Home / ڪور افيئر / سنڌ: مفاهمتي بگهڙ ۽ اصل واڳ ڌڻي!
above article banner

سنڌ: مفاهمتي بگهڙ ۽ اصل واڳ ڌڻي!

Qurban balochجمهوريت کي جمهوريت جي حامين نه پر ان ذريعي حڪمراني ڪندڙن ھٿان اھڙو کاٽ لڳوآھي جو خلق خدا خاص ڪري سنڌ جو عوام ان کان توبهه زاري پيو ڪري جيڪا ڳالهه ھر ساڃاھ وند خاص ڪري جمهوريت جي حامي ذھنن لاءِ خطري واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آھي.

اهڙي صورتحال شايد ئي اڳ ڪڏھن ڏسڻ ۾ آئي ھجي ته عوام خاص ڪري سنڌ جو عوام جنھن ھميشه ڊڪٽيٽرن سان مھاڏا اٽڪايا اھو به جمهوريت تان ويساھ کڻڻ شروع ڪري . اھو سڀڪجهه ڇو ٿيو، ڪيئن ٿيو ؟ منهنجي ڳالهه کي ڪو سرڪاري سياسي سڻڀو ٽڪر کائي موقف اختيار ڪندڙ سڏي سگهي ٿو ته ڪو ايجنسين جو دلال به سڏي سگھي ٿو پر جيڪڏھن ايمانداري سان 2008ع ۾ ڊڪٽيٽر مشرف جي رخصتي بعد ملڪ اندر قائم ٿيندڙ جمهوريت ۽ ان جي نالي تي مفاھمت جي چادر ۾ شروع ٿيل ڦر لٽ ، نااھلي ، کائو کائڻ ڏيو واري پاليسي جو جائزو وٺجي ته سمجهه ۾ اچي ويندو ته ان جو ذميوار ڪير آھي.

july (a) 20

اتي ھڪ سوال اھو اٿي سگھي ٿو ته ملڪ جي حقيقي مالڪن ڄاڻايل صورتحال کي بروقت ڇو نه روڪيو؟ جنھن جو سادو جواب اھو آھي ته ڪير آھي جيڪو پنھنجي مد مقابل کي چوندو ته اڳيان کڏو اٿئي؟ مقابلي وارو ته ھميشه چاھيندو ته سندس مخالف اھو سياسي ئي ڇو نه ھجي وڃي کڏ ۾ ڪري ته جيئن مٿس الزام به نه اچي ۽ سندس رستو به صاف ٿي وڃي. اصل ۾ ملڪ جا اصل مالڪ جيڪي مشرف جي 10 سالن جي دور حڪومت ۾ رھڻ ۽ تڪراري پاليسين سبب سخت ڪمزور ٿي چڪا ھئا تن جي حالت اھا ھئي جو ان جو سپاھي ڊريس ۾ مارڪيٽ ۾ وڃي نه پئي سگھيو. تنھنڪري ان لاءِ ضروري ھو ته اھو ٽائيم وٺي وري تازه دم ٿي اقتدار جي راند ۾ ريفري بڻجي. ھڪ شخصيت ھئي شھيد بينظير جيڪا ڊڪٽيٽر سان اين آر او ڪرڻ باوجود عوام جي طاقت سان اقتدار ۾ اچڻ پئي چاھي اھا سازش جي ور چڙھ وئي ھئي باقي ان جي وارثي ڪندي جيڪي اقتدار ۾ اچڻ واراھئا اھي ٻالڪپڻي کان ڪاٽڪو ۽ ٽه پتائي ھئا پر سندن رسو ڊگھو ڇڏڻ سبب اھي پاڻ کي وڏا دورا انديش سمجھڻ لڳا ھئا.

2008ع کانپوءِ قائم ٿيل نالي ۾ نهال جيڪا جمھوري حڪومت آئي تنهن جنهن طرح سان حڪمراني هلائي تنهن جا نتيجا آڏو اچي چڪا آهن. پارٽي جي ڳڙهه سڏجندڙ سنڌ صوبي جي انفراسٽرڪچر، سياسي ڪلچر توڙي آفيسر شاھي ، تعليم جي تباھي سان گڏ صوبي جي معاشرتي ڍانچي جي تباھي جي شڪل ۾ سڀني سامھون آھي. اھو شايد پھريون ڀيرو ٿيو آھي جو سنڌ جي معاشري جو ڍانچو مجموعي طور ڪرپشن جي ھيٺين سطح تائين منتقلي سبب نه فقط تباھ ٿي ويو پر ان سبب ماڻھن ۾ چڱو ٿيڻ بجاءِ سفيد پوش ڪرپٽ ٿيڻ واري ڊوڙ ۾ واڌ آڻي ڇڏي آھي ،جيڪو شايد صوبي لاءِ عرصي تائين ھاڃيڪار رھندو . اھائي اسلام آباد واسين جي خواھش ھئي جيڪي ڊڪٽيٽر ضياءُ جي ظلم سبب ته پوري نه ٿي سگھي پر ان ظلم سنڌ جي عوام کي سياسي سگھه عطا ڪئي پر نئين طريقي بنا ڪنھن الزام کڻڻ جي اصل قوتن جي سنڌ جي معاشري کي ھيٺين سطح تائين تباھ ڪرڻ جي خواھش پوري ڪري ڇڏي آھي جنھن سبب صوبي جا ننڍا وڏا شھر، ڳوٺ توڙي معاشري جو تاڃي پيٽو تباھ ٿي ويو. انڪري ڳوٺن کان وٺي شھرن تائين حلقاءِ احباب کان وٺي مٽن مائٽن ۾ لڏ پلاڻ جي صورت ۾ وڇوڙا پيا. اھي وڇوڙا ان آسري ۾ پيا ته متان ڳوٺن کان ننڍن شھرن،ننڍن شھرن کان وڏن شھرن ۾ صورتحال ڪا بھتر ھجي پر ھر جاءِ تي ڪاري وارا ڪک. ماڻهن کي سواءِ پاڻ ۽ پنھنجن کان فرار ٿيڻ جي ڪُجهه نه ڦٻيو. سو نام نھاد جمهوري دور ۾ اقتدار ڌڻي مفاھمت جي نالي تي ڦرلٽ ۾ لڳي ويا ته ملڪ جي اصل مالڪن ماضي جي زخمن جو علاج شروع ڪري ساھ پٽڻ شروع ڪيو . جڏھن ته نام نھاد جمهوري حڪمرانن جن مفاھمت جي نالي تي ڦرلٽ ۽ نااھلي جي ھڪ تاريخ رقم ڪئي آھي ان کي ڇيڪ هلڻ کان روڪڻ لاءِ باقي ڪجهه ادارن ذريعي نٿ ھڻڻ جي ٽل ھلائي جيڪا ڪامياب ٿي ۽ اھا ٽل ڪامياب ٿيڻي به ھئي ڇو ته عرصي کانپوءِ جمهوريت جي نالي تي اقتدار ۾ ايندڙ ته مفاھمت جي نالي تي ڦرلٽ جي اھڙي ڪيفيت ۾جنبي ويا ،جو شايد انھن کي اندازو ئي نه ھو ته اھو عمل کين ڊگهو رسو ڊگھو ڏيڻ جي پاليسي جو نتيجو آھي. ائين ناھي ته سندن مد مقابل اکين جو نور وڃائي ويٺو ۽ ڪجهه به نه پيو ڄاڻي.

اقتدار پرستن جو اکيون اھڙيون بند ٿيون جو اصل مالڪ نه فقط ھڪ ڀيرو ٻيھر طاقتور ٿي پنھنجي ڪم ۾ لڳي ويو سواءِ سندن ڦر لٽ ڪرڻ واري عمل سان ھٿ چراند ڪرڻ جي، جنھن تي اقتدار ڌڻي به خوش ھئا ته ڀلا اسان جو نالو نٿا وٺن ته پوءِ اسان ڇو رڙيون ڪيون؟ باقي جيڪڏھن ڪو بلوچ، سنڌي قومپرست نوجوان ، ڪو باشعور ماڻھون کڄي ٿو وڃي ، يا ڪجهه ڏينھن بعد سندس رڻ مان لاش ملي ٿو ته ان ۾ اسان جو ڇا؟. اھو عمل ائين آھي جيئن ڪجهه گھرن تي ٻڌل ڳوٺ ۾ پھرين ڪنھن ھڪ گھر ۾ ڦرلٽ يا چوري ٿي ۽ ٻيا چون ته اسان جو ڇا پوءِ اھو ڏينھن به ايندو ته ڪو ھڪ گھر به نه بچيندو ،ائين ملڪ اندر جمهوريت جي نالي تي ڦرلٽ ڪندڙن سان به ساڳيو عمل شروع ٿي ويو اھو عمل يقيني طور ڪي فرشتا نه پيا ڪن ، پر اصل ڳالهه اھا آھي ته اقتدار ڌڻين ماڻھن سان اھڙي ڪار ڪئي آھي جو انھن جي مد مقابل اسٽيبلشمينٽ ھاڻي ماڻھن کي ماضي جيان دشمن نٿي لڳي ڇو ته ٻنھي ڌرين ۾ صفا معمولي لڪير رھجي وئي آھي.

سو اصل ڌڻين طاقتور ٿيڻ بعد پھرين مرحلي ۾ انھن تمام ٿورين رھجي ويل قوتن کي چٿيو جيڪي پنھنجي حقيقي يا ڌرتي جي حق لاءِ ويڙھاند پيون ڪن انهن کي ماري ڪٽي نيست نابود ڪرڻ بعد ھاڻي ان سياسي مد مقابل ڏانھن موٽ کاڌي آھي جيڪو اڻٽر ٿيڻو ھو. پر ھن ڀيري ھو ڪم ته ساڳيو پيو ڪري پر پنهنجي ثنا خواني ڪرائي پوءِ پيو ڪري. سو صورتحال اھا وڃي بيٺي آھي ته جمهوريت جي حامين يا باشعور طبقي وٽ ڪو گس ناھي بچيو ته ڪنھن جو پاسو کڻن. ھڪ پاسي باھ آ ته ٻئي پاسي پاڻي آ. اڳ جمهوري حڪومتون شايد ھڪ ساھي 7 سال ناھن رھيون ، ھن ڀيري اميد ته اھا ھئي ته جمهوري تسلسل سان گند صاف ٿيندو ، ڪافي ماڻھن کي اھا اميد ھئي انڪري اھي پ پ جي دور حڪومت کي ان شڪ جو فائدو ڏيندا به رھيا پر اھا حڪومت مرڪز مان جڏھن محدود ٿي فقط سنڌ جي دائري تائين محدود ٿي وئي تڏھن به سڌرڻ کان صاف انڪار سبب ھاڻي ته باشعور ۽ جمهوريت ۾ ويساھ رکندڙن به جمهوريت جي نالي تي اقتدار ۾ ايندڙ خاص ڪري سنڌ تي حڪمراني ڪندڙن کان سڌرڻ جو آسرو پلي ڇڏيو آهي.

جيستائين ڳالهه پنجاب جي حڪمراني جي آھي ته ٻيون قومون ڪيترو به ھاڻي مٿو ھڻن ،پنجاب کي اسٽيبليشمينٽ جو نالو ڏين يا حقيقي پاڪستان سڏين پنجاب سان ايندڙ ڪافي سالن تائين مقابلو ته پري جي ڳالهه آھي ان جي ويجھي به نٿا پھچي سگھن. اھو انڪري ته پنجاب ھاڻي ترقي جا ڏاڪا چڙھي ترقي يافته ٿيڻ بعد سرمائيداراڻي نظام ۾ داخل ٿي چڪو آھي جتي زراعت کان وٺي ، ڪميونڪيشن ، توڙي صنعتون ڪارپوريشنز جي شڪل اختيار ڪري چڪيون آھن ۽ اسان خاص ڪري سنڌ جا ماڻھو گهٽيون صاف ڪرائي نه سگهيا آهيون. سنڌ ۽ پنجاب ۾ هاڻ ڪوبه مقابلو ناهي. هو گهڻو اڳتي نڪري چڪا آهن.

سو اصل ڳالهه پئي ھلي اصل مالڪن جي مد مقابل سياسي ڌرين سان موجوده صورتحال جي ته اھا صورتحال اچڻي ھئي ،ڇو ته ملڪ جا اصل ڌڻي ٻيو ڪجهه به ڪن پر سنڌ يا بلوچستان جھڙي سونا آنا ڏيندڙ ڪڪڙ ڪھڻ جي اجازت قطعي نه ڏيندا.سو ان سونا آنا ڏيندڙ ڪڪڙ کي بچائڻ وارو عمل پھرين بلوچستان ۾ ڊڪٽيٽر مشرف پوءِ جمهوريت ۽ عوام جي حقن جي داعي ھئڻ واري دعويدار جماعت پ پ جي دور ۾ پڻ جاري رھيو. جيڪو ھاڻي سنڌ ۾ شروع ٿيو اھو ڪراچي ۾ ڏوھارين جي خلاف آپريشن جي صورت ۾ ھجي يا صوبي جي ٻين حصن ۾ نيب جي شڪل ۾ ٽي ايم اوز يا ٻين ڪرپٽ مافيائن خلاف جاري ڪارروائي جي صورت ۾ ڇو ته اھو طئي آھي ته سنڌ جھڙي سونا بيضا ڏيندڙ ڪڪڙ کي مرڻ ته ڏيڻو ئي ناھي ،جيڪا پھرين مرحلي ۾ صوبي جي قومپرست جماعتن ۽ ٻئي مرحلي ۾ جمهوري سياسي جماعتن جي فوتگي بعد بنا ڪنھن خوف خطري جي ايندڙ ڊگھي عرصي تائين اصل مالڪن جي هٿ وس رھڻي آھي. باقي چوڻ وارا چون ٿا ته مفاھمت واري لست صرف پ پ وارن اڪيلي سر نه ورتي ھئي. ان جي لست ھر اتحادي ايم ڪيو ايم کان وٺي اي اين پي توڙي فنڪشنل وارن کي به وٺرائي وئي ھئي ،جنھن جو صلو اي اين پي کي ته عام چونڊن ۾ مليو ڇو ته پٺاڻ قوم جذباتي قوم آھي اھو پلئه پلاند ڪرڻ ۾ دير ناھي ڪندي، باقي جنھن قوم سستي ڪئي اتي وري حڪمرانن خلاف اصل مالڪ سرگرم ٿيا جنھن تي منھنجي ناقص راءِ مطابق قوم خاص ڪري سنڌ واسي اھي سنڌي ڳالھائيندڙ ھجن يا اردو ڳالھائيندڙ خوش آھن. جيتوڻيڪ کين خبر آھي ته سندن ڀرجھلو سندن سڄڻ ناهي پر ٻئي پاسي به ته بگھڙن ھڻي سندن ڪکون ڦاڙي وڌيون جيڪو سلسلو کٽڻ جو نالو نه پيو وٺي.

ملڪ جي سياسي ڌرين جنھن ۾ ملڪ گير ڌرين ۾ مسلم ليگ نواز جنھن کي اڃا شڪ جي گنجائش ڏيڻ جو موقعو آھي جنھن جي تفصيلن جو ٻئي ڀيري ذڪر ڪبو ، باقي ٻين ڌرين جي ڪرتوتن جي اھا حالت آھي جو دھشتگردن خلاف فوجي آپريشن ھجي يا وائيٽ ڪالر ڪرائيم ڪندڙ خلاف رينجرز يا ايف سي جو ڪارروايون ھجن غلط يا درست، ٻوڏ ھجي ، ٻيلن ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ھجي اليڪٽرانڪ ميڊيا کان پرنٽ ميڊيا تائين، ھر جاءِ تي اصل مالڪن جي واھ واھ لڳي پئي آھي. اها صورتحال ڪڌا ڪرتوت رکندڙ سياسي ڌرين جي ڪارنامن جونتيجو آھن نه ته ڌوتل پوتل ته ٻي ڌر به ناھي پر ان کي خبر آھي ته اسان کي مستقل رھڻو آھي انڪري صبر سان کائو ڇو ته صبر جو ڦل مٺو ھوندو آھي.

هاڻوڪين حالتن ۾ دوستن جو سوال اڪثر اھو ھوندو آھي ته اسلام آباد ڇا ٿو سوچي؟ جيتوڻيڪ اھو سوال ڪندڙ دوست اڪثر سياسي ڪارڪن رھيا کين اندازو آھي ته اسلام آباد مطلب اسٽيبلشمينٽ ڇا ٿي سوچي ، پر سندن سوال ڪرڻ جو مقصد شايد اھو ڪجهه ٻڌڻ جي خواھش آھي ،جيڪو ھو سوچي ٿو يا سندس تمنا آھي پر شايد ملڪ خاص ڪري سنڌ اندر عرصي تائين سياسي شعور جو جاڳي پوڻ ۽ ان جي آسري تي معاشري ۾ ڪنھن مثبت تبديلي واري تمنا شايد پوري ٿي. ڇو ته ھاڻي اسٽيبلشمينٽ جيڪا واٽ ورتي آھي ان ۾ قومن تي مجموعي طور لٺ وسائڻ بجاءِ ڌرين کي اڪيلو ڪري مارڻ آھي جنھن جو قصور وار اتي جو عوام نه پر سندن اھو سياسي اثاثو آھي جن جي آسري تي اھو عوام ويڙھاند ڪندو رھيو . پر موجوده مرحلي ۾ سندن سياسي نمائندن ساڻن اھا ڪار ڪئي جو عوام جو مٿن اعتماد کڄي ويو، باقي اسلام آباد مطلب حقيقي واڳ ڌڻي ته خيبر کان وٺي ڪراچي تائين اڻسڌي ريت حڪمراني ڪري پيو انکي سڌي ريت اچڻ جي شايد في الحال ڪا ضرورت ئي ناھي.ھاڻي صورتحال ان شعر وانگر وڃي بيٺي آھي:

“اداسي،ڪام ڪيسا ڪرگئي ھي

ڪوئي شي ھي جو اندر مرگئي ھي”

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو