Home / سياسي افيئر / سنڌ ۽ پ پ: ڇا متبادل سياسي قوتن سان نه ڳالهائڻ گهرجي؟
above article banner

سنڌ ۽ پ پ: ڇا متبادل سياسي قوتن سان نه ڳالهائڻ گهرجي؟

Naseer Memonڇهين آگسٽ تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي سرواڻ عمران خان سنڌ سان تعلق رکندڙ ليکڪن ۽ ٽيڪنوڪريٽس کي پنهنجي گهر چانهه جي ڪوٺ ڏني. ان ويهڪ سڏائڻ جو مقصد سنڌ جي سڄاڻ ماڻهن کان سنڌ جي مسئلن ۽ ويچارن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ هو. اٽڪل ٻن ڪلاڪن دوران ان ويهڪ ۾ فضل الله قريشي، نصير ميمڻ، نذر ميمڻ، زبيده برواڻي، سڪندر هليو، حسين جروار، محمود نواز شاهه، ڪرشن شرما، ڪپيل ديو، قربان بلوچ شامل هئا. جڏهن ته پي ٽي آءِ پاران عمران خان، اسد عمر، علي اصغر خان، نعيم الحق ۽ ذوالفقار هاليپوٽو شامل هئا. گڏجاڻي دوران هيٺيان نڪتا عمران خان اڳيان رکيا ويا.

سنڌ وڏيرن ۽ ڪرپٽ مڊل ڪلاسين جي راڄ کان ڪڪ ٿي چڪي آهي ۽ اها وچولي طبقي جي روشن خيال ماڻهن جي اهڙي قيادت جي ڳولا ۾ آهي جنهن کي سنڌ جي قومي حقن جي جدوجهد سان سنجيدگي هجي.

سنڌ واسي جمهوريت ۽ روشن خيالي واري سياست جا حامي آهن ۽ اهي ڪنهن به غير جمهوري ۽ تنگ نظري جا حامي نه ٿيڻ چاهيندا.

ارڙهين ترميم وسيلي صوبن کي مليل اختيارن تي هڪ حد تائين اڃا به وفاق جو قبضو آهي. تيل ۽ گئس جا وسيلا هجن يا بجلي گهر لڳائڻ وارو معاملو هجي، اسلام آباد اڃا تائين ان مٿان قابض آهي.

پاڻيءَ جي مسئلي تي سنڌ وٽ انگن اکرن ۽ دليلن تي ٻڌل ڪيس آهي. ڪالاباغ ڊيم جهڙا منصوبا سنڌ کي هرگز قبول ناهن ۽ اهو ڪو سکڻو جذباتي معاملو ناهي پر ان جي پٺيان ماضيءَ جا تجربا ۽ مضبوط دليل موجود آهن.

سنڌ واسي شهرن ۾ دهشتگردن ۽ ٻهراڙين ۾ ڌاڙيلن جي راڄ کان نجات چاهين ٿا.

juli  31-28 b

سنڌ جي ٻهراڙين ۾ انفرااسٽرڪچر تباهه ٿي چڪو آهي ۽ ميونسپل سروسز ڪرپٽ ٽولن وٽ يرغمال آهن، سنڌ ۾ تعليم، صحت ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ سميت بنيادي خدمتن جا شعبا مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪا آهن.

سنڌ ۾ هندو برادريءَ سان زيادتيون انتها تي آهن ۽ سندن نوجوان نياڻين کي اغوا ڪري زوري مذهب مٽائڻ جا ڪيس ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن، رياستي ادارا سندن ڪا به واهر نه ٿا ڪن بلڪه کين هيسائيندڙ ڌرين کي هٿي ڏني وڃي ٿي.

ڪجهه قوتون سنڌ ۾ مذهبي ۽ فرقيوار نفرت کي هٿي ڏئي رهيون آهن ۽ ڪجهه اهڙين انتهاپسند ڌرين کي ٽيڪ ڏني پئي وڃي جيڪي انتهاپسنديءَ جو زهر پکيڙي سنڌ جي رواداري وارين روايتن کي تباهه ڪرڻ گهرن ٿيون.

سنڌ ۾ سياسي ڪارڪنن کي گم ڪرڻ ۽ سندن چٿيل لاش ڦٽا ڪرڻ وارو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، جنهن سان سنڌ ۾ شديد رد عمل پيدا ٿيڻ جو انديشو آهي. ان سان سنڌ جي پرامن سياسي جدوجهد واري ڪلچر کي ڌڪ رسندو.

ڪراچيءَ ۾ نوان شهر اڏي ۽ رهائشي اسڪيمن جو ڄار وڇائي قديمي ڳوٺن کي زبردستي خالي ڪرايو پيو وڃي. ان سان سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري ۾ واڌ ايندي ۽ مقامي ماڻهن پنهنجي ڌرتيءَ تي اقليت ۾ بدلجڻ جو انديشو آهي.

سنڌ جي اڌ کان وڌيڪ آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي. ميرٽ جي لتاڙ ۽ ترقيءَ جا موقعا نه هجڻ سبب نوجوانن ۾ سخت فرسٽريشن ۽ مايوسي پکڙجي رهي آهي، جنهن جا هاڃيڪار نتيجا نڪري سگهن ٿا.

گذريل ٻن اڍائي ڏهاڪن دوران سنڌ ۾ هڪ متحرڪ وچولو طبقو اسريو آهي، جيڪو جاگيرداريت کان نجات چاهي ٿو. بدقسمتيءَ سان ڪا سگهاري سياسي قوت نه هجڻ سبب ان طبقي جي صلاحيتن مان سنڌي سماج کي ڪا به هڙ حاصل نه ٿي رهي آهي.

سنڌ جي زرعي معيشت کي مڪمل طور نظرانداز ڪيو ويو آهي. وچولي ۽ ننڍن آبادگارن کي بئنڪن مان قرض نه ٿا ملن ۽ خطي جي واپاري ڏي وٺ کي روڪي سنڌ جي زرعي معيشت جي اوسر کي روڪيو ويو آهي.

مٿي ڄاڻايل نڪتن کان سواءِ ٻيون به ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪيون ويون جن جو سربستو احوال هن مضمون ۾ سمائڻ ممڪن ناهي، ڳالهه ٻولهه دوران عمران خان ڪيترائي سوال پڻ ڪيا ۽ ڪن ڳالهين تي پنهنجو رد عمل به ظاهر ڪيو. هن پنجاب جي بالادستي ۽ ننڍن صوبن سان زيادتين خاص طور تي سنڌ جي ٻهراڙين جي بدحالي ۽ غربت جو به ذڪر ڪيو.

گڏجاڻيءَ ۾ موجود ڪجهه دوستن ان ميٽنگ جو احوال ۽ تصويرون سوشل ميڊيا تي به ڏنيون جنهن تي مختلف نوعيت جا تبصرا به پڙهڻ وٽان مليا. مان هتي ڪنهن به تبصري جو جواب نه ڏيندس پر ان قسم جي ملاقاتن جي حوالي سان ڪجهه بنيادي معاملن تي ڳالهه ڪرڻ چاهيندس.

ڪجهه دوستن ان گڏجاڻي مان اهو گمان ڪڍيو ته اهي سڀ ماڻهو پي ٽي آءِ جا يا ته حامي ٿي ويا آهن يا وري ان ۾ شامل ٿيڻ لڳا آهن. هڪ ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته سنڌ جي ليکڪن، اديبن ۽ ٽيڪنوڪريٽس جو ڪنهن به سياسي ڌر سان ملڻ ڪا عيب جي ڳالهه ناهي. اهو سياسي عمل جو لازمي حصو آهي. ٻي ڳالهه ته ملاقات ۾ ڪا عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جي واهه واهه نه ڪئي وئي بلڪه سندس پارٽي ۽ پاليسين سان اختلاف راءِ به کليل لفظن ۾ ڪيو ويو. ٽين ڳالهه ته ملاقات جو سمورو محور سنڌ جي سياسي ۽ سماجي صورتحال هئي، اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته پي ٽي آءِ اسان مان ڪنهن کي وڻي يا نه وڻي پر اها ملڪ جي هڪ سگهاري سياسي ڌر آهي، جنهن وٽ هڪ صوبي جي حڪمراني به آهي ته سندس حامي سمورن صوبن ۾ موجود آهن. ان جي سياسي نقطئه نظر يا پاليسين بابت مختلف رايا ضرور ٿي سگهن ٿا پر ان جي سياسي سگهه کان انڪار ممڪن ناهي. سنڌ جي ساڃاهه وندن توڙي سياسي اڳواڻن کي هر اهڙي ڌر سان سياسي طور سنڌ جي مسئلن بابت ضرور لهه وچڙ رکڻ گهرجي جيڪا اقتداري سياست ۾ ڪو نمايان حصو پتي رکي ٿي يا مستقبل ۾ هڪ سگهاري ڌر طور اڀرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. اڄوڪي ملڪي ۽ عالمي سياسي وايو منڊل ۾ انگيجمينٽ اڻ ٽر ضرورت آهي.

سنڌ جي لاءِ ته اها حڪمت عملي ان ڪري به ضروري آهي جو سنڌ هن وقت انتهائي مشڪل صورتحال مان گذري رهي آهي. سنڌ واسين جنهن پارٽيءَ کي چاليهن سالن کان مٿي تي کڻي گهمايو ان وٽان سواءِ برباديءَ جي ڪجهه حاصل نه ٿيو آهي. عمران خان ۽ سندس پارٽيءَ سان اختلاف راءِ رکڻ جي باوجود اهو سمجهڻو پوندو ته هو اقتداري سياست جي هڪ اهڙي ڌر آهي جيڪا ايندڙ سالن ۾ ملڪي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. ماضيءَ ۾ به سنڌ واسين پيپلز پارٽيءَ کي سنڌين جي پارٽي ڄاڻيندي باقي سمورين سياسي ڌرين کان وٿي رکي آهي، تجربي ثابت ڪيو آهي ته سمورا بيضا هڪ ٽوڪريءَ ۾ وجهڻ ڪا بهتر حڪمت عملي ناهي.

سنڌ ۾ سياسي متبادل نه هجڻ سبب سنڌ هڪ پارٽيءَ وٽ يرغمال بڻجي چڪي آهي، جيڪا سئو ڀيرا ڀنگ وٺڻ کان پوءِ به سنڌ کي آجو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. جيستائين پارلياماني سياست جي متبادل ڌرين سان سنڌي لهه وچڙ ۾ نه ايندا تيستائين سياسي طور يرغمال ئي رهندا. ياد رهي ته لهه وچڙ جو مقصد ڪنهن جي غير مشروط حمايت ناهي، لهه وچڙ جو بنياد سنڌ جي بهتري ئي هجڻ گهرجي، سنڌ واسي جيستائين پنهنجي ووٽ کي سنڌ جي اجتماعي ڀلائيءَ واري بارگيننگ ڪارڊ طور استعمال نه ڪندا سندن مٿان سورن وارو سج ڪڏهن به نه لهندو. هن وقت صورتحال اها آهي ته اسان هر اليڪشن ۾ پنهنجو ووٽ يا ته مقدس نالن ۽ نعرن جي موٽ ۾ يا وري ڪجهه خسيس ذاتي مفادن جي موٽ ۾ ڏئي اچون ٿا. جڏهن ووٽ وٺندڙ ڌرين کي خبر پئي ٿي ته ايتري بربادي ڪرڻ کان پوءِ به عوام بنا پڇاڻي پنهنجو ووٽ اسان جي جهوليءَ ۾ وجهندو رهندو ته پوءِ ان کي پاڻ سڌارڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. اهو رويو رڳو تڏهن ئي تبديل ٿي سگهندو جڏهن کين خبر پوندي ته سنڌ واسي پنهنجو ووٽ ڪنهن ٻي ڌر کي به ڏيڻ لاءِ سوچي سگهن ٿا.

منهنجي راءِ ۾ ڳالهه ٻولهه جي حد تائين انگيجمينٽ ڪرڻ ۾ ڪا به خرابي ناهي پر انهن ڳالهين جو مرڪز سنڌ جا مسئلا ۽ سنڌ جا حق هجڻ گهرجي. البته دهشتگردي، مذهبي انتهاپسندي ۽ سنڌ دشمنيءَ ۾ چٽي طرح ملوث ڌرين سان ڪنهن به قيمت تي ڳالهه ٻولهه نه ٿيڻ گهرجي. سنڌ جي سياسي حقن لاءِ ضروري آهي ته اهڙين اڀرندڙ سياسي ڌرين سان سنڌ جي مسئلن تي هاڻي کان ئي چٽو موقف رکڻ گهرجي ته جيئن سندن پارٽي پاليسين ۾ سنڌ جا مسئلا به شامل ڪري سگهجن.

nmemon2004@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو