريزي، اسپيني، چيني، جرمن ۽ فرئنچ محاورن ۽ جملن جي ضرورت پيش ايندي.

امپيريلزم، سامراج واد جبر جا فائدا چئجن، قبضي گير معاشي طرح خوش حال ٿي ويا ته سندن ٻوليون پڻ غلاماڻي پود مان ڪارائتي نوع جا آواز، تلفظ، اظهار ويندي منطق جا گهٽ گهيڙ، بلاغت جا گُرَ خود ۾ سمائي، هضم ڪري چڪيون. لاجڪ جو تاڃي پيٽو سماج جي گڏيل تخليقي ۽ پئداواري صلاحيت سان سهلاڙيل هئڻ ڪري، سوسائٽي جي ڪل اوسر ۾ اُڀار جي ڏاڪڻ مان لاڀ وٺندو يا ٻي صورت ۾ ڪيترو لوڙيندو نهاري سگهجي.

جديد سائنس جا طالب چڱي ريت ڄاڻين ته گيان جي کيتي ۾ گل ٽڙڻ واسطي سج جو اوڀر کان اُڀڙڻ لازم نه آهي. اها هڪ جدا سرشتي ڪوٺجي. وٽس پنهنجا آسمان ۽ سورج آهن. راتيون روشن ته اونداها مانجهاندا. ڌرتي جي گولي تي وسندڙ انسانن منجهه، هر پنجاهه ميلن تي نئون ڊائليڪٽ ضرور ملندو. تنهن دائري ۾ جنم وٺندڙ ماڻهن ڪاڻ سا مادري زبان هوندي. اوس ناهي. ته اها وائي جڳ جهان جي اتهاس جو اوتار اوڍي عقل، ڏاهپ ۽ حرفت جا مڙئي مَتا پاڻ ۾ سانڍي، سکيا جو وسيلو ٿي، کيس ڄاڻيندڙ لوڪ کي چاڙهي جي سڀاڳي بلي لڳائي. حقيقت پسندي جو طرف وٺندي اسان کي سندي ڀاشا سنڌي کي ان پسمنظر ۾ ڏسڻ گهرجي. نئين زماني جو علم بنهه نڪور انداز جي منطق سان اوهان آڏو اچي بيٺو آهي. جذباتي لڳاءُ کان ڪم وٺند‍ؤ ته هيءَ صدي به جهالت جي اوڙاهه ۾ پڄري ويندؤ.

july (a) 48

هر معاملي جي تهه تائين پهچڻ جي واٽ هاڻ ڪيفيت، بگاڙ، مرض کان الاهي اڳتي سئنڊروم مان لنگهڻ لڳي آهي. سجاول، ٽنڊو محمد خان روڊ جي نسبت هيءُ نرالو رستو آهي. لقاءُ جنهن کان سونهون ٿيڻ واسطي چؤڌاري مُروج لاجڪ سهڪاري ڪيئن چئجي. لازم آهي ته ڪنهن اوپري فهم کان مدد وٺجي. ساڃاهه جا اسان کي مادري ٻولي مهيا نه ڪري سگهي. انگريزي ۾ مهارت ڏانهن پنهنجي بيزاري متعلق دنيا خبروار آهي. منجهس مشڪلاتون ڄاڻون ته اسپيني، جرمن ڀاشائن پاسي ورڻ ۾ ڇاهي؟ راوي چوڻ چاهي ته مادري ٻولي ۽ سکيا واري زبان ڌار رکنداسين، قيامت ڪو نه ايندي. سڌاري ڏانهن لڙنداسين. پيداواري طاقت جو نمونو ٿي اڀرنداسين. ٻاهرين جڳ سان رابطا بهتر انداز ۾ قائم ڪري ڏيکارينداسين. گهگهه اونداهه مان ٻاهر نڪرڻ جي وَاهَه اها ئي سمجهو ته گهڻن جي ڀلائي ٿي پوندي. بيابان ۾ مئل اٺ مٿان ويهي ڳوڙها ڳاڙهڻ جي روش نيٺ مالڪ کي نهوڙي ڇڏيندي. اک پٽڻ ۾ خرچ ڪيترو لڳي؟ سجاڳ ٿيڻ ڪاڻ ونگار ڪهڙي کپي؟ سنڌي جنهن مقام تي آهي اتان ڪا نه ڪِرندي، سنڌ جا ماڻهو ترقي ڪري، ايندڙ نسلن ڪاڻ سهنجايون جوڙي، روشني جا مينار کڙا ڪري ويندا. وطن آڏو ان کان بهتر پروگرام، ايجنڊا ٻي ڪا رکي ٿي سگهجي؟

ڀائنجي ته 1985ع جي ڳالهه آهي. بي بي سي ريڊيو تان نئين بيماري جي ڏس ملڻ جي خبر نشر ٿي. آفريقا جي سائي لنگور مان انسان منجهه منتقل ٿيندڙ مرض مٿان نالو رکڻ جي گهڙي سال ٻه پوءِ آئي. اڳ، طب جي ميدان ۾ هڪ لفظي. اهڃاڻ مختلف آزارن کي پڌري ڪرڻ جو ٽرينڊ هئو، لاچار ٻن ورڊز کي جوڙي عنوان ڏيڻ جو پڻ. تنهن مهل تائين پاڪستان ۾ اردو ۽ انڊيا ۾هندي، ٻنهي کي سائنس جون ٻوليون ٺاهڻ خاطر سرڪاري سطح تي جنون چوٽ چڙهي چڪو هئو. سنڌي خود هرتو ئي سهي، پاڻ واري ماحول ۾ پير پختا بيهارڻ ۾ مگن، ڌار. نهايت جديد دور هوندي انگريزي دان مات کائي ويا،پوءِ به. يوناني ۽ لاطيني محاورن جي ٽيڪ وٺي هاڻوڪيون اسريل يورپي زبانون، سائنس جي ڳڙکين مان بياني ٿيڻ جون هيراڪ آهن. ڄاڻايل موذي بيماري کي اڪيلي علامت بجاءِ چار لفظي هيڊنگ ڏيڻي پين! سادگي جو پاسو وٺندي، مڙني ورڊز جا پهريان اکر کڻي ايڊز ڪوٺيائونس.

رڳو ميڊيسن نه ، گيان جي سڀني ٻارن ۾ اسپيني، انگريزي ۽ باقي ڪنهن سڌريل ڀاشا کي ذڪر ڪيل گپ ۾ ڦاٿل ڏسبو. مڃيوسين ته سائنس ايتري ترقي ڪري چڪي جو نوان ظاهر ٿيندڙ لقاءَ گذريل صدين وانگر ڌنڌ وڪوڙيل ۽ بي جوڙ يوناني، لاطيني لقبن هيٺ آشڪار نه ٿا ڪري سگهجن. سچ اهو پڻ ته ٿوڙي غور ڪرڻ سان “ايڊز” جي معاملي ۾ زبان جي معذوري کي چڱي ريت پروڙي سگهجي ٿو. مقامي نالا ڏيڻ جا شوقين اردو دان توڻي هندي باز وائڙا چئجن ئي چئجن. رياستي سرپرستي کان وانجهيل سنڌي تنهن طرح جي سگهه ڪٿان آڻي ؟ جن وٽ سائنسي مواد کي سولو بڻائي پاڻ واري مادري ٻولي ۾ آڻي سکيا جي ليول کي چوٽ چاڙهڻ جو خبط آهي -سي اول ايڊز جي محاوري، وصف ۽ ٻئي تفصيل کي سادو سنڌي ويس پارائي، راقم جي دماغ ۾ ويهارين. رهيل خبرون پوءِ ڪبيون.

انگريزي، فرنگي جي زبان آهي. ڏيڍ، پوڻيون ٻه صديون لنگهي چڪيون آهن اسان ان ڏانهن سدائين ماٽيلي ماءُ جي تصوير ڄاڻي نهاريو. سنڌي جي اوسر تي مثالي ناز اٿئون. رڳو ايترو نه، ايندڙ سمئه منجهه وجود جي بچاءَ جا طالب پڻ آهيون. وقت جنهن مان پار پوڻ لاءِ گيان ۽ حرفت، سائنس ۽ ٽيڪنالوجي کانسواءِ ڪي وهٽ ڪين آهن. راڪاس جي سواري واسطي علم ۽ سکيا بنيادي شرط. تعليم ۽ تربيت خاطر پهچ رکندڙ، سگهاري ڀاشا جو هٿيار گهربل. ثنا خوان سنڌي برابر ٽائيم وٺن، پر ڪيترو؟

تنهن بعد هنن کي سائنس جي رمزن کي بهتر انداز ۾ چٽو ڪندڙ زبانن پاسي ورڻو پوندو، چڱو ٿيندو ته هاڻ ئي اوڏانهن وڃن. هتي وسندڙ ۽ اڃا پيدا ٿيندڙ نسلن ڪاڻ انگلش، اسپيني، جرمن، چيني ۽ فرئنچ مان هڪ يا وڌيڪ زبانن جي گهري سمجهه لازمي متو پرکجي. انگريزي ويجهو ڊائليڪٽ آهي، ڏانهنس موٽ کائجي. مزاج ساٿ نه ڏئي ته متبادل اپنائجي. کائنس بعد اسپيني ٻولي طرف لاڙو ڪارائتو عمل ٿيندو.

ٻالڪ جي سانڀر بيشڪ “واٽهڙو ڪرواٽ مُنجهي” کان شروعات وٺي. تنهن بعد هو فهم جي ڄار جو باندي ٿي باقي حياتي ڪل حواسن جي سلامتي سان اڳتي وڌندو رهي. ايئن هو سماج لاءِ لاڀائتو فرد جڙي سگهي ٿو. فقط مادري زبان ۾ تربيت اهڙو مقصدمهيا ڪري ڪين ڏئي. بلڪل اونداهي معاشري ۾، جيئن اسين پساهه کڻون ٿا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو