Home / ڪرنٽ افيئر / سنڌ: لٽيل صبح جا اُداس پاڇا!
above article banner

سنڌ: لٽيل صبح جا اُداس پاڇا!

هاڻي ته اهو رومانس جو دور به پراڻين محفلن ۾ ئي مدفون ٿي ويو آهي جنهن جي بانوري بدن جي ڀتين تي لٽيل صبح جي اداس پاڇن جا عڪس عيان هوندا هئا .

جمن دربدر ۽ آريسر صاحب جڏهن “وٺي هر هر جنم وربو مٺا مهراڻ ۾ ملبو” کي لارين ۾ ڳائيندا هئا سو نرواڻ جو فلسفو سن جي سٻاجهي صوفي جي چپن جو هڳاءُ وٺي جڏهن هوا ۾ تحليل ٿيو ته ان کي هڪ نئين معنيٰ ۽ نئون مفهوم ملي ويو. جواني جا جل ٿل چشما ،ڪوه ڪاف جي پرين جهڙي پوشاڪ پاتل خوابن مٿان ڇڻ ڇڻ ڪري ڇڻڻ لڳا.هي دور به هڪ ديومالائي داستان جي ڪا اڻپوري ڪهاڻي ئي لڳي ٿو ..ڄامشوري جي پٿريلي زمين مان آدرشن جا اڻميا گل گلاب ٽڙي پيا .وڌيڪ تعليم ۽ بهتر سياست جي نعري هيٺ جيتوڻيڪ نه بهتر سياست پروان چڙهي ۽ نه ئي ڪو وڌيڪ تعليم وارو سپنو ساڀيان ماڻي سگهيو ،پر سنڌ جي اندر هڪ اهڙو شعور ضرور جاڳي اٿيو ،جنهن جي منزل اها چٽي چانڊاڻ هئي جنهن ۾ ملڻ جي تصور ئي روح ۾ رنگ ۽ ترنگ پيدا ٿي ڪري ڇڏيا.

وطن کي وجود تي گيڙو شال جيان ويڙهي هلندڙ انهي ٽهي جي تن بدن ۾ تنهن ويل وڄ وراڪا بنجي آجپو اڻ تڻ مچائي ڇڏيندو هو جڏهن بيجل سنڌي جي آواز ۾ فضائن اندر حليم باغي جو تخيل گونجڻ لڳندو هو ….

juli  31-18 b

ڇا ته شريانين ۾ شور پکيڙيندڙ شاعريون هيون ،انهي دلڪش دور جون…..

سرمد گيتي منصور جو همنشان

ھِن جي نالي کان ڏڪندڙ منات و عزا

ھُن سان لشڪر خزاني سان راڪش لڙيا

ھُن چيو مون لاء ڪافي آ منهنجو خدا

ھُن زماني جي کوٽي روايت ڀڳي

ھن چيو ماڻهو ماڻهو آ يزدان آ

سرخدا جي اڳيان جو جهڪي سو جهڪي

ٻيو ڪو پرستش جي لائق ڪو انسان نه آ

ھُن جي ڏينهن ۾ سفيد پڳڙي ٻڌل

اهل تسبيح به هئا اهل تقوي به هئا

بت پرستي سان الجهڻ جي جرئت نه هئي

اھل منصب به ها رڻ جا جوڌا به ها

هڪڙو مرد قلندر صفا ناتوان

جنهنجي دستار ڦاٽل ۽ ليڙون هئي

جنهنجي ڪپڙن تي چتيون ۽ پيوند هئا

جان طعنن جي تيرن سان سيرون هئي

ھن جي للڪار سان لرزيا بتڪدا

چنڊوخانن جي چائنٺ ڀي ڌڙڪڻ لڳي

ڪن ته سجاده پوشن جا پٽڪا ڏريا

دل فقيرن جي پيرن جي ڌڙڪڻ لڳي

اي مسندنشينو گهڻو ئي ٿيو

هاڻ درگاهون تڪيا به خالي ڪريو

ٿو ملائڪ جو مسجود انسان اچي

هنجي ڀيڄي ۾ گانجا نه افيون ڀريو

لاڙ تنهنجي لٽيل سينڌ لٽبي رهي

ڪالهه جليو هو ٺٽو اڄ ڪراچي به ويئي

اڄ تماچي جي تڙ تان مهاڻا تڙيا

اڄ آمي ۽ ڦاپي جي ميت اٿي

اي زمانا اسانجو قبيلو ڪٺو

خون ناحق جي ڪنهن سان شڪايت نه آ

تنھنجي اوچي روش جي نه پرواه اٿئون

خون عاشق ۾ ليڪن حرارت نه آ

مقتلن جي ڀتين تي پڙهين ٿو ته پڙه

ٻي شهيدن جي رت جي ڪهاڻي نه آ

هڪ بلاول هو گهاڻي ۾ پيڙهيو ويو

هڪڙو سيد آ جنهن جي پڄاڻي نه آ

سن جي سائين جي آس پاس پتنگن جيان پچندڙ ڇوڪرا، جيئي سنڌ جي الستي نعري تي رڳو يونيورسٽين جي جلسن ۾ رقص نه ڪندا هئا پر انهن ته پروانن جيان پاڻ پچائي ،انهي مهراڻ ۾ ملڻ جو جوڳ به پرايو.

اهو دور جنهن ۾ دنيا الاءِ ته ڪهڙا ڪم ڪار ڪري ٿي پئي ۽ سياسي مداري مارڪيٽ جو وکر بنجڻ لاءِ بيتاب هجن ،اتي صرف ۽ صرف پنهنجي جيجل ڌرتي سان تجديد عهد وفا خاطر پنهنجي رت جو نظرانو ڏيندڙ لال لهو جي سرگم تي رقص ڪندڙ شهيدن جي رت جي ڪهاڻي ڪو گوگل بيسڊ سياسي تجزئي نگار قطعي به ڪري ڪونه ٿو سگهي .

قومي تحريڪ جي پٺي ۾ لڳل غدارين جا گهاءَ ۽ موقعي پرستن جي وطن سان ڪيل ويساهه گهاتين ،سنڌ سان عشق کي وڌيڪ اجاري اڇو ڪيو آهي .سڄو ڏينهن نظرين جا وکر ورهائيندڙڏاها ۽ مهان ڏاها ڀلي ته ميلي جي مٺائي ٿي وڃن پر نظرين سان عشق ڪندڙ روح اڄ به اوتري ئي سگهه ۽ سڪ سان لال لهو جي سرگم تي مست رقصان آهن .

هي ڪهڙو جنون آهي ،جو پنهنجي الهڙ جواني وطن تان گهور ڪرڻ کي هڪ اعزاز سمجهيو ٿو وڃي ۽ جيجل ماءَ پنهنجي لخت جگر کي سنگ لحد ۾ لاهيندي ذري برابر به لرزي نه ٿي ..

لک ويا ٿي بک بندوقن دانهن جا در بند ٿيا .

اي قوم ڪلهن تي ڪيسيتائين ڍولڻ لاشا ڍوئيندا …

بي انت چچريل لاشن جو سلسلو ….ڳاڙهو ڪهاڙي وارو جهنڊو ….عدم تشدد جو سبق پڙهائيندڙ رهبر جا نعرا هڻائيندي ڪارپيٽ جا ٺڪاءِ ڪرائڻ ،وڏا پينا فليڪس ۽ ننڍڙا نتيجا ڏيندڙ دولهه درياءَ خان جو انڊر گرائونڊ رهڻ ۽ جيئي سنڌ هلچل جا سوين ڌڙا ۽ انهن جون اڳواڻِيون ڪندڙ تنقيد کان بالاتر چيئرمين …. اهي سڀ هن دور جا نهايت منجهائيندڙ سوال آهن ،جن تي صرف سوچي ئي سگهجي ٿو .

انهن سڀني ڳالهين جي باوجود به ،ڳاڙها جهنڊا اڄ به جڏهن شهر جي چوڪن تي ڦڙڪن ٿا ته وري به انهن ڪالهوڪن آدرشين جو رولاڪ روح ڇڪ کائي ٿو،سنڌو ديش هنن جي هانءُ ۾ هرکڻ لڳي ٿو .اهي جن جا وار چاندي ٿي ويا آهن ،سي جڏهن ڪنهن پروڻ ٿيل لاش جي تصوير اخبار ۾ ڏسن ٿا ته پنهنجي من ئي من ڏند ڪرٽيندي سوال ڪن ٿا ته ڇا صرف لاش وصول ڪري ئي منزل ماڻبي يا ڪا حڪمت عملي به جوڙبي ..؟

سياست جيڪا سائنس آهي ،سا سمجهائي ٿي ته هر دور جي پنهنجي تقاضا آهي ۽ ڪم انهي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهو ئي بهتر انداز سان ڪري سگهي ٿو ،سو اهو ڪيئن ممڪن آهي ته بجلي جي تار ته اليڪٽريشن کانسواءِ ڪونه ٺهرائبي پر جلسا ،جلوس ،لکڻ ،پڙهڻ ۽ هٿياربند جدوجهد جهڙا مختلف مزاج رکندڙ ڪم ساڳئي ماڻهو کان ڪرائبا ؟

پريس ڪانفرنس ٿئي ،اخبارن ۽ ٽي وي تي تصويرون آيون ۽ ٺڪ ٻئي ڏينهن بي هٿيار ڳڀرو کنڀجي ويو ،جيجل ماءُ هاءِ گهوڙا ڪئي ۽ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ چچريل لاش مليو ..بدلي ۾ چار ڦٽاڪا ڦاٽا….رياست جي بنياد کي لوڏو اچي نه اچي ريل جي پٽڙين ڀرسان آکيرن ۾ ويٺل پکين ۾ ٽاهه ضرور پوي ٿو …۽ وري هڪ ٻئي لاش جو انتظار ۽ پکين ۾ ٽاهه جي حڪمت عملي جوڙي ٿي وڃي..

کوکلا نعرا ۽ ڏيکاءَ ڪنهن به تحريڪ کي صديون پوئتي ڌڪي ڇڏيندا آهن .

سنڌ ويچاري سان به ائين ٿيو آهي …ڪنهن ڪنهن ڇا ڪيو آهي اها اسان سڀني کي خبر آهي سو جيڪڏهن اسان انهن رانگ نمبرز جا نالا نه ٿا کڻون ته پوءِ اسان خود به وڏا ڏوهاري ليکباسين ..

تاريخ پنهنجو پاڻ کي وري وري ورجائي ٿي. موڪي بن وسائي کان پهرين راجا ڏاهر ڌرتي کي سر جو دان ڏئي وطن سان وفائن جي رومانس ۾ نئون رنگ ڀري ٿو ڇڏي. پنهنجي پٽن کي ڪامياب ڪامورا ۽ نافرمان جانشين بنائيندڙ ڪنهن صديون پراڻي مها ڏاهي لاءِ ڀلي ته عطا محمد ڀنڀري جهڙو سون جهڙو ڪردار ڪا اهميت نه رکندو هجي پر هي ڌرتي سدائين اهڙن ڪردارن تي فخر ڪندي رهندي جيڪي ڏاهر جهڙن پٽن کي جنم ڏيندا آهن. هي جان ته اچڻي وڃڻي آهي، ماڻهو ته ڪاري سائي ۾ به مري فنا ٿيو وڃي پر جي اهو سر وطن جي واٽ تي وڇائجي وڃي ته پوءِ ٻيو کپي به ڇا؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو