Home / سياسي افيئر / سنڌ ۾ سياسي تبديلي ممڪن آهي؟
above article banner

سنڌ ۾ سياسي تبديلي ممڪن آهي؟

زاهد مرتضيٰ ڌاريجو

پاڪستان جي سياست ۾ ڀلي سياسي پارٽيون هجن، انهن جا مول متا ۽ نظريا هجن ۽ قوم لاءِ  ڪي سٺا پروگرام به رنگين پنن تي ڇپيل هجن، پر اهي سڀ ڏيکاءَ لاءِ  هجن ٿا. انهن جو  عوام سان ڪٿي پري جو به تعلق ناهي. پاڪستان اندر سياسي پارٽيون شخصيتن جي سحر ۾ ورتل آهن، جيئن گذريل پ پ پ جي دور ۾ ڀلي وزيراعظم گيلاني يا راجا هجي پر سڄو اقتدار زرداري جي شخصيت جي چوڌاري گهمي رهيو هو. جئين هاڻي نواز شريف عقل ڪل بڻيل آهي ۽ ايوان صدر ۾ ويٺل ممنون حسين اڄ به مسلم ليگ جو موڳو مامو بڻيل آهي، هن ملڪ ۾ شخصيتون ئي سياست  تي  حاوي آهن نه ڪي سياسي پارٽيون يا ادارا.

2013ع جي اليڪشن ۾ جتي وڏي گهماگهمي هئي ۽ اڪثريت سنجيده  ماڻهن جي  ان آسري ۾ هئي ته من هاڻي ڪو نظام تبديل ٿئي  ته جيئن صدين کان رليل نسل من ڪو سک جو ساهه کڻي  پر وري به ڪاري وارا ڪک گندي مان نڪتا ۽ وري مايوسين اچي واسو ڪيو. نواز شريف سڄي سنڌ جا دورا ڪيا چڱا ڀلا لٺ سردار ۽ رٽائرڊ ڪامورا به ان جي شخصيت ۾ وٺجي ويا،  ميان صاحب ته سنڌ وارن جي دل وٺڻ لاءِ وڃي مرحوم بشير خان قريشي جي مزار وٽ نڪتو، پر جڏهن نتيجا آيا ته سنڌ وري به ڳڙهي خدا بخش ۾ ستل ڀٽن جي قرض ۾ لڙهي وئي، نيٺ همراهه وڃي پنجاب وسايو ۽ باقي بچيل مسلم ليگ کي خيرپور واري شاهه حوالي ڪري ايندڙ ملاقات ۾ ملنداسون چئي، ممنون کي ساڻ ڪري وڃي اسلام آباد جا وڻ وسايائين، خيرپور واري سيد ان مسلم ليگ کي گند جي ڍير تي اڇلائي پاڻ وڃي ڪراچي آرامي ٿيو. پر پوءِ “ن ليگ” کي راهوڪي جي راهن حوالي ڪيو ويو ۽ ميان صاحب جو اهو نياپو به ڏنو ويوته مئل مسلم ليگ ۾ ساهه ڦوڪيو.

july (a) 26

جيڪڏهن “ن ليگ” واقعي به ملڪي عوامي پارٽي هجي ها ته اِها ضرور ان رسي ويل شاهه ۽ محمد اسماعيل راهو کي پنجاب مان سينيٽر چونڊرائي ها جنهن مان ان جي قومي پارٽي جو ٽبوت به ملي ها ۽ ڪجهه آٿت مصيبت ماريل سنڌين کي به ٿئي ها. پر نالي ۾ نهال اها “ن ليگ” اڄ به پنجاب جي پارٽي آهي ۽ پاڪستان ٺاهيندڙ سنڌ سان اڄ به ان جو رويو ساڙ ۽ حسد وارو آهي. ميان صاحب نه ڪالهه قومي ليڊر ٿي سگهيو ۽ نه وري اڄ آهي، هن کي ته پنجاب جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن جا نه ته نالا ياد آهن ۽ نه وري انهن جا تڪ، جڏهن به ان پنجاب جي پارٽي تي ڏکيو وقت اچي ٿو ته اتان جي آفيسر شاهي ان کي انهن ميمبرن جا ڦوٽو، تڪ ۽ نالا پنن تي لکي ميان صاحب کي ڏيندي آهي تنهن کانپوءِ وڃي ميان صاحب کي خبر پوندي آهي ته اهي ماڻهو منهنجي پارٽي ۾ آهن….!!

شهيد بي نظير جي ور ليڊر آصف علي زرداري، ڀٽي جي پارٽي کي عجوبو بڻائي ڇڏيو آهي. پارٽي جو منشور دبئي جي ڪنهن محل نما بنگلي ۾ ڪنهن الماري جي زينت بڻيل آهي ۽ اهو منشور هاڻي پاڪستان اچڻ لاءِ تيار ناهي جو هاڻي اهو منشور نه ته ڀٽي جو رهيو آهي ۽ نه وري ان جو عوام سان ڪو لڳ لاڳاپو آهي. هاڻي ان منشور ۾ ترميم ڪري ان کي ڪرپٽ ۽ نااهل ماڻهن جو اڃا به امير ٿيڻ وارو پروگرام بڻايو ويو آهي. سنڌ جي ماڻهن کي رڳو “فلائنگ ڪس” نصيب ۾ آهي. ڀلا اِها “فلائنگ ڪس” به ڪا عام ماڻهو جي آهي…!! هيڏن ظلمن ۽ محرومين جي ماريل عوام کي واري به اها ڀٽي جي نالي  ۾ “سکڻي فلائنگ ڪس” مبارڪ هجي….

ڪجهه وقت اڳ اخباري دنيا جي هڪ مالڪ به وڏي ڪوشش ڪئي ته سنڌ تبديل ٿئي ۽ ڪيترائي هم  خيال “دهل” کڻي نڪري پيا. پاڻ چون پيا ته سڄي سنڌ مان زبردست موٽ ملي ۽ ماڻهن ۾ به چاهه نظر آيو ته هاڻي تبديل ٿجي ان لاءِ وڃي لاکيڻي لطيف کي پاسو ڏنائون، پر پوءِ خبر ناهي اها تبديلي ڇو نه اچي سگهي جيڪا اچڻ گهرجي ها ۽ جنهن جي خواهش اندر ۾ سانڍيو ڪيترائي ديوانا اخبار ۾ ڇپجڻ لڳا ته من ڪا تبديلي اچي پر “بندي جي من هڪڙي ۽ تبديلي آڻڻ وارن جي من ۾ ڪا ٻي” ايئن اها ڳالهه به ڳڙ ٿي وئي.

سنڌ ۾ اهڙا ڪيترائي ماڻهو آهن جيڪي پاڻ کي “سول سوسائٽي” سڏائيندي فخر محسوس ڪن ٿا ۽ اهي سمجهن ٿا ته اهي ئي عقل ڪل آهن باقي هي گگدام دوسو، جيئن هنن جا پويان نسل گذاري آيا آهن تيئن هنن جا باقي نسل به ايئن گذري ويندا. ڪرڻو ڪجهه به ناهي سواءِ “تبديلي جي رينگٽ جي  ۽ اهو ته سنڌ ۾ ڪو متبادل ناهي” جڏهن چون به ٿا ته ماڻهو بيزار آهن ۽ تبديل ٿيڻ لاءِ آتا آهن ته پوءِ آخر دير ڇا جي آهي. اهي ڪهڙي مسيحا جي انتظار ۾ آهن. اهو ڪٿان ايندو، زير زمين مان ايندو يا آسمان مان لهي ڪنهن سول سوسائٽي جي سرگرم اڳواڻ جي گهرو ويندو ۽ پوءِ اتان اهو تبديلي شروع ڪندو…. اهو تبديلي جو عمل اهي پاڻ به شروع ڪري سگهن ٿا ڇو جو اهي پاڻ به بهترين مقرر، باهمت ماضي جا سياسي ڪارڪن ۽ هن وقت تبديلي جا خواهشمند آهن. ان ڪري انهن کي اڳتي اچڻو پوندو. هنن جي نظر ۾ جڏهن سڄو نظام ئي ڪرپٽ ٿي چڪو آهي ۽ سياسي پارٽيون به ڪجهه نه ٿيون ڪري سگهن ۽ عوام جو انهن تي اعتماد به ناهي رهيو ته پوءِ آخري رستو ۽ حل اهي سول سوسائٽي جا معتبر ئي آهن جيڪي باقي ڪجهه تبديلي لاءِ ڪري سگهن ٿا. ان ڪري انهن کي گهرجي ته اهي وڌڪ مونجهارا پيدا ڪرڻ جي پاڻ ۾ ويهي ڪا سياسي پارٽي جوڙين ۽ بدحال ٿي ويل عوام جو آواز بڻجن. باقي وقت ضايع نه ڪجي ۽ وڌيڪ گمراهه نه پاڻ کي ڪجي ۽ نه وري عوام جون اميدون هروڀرو وڌائجن جن سان ڌيڪ تباهي جي ٻيو ڪجهه به پلئه ناهي پوڻو. مايوس ۽ بدظن ويٺل سياسي ڪارڪن انهن جي سگهه ٿي سگهن ٿا.

مٿان بلدياتي ادارن جي چونڊ اچي پئي ان ڪري انهن کي گهرجي ته ان لاءِ تياري ڪن ۽ ڪوشش ۽ عمل سان سڀ ڪجهه ٿي سگهي ٿو بجاءِ جو ڪو روئڻو ويهي روئجي. هن وقت سنڌ ۾ حالتون انهن تبديلي پسندن جي حق ۾ آهن جيڪڏهن انهن ڪا پهل ڪئي ته ضرور ڪو نتيجو نڪرندو نه ته انهن  کي به عوام انهن ماڻهن جي صفن ۾ ڏسندو جيڪي انهن جي تباهي جو سبب بڻيا آهن. وقت آهي اڳتي وڌڻ جو ۽ مصيبتن ۾ ماريل ماڻهن جي ساٿ ڏيڻ جو، بجاءِ جو ڪالم لکي  بحث مباحثا ڪري هڪٻئي کي مات ڪجي ۽ ويهي  هڪٻئي کي ڀري بازار ۾ اگهاڙو ڪجي. بهتر آهي ته اندر جي ذاتي انائن ۽ خواهشن کي هن قوم مٿان قربان ڪجي اها سگهه پاڻ ۾ پئدا ڪجي ۽ هڪٻئي کي برداشت ڪجي ۽ پاڻ مان ئي ڪو بهترين ماڻهو چونڊي ان کي اڳواڻ ڪجي ۽ ان جا هٿ مضبوط ڪجن ته جيئن سنڌ ۾ تبديلي جو خواب جيڪو سڀني جو آهي اهو ساڀيان جي طرف گامزن ٿي سگهي.

آخر ۾ هي سٽون لکڻ تي به مجبور آهيان ته ان سول سوسائٽي ۾ ڪجهه ڪردار ته ايترا هلڪڙا ٿا لڳن جيئن آلا ڪپڙا تار تي پيل هجن ڪجهه دير لاءِ ته اهي پاڻي جي بار ڪري ڳرا هوندا آهن پر جڏهن سڪي ويندا آهن ته هوا ۾ اڏامڻ لڳندا آهن ۽ اهڙن هلڪڙن ڪردارن جي ماڻهن کي ته هاڻي ڏند ڏسڻ جي به ضرورت

اهي جو اهي پاڻ ئي پنهنجي ڪردار ۾ وائکا ٿي چڪا آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو