Home / اسپيشل افيئر / سنڌ ۾ ٻيلن جي تباهي سنڌ جي بربادي جو سبب بڻجڻ لڳي
above article banner

سنڌ ۾ ٻيلن جي تباهي سنڌ جي بربادي جو سبب بڻجڻ لڳي

Barkat Nonari1994ع ۾ پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ ان وقت جي مائيننگ (کاڻين) جي وزير آغا طارق پنهنجي زال گلنار بيگم جي نالي تي ملير ندي جي ڇوڙ واري علائقي ۾ موجود ٻيلي کاتي جي 342 ايڪڙ زمين مائيننگ (کاڻين) جي مقصد جي لاء 30 سالن تي ليز ڪرائي. جولاءِ 1996ع ۾ آغا طارق سنڌ روينيو بورڊ تي سياسي دٻاءُ وجھي اها ساڳي ئي زمين 99 سالن جي ليز ۾ تبديل ڪرائي ۽ هڪ نوٽيفيڪشن جي ذريعي ترميم ڪرائي ان زمين کي تجارتي، رهائشي يا صنعتي مقصدن جي لاء استعمال ڪرڻ جي منظوري ورتي. سيپٽمبر 1996ع ۾ آغا طارق جي زال گلنار بيگم (جنهن جي نالي تي اها زمين ليز ٿيل هئي) مرينا سٽي ڊيولپمينٽ نالي هڪ نجي ڪمپني جي ٽن پارٽنرن محمد آصف بيگ، خالد مسعود ۽ سيما ٽيريسا گِل جي نالي لکي ڏني. (سِيما ٽيريسا گِل اصل ۾ آغا طارق جي زال گلنار بيگم جي گھريلو نوڪرياڻي هئي جنهنجي ڪوڙي صحيح سان گلنار بيگم پاڻ ئي مرينا سٽي جي مالڪ بڻيل هئي.

2007ع ۾ سنڌ حڪومت جي بورڊ آف روينيو ان 342 ايڪڙ زمين سان گڏ ٻيلي کاتي جي ان سان لڳ خالي پيل 148 ايڪڙ زمين شامل ڪري ٽوٽل 490 ايڪڙ زمين (ملير ندي جي ٻنهي پاسن کان ڪورنگي ڪريڪ جي زمين) امجد حسين اينڊ ڪمپني کي وڪڻي ڇڏي، جنهن کان پوءِ ان زمين جي مالڪيءَ جو ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ هليو. ڪيس هلندي هڪ ٽيون دعويدار 1937ع جا ڪاغذ کڻي ڪورٽ ۾ پيش ٿيو جنهن جي 1937ع جي جعلي دستاويز تي ضلعو اوڀر لکيل هيو ۽ 1937ع ۾ ڪراچي صرف هڪ ضلعو هيو. ان کان پوءِ ڊي ايڇ اي به سپريم ڪورٽ ۾ ڌر ٿي ته اها زمين ڊي ايڇ اي جي ويجھو هجڻ ۽ سلامتي جي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي بنيادن تي ڊي ايڇ اي جي حوالي ڪئي وڃي. سيپٽيمبر 2014ع ۾ اها 490 ايڪڙ زمين 11979000 روپين (24447 روپيا في ايڪڙ) عيوض ڊي ايڇ اي کي ڏني وئي. ان کان پوء ڊي ايڇ اي گزري ڪريڪ ۾ موجود سنڌ حڪومت جي ٻيلي کاتي جي 40 ايڪڙ زمين تي ڦهليل تمر جي ٻيلن تي به قبضو ڪري ٽوٽل 530 ايڪڙ زمين ڊي ايڇ اي فيز 7 ايڪسٽينشن ۽ فيز 8 ۾ شامل ڪري ڇڏي.

ڊي ايڇ اي ڪريڪ اوينيو جي ذوالفقار اسٽريٽ 1 ۽ ڪورنگي روڊ جي وچ واري علائقي ۾ 600 ايڪڙن تي مشتمل تمر جي ٻيلن واري زمين سنڌ جي وڏي وزير جي هڪ اڳوڻي سيڪريٽري ۽ هاڻوڪي سياستدان کي غير قانوني طور اثر رسوخ هلائي پاڻ کي الاٽ ڪرائي ڇڏي. ان زمين جي موجوده مارڪيٽ قيمت 400 ارب روپيا آهي. اڳوڻي سيڪريٽري اها زمين ڊي ايڇ اي کي وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڊي ايڇ اي زمين پئسن عيوض خريد ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ اها دعويٰ ڪئي ته جيئن ته اها زمين عربي سمنڊ سان لڳندڙ سامونڊي پٽي تي آهي تنهنڪري هي زمين سنڌ حڪومت جي ملڪيت ناهي ۽ سنڌ حڪومت کي اها زمين ڪنهن به ماڻهو کي الاٽ ڪرڻ يا نيلام ڪرڻ جو قانوني حق ناهي. لڳي ائين ٿو ته ڊي ايڇ اي اها زمين کانئس ڦٻائي ويندي.

july (a) 44

ڇِڻ ڪريڪ ڪراچي شهر (انگريزن جي دور ۾ موجوده ٽاور کان صدر بازار جي علائقي کي ڪراچي سِٽي يا ڪراچي شهر جو نالو ڏنو ويو هيو) کان ڪياماڙي تائين هڪ سامونڊي چئنل هيو جيڪو شهر کان سمنڊ تائين پهچڻ جو ذريعو هيو. ان کان سواءِ هڪ ٻيو چئنل موجوده ڪسٽم هائوس کان ڪياماڙي طرف هيو جيڪو پنهنجي وهڪري ۾ سوڙهو هجڻ جي ڪري ننڍين ٻيڙين جي لاءِ استعمال ٿيندو هيو جتان گذري سمنڊ طرف داخل ٿي سگھبو هيو. انگريزن جي دور ۾ ڪياماڙي هڪ سامونڊي ٻيٽ هيو ڪياماڙي جي هڪ پاسي ڇڻ ڪريڪ ۽ ٻئي پاسي هڪ ننڍي ڪريڪ هئي جيڪا موجوده ڪسٽم هائوس وٽان هئي. سنڌ تي انگريزن جي قبضي کان پوءِ جڏهن چارلس نيپيئر سنڌ جو گورنر مقرر ٿيو ته ان ڪراچي بندر کي ٺاهڻ شروع ڪيو جنهن کان پوءِ ڪراچي شهر کي ڪياماڙي جي ٻيٽ سان ڳنڍيو ويو جنهنجي نتيجي ۾ ڪراچي شهر کان ڪراچي بندر (ڪراچي پورٽ تي پهچڻ ۾ سولائي ٿي ان رستي کي نيپيئر مول جو نالو ڏنو ويو. نيپيئر مول جي تعمير ٿيڻ کان پوءِ ڇڻ ڪريڪ ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي هڪ کي ايسٽ وارف (اوڀر وارو دڪو) ۽ ٻي کي ويسٽ وارف (اولهه وارو دڪو) سڏيو ويو. ڇڻ ڪريڪ جي اوڀر واري پاسي ريلوي لائين وڇائي ڪياماڙي کي ڪراچي سٽي اسٽيشن ۽ ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن سان ملايو ويو. نيپيئر مول ۽ ريلوي لائين کان پوءِ ڇڻ ڪريڪ لٽ چڙهڻ جي ڪري سُڪڻ لڳي ۽ اها زمين سمنڊ ڇڏي پوئتي هٽيو. ان زمين تي ڪراچي پورٽ اڏيو ويو. ان وقت سنڌ بمبئي پريزيڊنسيء جو حصو هئي، 1886ع ۾ بمبئي ليجيسليٽو ڪائونسل ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ائڪٽ پاس ڪيو ۽ 1887ع ۾ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ قائم ڪيو ويو.

23 مارچ 1887ع تي گورنمينٽ آف بمبئي ڪراچي پورٽ جون حدون مقرر ڪرڻ جي لاء هڪ نوٽيفيڪيشن جاري ڪيو جنهن مطابق ڇڻ ڪريڪ جي 177 ايڪڙ زمين ڪراچي ميونسپالٽي کان خريد ڪئي وئي، 61 ايڪڙ زمين مينسفيلڊ امپورٽ يارڊ جي لاءِ ڏني وئي ۽ 115 ايڪڙ زمين ڪياماڙيء ۽ ڇڻ ڪريڪ جي وچ ۾ ريلوي يارڊ جي لاءِ ڏني وئي. سنڌ لينڊ روينيو ڪوڊ 1879 جي سيڪشن 37 (آءِ) ۾ لکيل آهي ته سنڌ صوبي ۾ موجود روڊ رستا لنگهه پلون واھ کڏون ڍنڍون ڍورا يا انهن جي ڀرسان خالي پيل زمين سنڌ صوبي جي ملڪيت آهي. سامونڊي ڪنارن، ڪريڪن، ڪئنالن، بئراجن سان گڏ اها زمين به سنڌ جي ملڪيت آهي جيڪا وهندڙ پاڻيء جي وهڪري تبديل ٿيڻ جي ڪري خالي ٿئي ٿي. ان زمين کي ليز ڪرڻ يا نيلام ڪرڻ جو حق صرف سنڌ جي صوبائي حڪومت کي حاصل رهندو.

فيڊرل ليجسليٽو لسٽ جي سيريل نمبر 36 ۾ لکيل آهي ته ماهي گيري صوبائي حڪومت جي اختيار ۾ رهندي جنهن جي تائيد 1973ع جي آئين جي آرٽيڪل 274 ۾ پڻ ٿيل آهي. پر ڪي پي ٽي، ڊي ايڇ اي ۽ پورٽ قاسم اٿارٽي پنهنجي حدن ۾ ماهيگيري جون الڳ سان پرمٽون جاري ڪري ٿي ۽ صدين کان موجود سنڌي ماهيگيرن کي بيدخل ڪيو پيو وڃي. ڪئينس ڪوارٽر ۾ ڪراچي ميونسپل ڪاميٽيء ڪي پي ٽي کي 26130 گز زمين الاٽ ڪئي هئي پر هن وقت ڪي پي ٽي اها دعويٰ ڪري پئي ته سندس حدن ۾ موجود سموري زمين، سامونڊي ڪنارا ۽ سمنڊ جي ڇڏڻ سبب خالي ٿيندڙ زمين سندس ملڪيت آهي. 2 مئي 1940ع تي گورنمينٽ آف انڊيا پنهنجي هڪ نوٽيفيڪيشن جي ذريعي ڪي پي ٽيء جي حدن جي وضاحت ڪندي طئي ڪيو هو ته سُڪل زمين تي موجود گودام ۽ زمين طرفان خالي ڪيل زمين ڪي پي ٽي جي ملڪيت ناهي، ڪي پي ٽي صرف هاربر تائين محدود رهندي. ڪي پي ٽيء مائي ڪولاچي باء پاس لڳ 250 ايڪڙ زمين تي موجود ڇڻ ڪريڪ جي تمر جي ٻيلن تي قبضو ڪري اها زمين هڪ روپيو في گز جي حساب سان ڪي پي ٽي آفيسرس هائوسنگ سوسائٽي کي ڏئي ڇڏي، جنهن زمين جي قيمت 2000ع ۾ ئي 45000 روپيا في گز هئي. 2001ع ۾ سنڌ حڪومت سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو جنهن کان پوءِ وفاقي حڪومت جي مداخلت تي ان وقت جي سنڌ جي وڏي وزير ارباب غلام رحيم اها زمين ڪي پي ٽيء جي حوالي ڪري ڇڏي.

حيدر آباد ضلعي ۾ حيدر آباد ٻهراڙي تعلقي جي ديهه مياڻي (مياڻي ريسٽ هائوس) کان قاسم آباد تعلقي جي ديهه شاھ بخاري (سوئي سدرن گئس جي هيڊ ڪوارٽر 3) تائين ٻيلي کاتي جي 4000 ايڪڙ جي لڳ ڀڳ زمين تي مختلف ماڻهن جو قبضو ٿيل آهي. سنڌ حڪومت جي ٻن بااثر وزيرن، شرجيل انعام ميمڻ ۽ ڄام خان شورو جا ان سلسلي ۾ نالا ورتا ويا پر پوءِ اها جاچ به داخل دفتر ٿي وئي.

سنڌ حڪومت ٺٽي، سجاول، بدين ۽ دادو ضلعن ۾ موجود ٻيلي کاتي جي مجموعي طور تي 20047 ايڪڙ زمين 5 مختلف نجي ڪمپنين کي ليز تي ڏني آهي جن ۾ ٺٽه ايگرو، سجاول ايگرو، سدرن ايگرو، بدين ايگرو ۽ دادو ايگرو شامل آهن جيڪا الاٽمينٽ پڻ غير قانوني آهي. سنڌ فاريسٽ ائڪٽ 1927 جي سيڪشن 27 موجب ٻيلي کاتي جي زمين کي ڪنهن ٻئي مقصد (واپاري، رهائشي، صنعتي، زرعي ) لاء استعمال نٿو ڪري سگھجي.

جولاء 2006ع تي سنڌ لينڊ روينيو بورڊ ضلعي خير پور جي تعلقي نارا ۾ 600 ايڪڙ ٻيلي کاتي جي زمين متحده عرب امارات جي اسلام آباد ۾ مقرر ٿيل سفير علي محمد الشمسي جي درخواست تي متحده عرب امارات جي صدر شيخ خليفه بن زايد النهيان جي محل تعمير ڪرڻ جي لاءِ 1200 روپيا في ايڪڙ جي حساب سان 99 سالن جي ليز تي الاٽ ڪئي.

مختلف وقتن تي مختلف ضلعن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي سنڌ جي ٻيلي کاتي جي زمين الاٽ ڪئي وئي آهي. جولاء 2008ع ۾ ڪراچي جي ڪياماڙي ٽائون جي ديهه لال بکر ۾ 1200 هم چورس گز، ڪياماڙي ٽائون جي ديهه مواڇ ۾ 50 ايڪڙ زمين. ضلعي ٿر پارڪر جي تعلقي ڇاڇري ۾ 16 ايڪڙ زمين. ضلعي عمر ڪوٽ جي ديهه ڇور ۾ 50 ايڪڙ زمين. ضلعي خير پور جي تعلقي نارا جي ديهه سوراھ ۾ 24 ايڪڙ 29 ويسا زمين. ضلعي سانگھڙ جي تعلقي کپرو جي ديهه هٿونگو ۾ 71 ايڪڙ 38 ويسا زمين. ضلعي گھوٽڪي جي تعلقي گھوٽڪيء جي سرحد ٻيلي جي ديهه ککي دڙو ۾ 100 ايڪڙ زمين. ضلعي لاڙڪاڻي جي ديهه نبي بخش واھ ۾ 45 ايڪڙ زمين. ضلعي ٿر پارڪر جي تعلقي ننگر پارڪر ۾ 50 ايڪڙ 23 ويسا (سازدا جي زمين)، تعلقي ڇاڇري ۾ 100 ايڪڙ 18 ويسا (سازدا جي زمين). ضلعي سانگھڙ جي تعلقي کپرو جي ديھ هٿونگو ۾ 25 ايڪڙ (سازدا جي زمين) ۽ ضلعي گھوٽڪيء جي تعلقي خانڳڙھ جي ديھ ڪنڊلو سردار ڳڙھ ۾ 13 ايڪڙ 5 ويسا زمين.

2001ع ۾ پاڪستان آرمي فوجي اهلڪارن جي وارثن جي لاءِ ضلعي شڪار پور جي تعلقي ڳڙهي ياسين جي گولي دڙي جي ٻيلي ۾ ٻيلي کاتي جي 35521 ايڪڙ زمين جي گھر ڪئي هئي جيڪا 14 سالن کان پوءِ 19 جون 2015ع تي منظور ڪندي ٻيلي کاتي جي 9639 ايڪڙ زمين گولي دڙي جي ٻيلي ۾ ديهه احمد واھ ۾ الاٽ ڪئي وئي. ان سان گڏ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ٻيلي کاتي جي زمين جي حوالگي جون درخواستون سنڌ حڪومت وٽ پيل آهن جن ۾ چوٽياريون ڊئم واري علائقي ۾ 14212 ايڪڙ، نوابشاھ ۾ 9946 ايڪڙ، ٺٽي ۾ 3957 ايڪڙ ۽ سانگھڙ ۾ 3824 ايڪڙ زمين شامل آهي.

سنڌ جيڪا صدي اڳ سائي ستابي هئي سا ٻيلن جي واڍي سبب رڃ بڻجي وئي آهي. موسمون مٽجي ويون آهن. اهي واڇڙ جا مينهن نه رهيا. دريا جي پاڻي کي جهلي بيهندڙ وڻن جي جي باقي نه بچڻ سبب دريا ۾ معمولي پاڻي جو چاڙه ڪمزور بندن کي پائڻ لڳي ٿو. ٻوڏ جو خطرو وي وڃي ٿو.

ريگستان ۽ ڪوهستان ۾ سوڪهڙي جي زماني ۾ ماڻهو ڇيڻو کي ڪم ايندڙ ڪنڊيون ڪانڊيرا نه بچڻ سبب خوفناڪ ڏڪر اچن پيا. سامونڊي ٻيلن جي واڍي سبب سمنڊ سُڪي ڏي ڌوڪيندو اچي. ان حالت ۾ جيڪڏهن اڄ اسان ٻيلن جي واڍي جو تدارڪ نه ڪيو ته هڪ ڀيانڪ صورتحال اسان جي انتظار ۾ آ جنهن ۾ رڳو ماحولياتي تباهي نه ايندي پر معاشي ۽ سماجي تباهي به سنڌ جو مقدر بڻبي.

مٺي پاڻي جا ٻيلا

سنڌ ۾ ٻيلا ٽن قسمن جا آهن، 1) مٺي پاڻيء جا ٻيلا يا رورائين فاريسٽ (اهي ٻيلا جيڪي سنڌو ندي جي پيٽ ۾، ٻنهي ڪنارن تي، سنڌو ندي مان نڪتل بئراجن، انهن بئراجن مان نڪتل ڪئنالن، انهن ڪئنالن مان نڪتل واهن ۽ انهن واهن مان ملندڙ پاڻي وارن علائقن ۾ آهن). 2) کاري پاڻيءَ جا ٻيلا يا تمر جا ٻيلا (اهي ٻيلا جيڪي سامونڊي پٽي تي، سامونڊي ٻيٽن، سامونڊي ڪريڪن ۽ سامونڊي ڪنارن تي آهن). 3) ريگستاني ٻيلا يا رينج لينڊس (اهي ٻيلا جيڪي وارياسي علائقن، ريتيلي زمين يا سوڪهڙي وارن علائقن ۾ آهن).

مٺي پاڻي جي ٻيلن ۾ اڪثر ٻَٻُرُ، ڪَنڊِي، لَئِي ۽ بَهَڻ ٿيندا آهن جن مان نه صرف عمارتي ڪاٺ، گھريلو فرنيچر ميسر ٿئي ٿو پر سنڌ جي ٻهراڙين ۾ اڪثر گھرن ۾ ٻارڻ (نيچرل فيول) طور به ڪم ورتو وڃي ٿو. سنڌ فاريسٽ ڊپارٽمينٽ (ٻيلي کاتي) جي لکت موجب سنڌ ۾ مٺي پاڻيء جا ٻيلا 0.241 ملين هيڪٽر (1861571 ايڪڙ) زمين تي ڦهليل آهن جيڪي سنڌ جي مجموعي زميني پکيڙ جو 1.7 سيڪڙو ٿئي ٿو. سنڌ جي مٺي پاڻي جي ٻيلن کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، هڪ گُڊو بئراج کان سکر بئراج جي وچ واري علائقي ۾ موجود ٻيلا، ٻيا سکر بئراج کان ڪوٽڙي بئراج جي وچ واري علائقي ۾ موجود ٻيلا ۽ ٽيان ڪوٽڙي بئراج کان سنڌو ندي جي ڇوڙ وارن علائقن ۾ موجود ٻيلا. گڊو بئراج کان سکر بئراج جي وچ واري علائقي ۾ چئن ضلعن (گھوٽڪي، سکر، ڪشمور ۽ شڪارپور) ۾ مجموعي طور تي 48470 هيڪٽرن (119721 ايڪڙن) تي ٻيلا آهن جڏهن ته ڪوٽڙي بئراج کان سنڌو ندي جي ڇوڙ وارن علائقن ۾ ٽن ضلعن (ٺٽو، ڄامشورو ۽ حيدر آباد) ۾ 56010 هيڪٽرن (118345 ايڪڙن) تي ٻيلا آهن. سکر بئراج کان ڪوٽڙي بئراج تائين جي وچ واري علائقي ۾ موجود ٻيلا هاڻي مڪمل طور تي ختم ٿي چڪا آهن. سنڌ جي ٻيلي کاتي جي زمين سنڌ حڪومت جي روينيو کاتي جي اختيار ۾ هجڻ جي ڪري روينيو کاتي جي طرفان 10117 هيڪٽر (24989 ايڪڙ) زمين (جيڪا ٻيلي کاتي جي سرڪاري زمين هئي) مختلف سرڪاري ۽ غير سرڪاري ماڻهن ۾ ورهائي وئي. هن وقت به سنڌ جي ٻيلي کاتي جي 16000 هيڪٽر (39520 ايڪڙ) زمين مختلف ماڻهن جي قبضي هيٺ آهي. (حوالو، انڊس فار آل پروگرام، ڊبليو ڊبليو ايف پاڪستان).

july (a) 45

يو ايس ايڊ طرفان جاري ٿيل رپورٽ (پاڪستان، لينڊ ٽينيوئر اينڊ پراپرٽي رائيٽس، 2010ع، پيج 10) ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ورلڊ بئنڪ جي طرفان سنڌ حڪومت کي لينڊ روينيو ريفارمس، کاتن کي پڪو ڪرڻ، سرڪاري زمين بي زمين هارين ۾ ورهائڻ ۽ خاص طور تي اها زمين غريب عورتن ۾ ورهائڻ جي لاءِ امداد ڏني وئي هئي. 2008ع ۾ سنڌ حڪومت ورلڊ بئنڪ، يو ايس ايڊ ۽ ايشين ڊيولپمينٽ کي هڪ بريفنگ ڏني ته سنڌ جي سرڪاري زمين منجھان 224770 ايڪڙ زمين بي زمين هارين خاص طور تي غريب عورتن ۾ ورهائي ويندي. 2009ع ۾ سنڌ حڪومت دعوا ڪئي ته 42978 ايڪڙ زمين 4200 بي زمين هارين ۾ ورهائي وئي آهي جنهن مان 70 سيڪڙو زمين غريب عورتن کي ملي آهي. جيتوڻيڪ يو ايس ايڊ سنڌ حڪومت جي دعويٰ کي رد ڪندي چيو ته اها زمين با اثر ماڻهن جي قبضي ۾ آهي تنهنڪري ان زمين جا مالڪاڻه حق بي زمين هارين کي نه مليا آهن. 2010ع ۾ سنڌ حڪومت پنهنجي دعويٰ کي وڌائيندي 56186 ايڪڙ زمين 6200 بي زمين هارين ۾ ورهائڻ جي دعويٰ ڪئي جنهن جي تصديق نه ٿي سگھي آهي ته ان زمين کي با اثر ماڻهن جي قبضي مان ڇڏرائڻ جي لاءِ به ڪا ڪوشش ٿي آهي يا صرف اها زمين سرڪاري کاتن مان ڦيرائي قانوني طور با اثر ماڻهن جي حوالي ڪئي وئي آهي.

سنڌ جي 34.84 ملين ايڪڙ زمين منجھان 8 سيڪڙو زمين تي ٻيلا (رورائين فاريسٽ، رينجلينڊس فاريسٽ ۽ مينگروز فاريسٽ) آهن مطلب مجموعي طور تي 2.785 ملين ايڪڙ تي ٻيلا آهن. جنهن مان 6 لک ايڪڙ تي رورائين فاريسٽ، 180000 ايڪڙ تي آبپاشي ذريعي پوکيل ٻيلا، 7 لک ايڪڙ تي مينگروز جا ٻيلا ۽ 1080000 ايڪڙ زمين رينج لينڊس تي مشتمل آهي.

سنڌ جي ٻيلي کاتي جي 149061.1 ايڪڙ زمين تي مختلف ماڻهن جو قبضو هيو، شڪارپور ضلعي جي ڳڙهي ياسين تعلقي جي گولو دڙو ٻيلي مان رينجرس طرفان 8234 ايڪڙ زمين تان قبضو ڇڏرائڻ کان پوء به 140827.1 ايڪڙ زمين تي مختلف ماڻهن جو قبضو آهي. ٻيلي کاتي جي سائرن فاريسٽ ڊيولپمينٽ پراجيڪٽ حيدر آباد سرڪل ۾ 3758.5 ايڪڙ زمين، افارسٽيشن سرڪل ٺٽي جي 18803 ايڪڙ زمين، افارسٽيشن سرڪل حيدر آباد جي 42458.5 ايڪڙ زمين، افارسٽيشن سرڪل لاڙڪاڻي جي 40013.8 ايڪڙ زمين، افارسٽيشن سرڪل سکر جي 35470 ايڪڙ زمين، ڊائريڪٽوريٽ سيريڪلچر حيدر آباد جي 62 ايڪڙ زمين، سوشل فاريسٽري سرڪل سکر جي 261.3 ايڪڙ زمين قبضي هيٺ آهي.

ريگستاني ۽ سامونڊي ٻيلا

سنڌ جي مجموعي ايراضي جي 60 سيڪڙو زمين غير آباد آهي، جنهن کي بئراجن جي وسيلي پاڻي نٿو پهچي انهن علائقن ۾ پوکي يا مال جي چاري جو گذر سفر صرف برساتي پاڻيء تي ٿئي ٿو. سنڌ جو ريگستان (وارياسو علائقو) گھوٽڪي، سکر، خير پور، سانگھڙ، مير پور خاص ۽ ٿر پارڪر ضلعن جي ايراضي تي ڦهليل آهي، جنهن جي مجموعي ايراضي 45000 هم چورس ڪلوميٽر آهي، انهي منجھان 10 سيڪڙو ايراضيء جي زمين تي برساتن ۾ پوکي ٿئي ٿي. سنڌ جي جابلو پٽي (ڪاڇو ۽ ڪوهستان) قمبر شهداد ڪوٽ، دادو، ڄامشوري، ٺٽي ۽ ڪراچي تائين ڦهليل آهي، جنهن جي مجموعي ايراضي 43000 ڪلوميٽر هم چورس آهي، انهي منجھان 10 سيڪڙو ايراضي جي زمين تي پوکي ٿئي ٿي. سنڌ جو ريگستاني ۽ جابلو علائقو مال متاع جي پالنا، کير ۽ گوشت جي فراهمي جو اهم وسيلو آهي.

سنڌ جي مختلف ريگستاني ۽ جابلو علائقن ۾ رينج لينڊس ( ريگستاني ۽ ڪوهستاني زمين جيڪا سرڪاري ملڪيت هجي) طور سنڌ جي ٻيلي کاتي وٽ سرڪاري زمين جا تفصيل هن ريت آهن، ٿر پارڪر ۽ عمر ڪوٽ ضلعي ۾ 109516 هيڪٽر (270504 ايڪڙ) زمين، ڪراچي ڊويزن ۾ 116862 هيڪٽر (288649 ايڪڙ) زمين، دادو ضلعي ۾ 159031 هيڪٽر (392806 ايڪڙ) زمين، ٺٽي ضلعي ۾ 13045 هيڪٽر (3221 ايڪڙ) زمين.

کاري پاڻي، سامونڊي پاڻي تي ٿيل وڻن، ٻوٽن جي ٻيلن کي مينگروز (تمر) جا ٻيلا چيو ويندو آهي. سامونڊي ٻيٽن، سامونڊي ڪنارن، سامونڊي ڪريڪن ۽ سامونڊي پاڻي تي سڀ کان وڌيڪ جيڪو وڻ (ٻوٽو) ٿيندو آهي ان کي باٽني (ٻوٽن جي سائنس) ۾ منگل جو نالو ڏنل آهي تنهنڪري سامونڊي ٻيلن کي عام طور تي مينگروز چيو ويندو آهي. مينگروز (تمر) جي وڻن (ٻوٽن) ۾ لوڻ کي جذب ڪرڻ جي قوت موجود هوندي آهي ۽ اهي لوڻياٺي پاڻي تي ئي وڌندا ويجھندا آهن.

ڪراچي پورٽ ٽرسٽ مائي ڪولاچي باءِ پاس تي 250 ڪلوميٽرن جي مينگروز تي قبضو ڪري، ان زمين کي سُڪائي، اها زمين ڪي پي ٽي آفيسرس سوسائٽي نالي شروع ڪيل اسڪيم کي ڏئي ڇڏي.

july (a) 46

پاڪستان جي قائم ٿيڻ وقت سنڌ جي مينگروز جي ٻيلن جي مجموعي ايراضي 604870 هيڪٽر هئي جيڪا 1980ع تائين 104000 هيڪٽر تائين پهتي پر هن وقت سنڌ جي سامونڊي پٽي ۽ سامونڊي ڪريڪن تي رهائشي ۽ واپاري منصوبن جي ٺهڻ جي نتيجي ۾ مينگروز جو وجود مڪمل طور تي تباهيء طرف آهي. سنڌ جي مينگروز جي ٻيلن جي تباهي جو سڀ کان وڏو اثر ٺٽي ضلعي جي ڪيٽي بندر جي سامونڊي پٽي تي پيو آهي جتي روزانو ڏيڍ فوٽ جي رفتار سان سمنڊ جو پاڻي زمين کائيندو اڳتي وڌي رهيو آهي جنهن جي ڪري مينگروز جا ٻيلا سامونڊي پاڻي ۾ لٽجي سمنڊ جو حصو بڻجي رهيا آهن.

ڪيٽي بندر جي 42 ديهن مان 28 ديهون مڪمل طور تي سمنڊ ۾ لٽجي ويون آهن ۽ باقي بچيل 14 ديهون به ذوالفقار آباد پراجيڪٽ ۾ شامل ڪري ڪيٽي بندر جو وجود ئي ختم ڪيو ويو آهي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو