Home / اسپيشل افيئر / سنڌ ۾ ڪارين جا قبرستان ڪيستائين آباد رهندا؟
above article banner

سنڌ ۾ ڪارين جا قبرستان ڪيستائين آباد رهندا؟

Sana Abbas Dashtiچارلس نيپئر جڏهن سنڌ فتح ڪئي هئي سندس انتظامي معاملن جي پرک ڏاڍي بهتر هئي. هڪ انگريز ٻيو ڌاريا ماڻهو پر سندن مذهب، ريتون رواج ۽ مطلب ته هر طرح سان اسان کان مختلف هيا. پر هڪ معاملي ۾ انگريز سرڪار ڏاڍو بهتر سوچيندي رهي ته هنن علائقن ۾ تعليم ۽ انصاف کي ڀرپور طريقي سان متعارف ڪرايو وڃي. سنڌ جي فتح ڪو نئون واقعو ڪو نه هيو. سنڌ ته اڳ ۾ به ڦرجندي ۽ لٽجندي رهي هئي صدين کان پنهنجي ڪلمي گو مهمان ڀائر سٻاجهڙن سنڌين کي ڪمند جي فصل جيان لڙيندا رهيا.

ٺٽي جي هزان مدرسن اندر جيترو رت مسلمان حاڪمن وهايو ۽ جيترو ذلت جو نمونو نادر شاهي حملن سنڌ اندر پهچايو رڳو اهڙن ظلمن کي پڙهي ڪري ئي دل دهلجي وڃي ٿي.

فرق صرف ايترو هو ته ڪنڌار کان جيڪي به سنڌ مٿان حملا ٿيندا رهيا انهن جو مقصد سنڌ جي سرزمين ڦٻائڻ سان گڏوگڏ اتي جي ماڻهن کي غلام بڻائڻ ۽ اتي جي عورتن کي پنهنجو ٻانهيون بڻائڻ واري سوچ هئي. سنڌ جي فتح جو مياڻي واري ميدان تي لهي ويل سج سنڌ جي روايتي غدارن ۽ جاگيردارن کي اونداهه ۾ ڇڏي سنڌ ۾ لهي ويو.

juli  31-38 b

مياڻي واري جنگ دوران ڪيترن ئي وفاداري جو اعلان ڪيو ۽ نتيجي ۾ وڏا لقب ۽ جاگيرون وٺي وري سنڌي عوام کي پنهنجو غلام سمجهي ڦرڻ جي ڌنڌي ۾ لڳي ويا. انگريز سرڪار پنهنجي وفادار طبقن کي خوش رکڻ لاءِ کين وڏيون رعايتون ۽ سهولتون ڏنيون. سنڌ اندر هڪ ئي وقت ٻه طاقتون راڄ ڪري رهيون هيون. هڪ پاسي انگريز سرڪار ته ٻئي پاسي سنڌي جاگيردار. وڏيرا، مير، پير. اڄ جڏهن انهن حالتن تي ٿوري نظر ڦيرايون ته پاڻ کي خبر پئجي ويندي ته سنڌي جاگيردارن سنڌ سان ڪهڙا ڪلور ڪيا ۽ انگريز سرڪار سنڌ تي قبضي سان گڏوگڏ ڪي چڱائي وارا ڪم به ڪيا يا جاگيردارن جيان سنڌ جو ماس پٽيندا رهيا. انگريز سرڪار پوري هندستان اندر هڪڙي طاقتور مذهبي سوچ، مذهبي عقيدي ۽ مذهبي رسم ستي کي ختم ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويا هئا. هندستان اندر وڏو غلبو رکندڙ هندو مذهب جي هڪ اهم عقيدي ۽ رسم کي پوري هندستان اندر پاڙان پٽي ڇڏڻ ايڏو سولو ڪم نه هو پر انگريزن قانون ۽ انصاف جي تقاضائن تي هلندي انهي ڀيانڪ روايت کي پنهنجي منطقي انجام تي پهچائي حوا جي ڌيئرن جون جيئڻ وارو حق محفوظ ڪري ڏيکاريو. ۽ سنڌ اندر هن ڪاروڪاري جي خوفناڪ روايت جيڪا ڪنهن مذهب جو حصو به نه هئي، ڪنهن عقيدي جو به حصو نه هئي ۽ نه ئي وري سنڌ جي رسم ۽ رواج جو حصو رهي هئي پر جاگيردار سماج جي اثرن سبب سنڌ جي نياڻي نماڻي هر آئي ڏينهن غيرت جي نانءُ هيٺ ڪاروڪاري جي الزامن تحت بيدردي سان ڪُسجي رهي هئي.

انگريز سرڪار شدت سان محسوس ڪيو ته سنڌ اندر عورت باوجود ستن قرآن جي برابر هئڻ جي معمولي الزامن جي ور چڙهي پنهنجي حياتي جي حق کان محروم بڻائي ٿي وئي تنهنڪري چارلس نيپيئر حالتن جو گهرائي جو ادارڪ ڪندي سرڪاري حڪم نامو جاري ڪرايو جنهن ۾ سرڪار علائقي جي بااثر ماڻهن کي پابند ڪيو ته جيڪڏهن سنڌ اندر ڪنهن به ڳوٺ اندر ڪا عورت “ڪاري” ڪري ماري وئي ته انجو ذاتي ذميوار انهي ڳوٺ جو وڏيرو هوندو. نتيجي ۾ سنڌ اندر روز جو معمول بڻيل ڪاروڪاري جا واقعا تيزي سان گهٽجندا رهيا ۽ سنڌ اندر نياڻين جي حقن جو تدارڪ ٿيو.

اڄ وري هڪ دفعو ٻيهر ڪاروڪاري جا واقعا سنڌ ۾ ايترو ته عام ٿي چڪا آهن جو سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته اها قيامت ڪٿان ڪڙڪي آهي جڏهن ادارا به موجود آهن قانون به موجود آهي ۽ اسانجي سنڌ اسيمبلي ٻين صوبن جي عورتن جي حقن جي باري ۾ بل به پاس ڪرايا آهن پوءِ به عورت سان انياءُ. عورت سان ڏاڍ ۽ عورت کي الزام جي ڀيانڪ رواجن ۾ ڇو ماريو پيو وڃي. لاڙڪاڻي کان ويندي ڄامشوري تائين ۽ ڪراچي کان وٺي ڪنڌڪوٽ تائين سنڌ جون نياڻيون بي دردي سان ڪسجي رهيون آهن ۽ اهڙين نياڻين ۾ ترتيبوار شادي شده عورتن کان وٺي نوجوان ڇوڪرين تائين اهڙي عذاب کي ڀوڳي رهيون آهن. جيڪڏهن طاهره کوسو جي واقعي کي کڻي ڏسجي ته اسان جا لڱ ئي ڪانڊارجي ويندا، ڄڻ ته عورت انسان ئي نه هجي جنهن کي شڪاري صرف پنهنجو شڪار ئي سمجهندا هجن ۽ شادي جي رشتي ۾ ڳنڍجڻ کانپوءِ به اهڙن بيحس ماڻهن جي حوس پنهنجي موت مرڻ بجاءِ عورت کي ريگستاني هرڻي سمجهي ٿو جنهن کي ڊوڙائي ڊوڙائي ٿڪائي ٿڪائي آخرڪار وڏي بي رحمي سان ماريو وڃي ٿو. عورت سان ٿيندڙ ظلم جڏهن ڪاروڪاري جو ڪارو نانگ بڻجي وڃي ٿو ته پوءِ ان رسم سان لاڳاپيل معاشي مسئلي تي به ٿورو سوچجي ته ڳالهه پڌري پٽ پئي آهي ته سنڌ جي اهڙي ذهنيت عورت کي صرف مال غنيمت ۾ مليل سامان جيان سمجهي ٿو. پوءِ سنڌ اندر ملڪيت جا تڪرار هجن يا واري زمينن جا ڦڏا فساد سڄو ٽانڊو عورت مٿان اڇلايو ويندو آهي. پوءِ غيرت جا جذبا جاڳي پون ٿا جيڪي صبح منجهند شام ڊاڪٽر جي تجويز ٿيل نسخن جيان عورتن کي گارگند کان وٺي مارڪٽ کان ويندي آخرڪار کين ڪاري ڪري پنهنجي غيرت جو ثبوت ڏين ٿا.

juli  31-39 b

افسوس ته اهو به آهي ته لطيف جي ڌرتي ڪارين جا قبرستان به آهن جتي معصوم نياڻين جي آهن ۽ دانهن کي خاموش ڪرڻ جي لاءِ ظلم جي ڪاري رات اڃا قائم آهي اهو ته جٿي نياڻين لاءِ مخصوص سوچ جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ قبرستان به موجود هجن پوءِ اهو مذهب، رياست، قانون ۽ انصاف جي مُنهن تي چماٽ چئجي جو مذهب چوي ٿو ته “ڪنهن به انسان جو قتل پوري انسانيت جو قتل آهي” ۽ ڪنهن به عورت کي بغير گهربل شاهدن ۽ بغير ثابتين جي الزام هيٺ نه ٿو آڻي سگهجي ته پوءِ هي سنڌ ڪيڏانهن پئي وڃي جتي ڄاشوري جي پرڻيل عورت مسمات عارفه ٻٻر کي صرف موبائيل فون تي ڳالهائڻ تان گوليون هڻي قتل ڪيو وڃي ٿو ۽ سندس لاش کي ڳجهه ڳوهه ۾ رات پيٽ اندر بغير ڪنهن غسل جي دفنايو ٿو وڃي.

ڄامشورو سنڌ جي تعليم جو مرڪز آهي. جتي ڊاڪٽر، انجنيئر، اديب، عالم ۽ تمام ڏاها انسان رهن ٿا. ڄامشوري اندر سنڌ جون ڪيتريون ئي ڇوڪريون تعليم حاصل ڪري پنهنجو نانءُ روش ڪندي سنڌ جي ڀلي لاءِ جاکوڙي رهيون آهن پر سوچ جو اهو فقدان الائجي ڪيئن سنڌ ۾ واسو ڪري چڪو آهي جتي عورت سان هڪ جانور جيان سلوڪ ڪيو وڃي ٿو. ان جو واضح مظهر ڪجهه ڏهاڙا اڳ ڄامشوري ٻٻر برادري طرفان پنهنجي نياڻي کي ڪاري ڪري مارڻ پڻ آهي.

تنهنڪري پوري سنڌ ڪاروڪاري واري معاملي تي خاموش تماشائي بڻيل آهي. سنڌ حڪومت الائجي ڪڏهن چارلس نيپيئر جيان سجاڳ ٿيندي ۽ ڪارروڪاري جي واقعن خلاف ڪو سخت موقف اختيار ڪندي. انگريز سرڪار انصاف کي پسند ڪندي هئي تنهنڪري انهن جي دور ۾ ڪرپشن جو نالو نشان موجود ڪو نه هو پر هينئر ته هر کاتي اندر بدعنواني عروج تي پهتل آهي ۽ ڪاروڪاري جا واقعا پڻ ٿي رهيا آهن ۽ انصاف جي لاءِ متاثر ڪٽنب به دربدر آهن. نتيجي ۾ ڪارڪاري واري واقعن جو رجحان گهٽجڻ بجاءِ وڌي رهيو آهي تنهنڪري سڄي سنڌ اندر اسان سڀني ڀائرن ۽ ڀينرن کي هن معاملي تي پنهنجو آواز بلند ڪرڻ گهرجي ۽ ظلم کي ختم ڪرڻ جي لاءِ هر فورم تي هڪ ٿيڻ گهرجي جيستائين سنڌ اندر ڪاروڪاري جي رسم ختم نه ٿيندي. تيسيتائين سنڌ جي عورت جو ساهه مٺ ۾ هوندو ۽ سندس ترقي سواليه نشان بڻيل هوندي. اسانجي قوم کي ڊاڪٽرياڻين انجنيئرياڻين، آفيسرياڻين استادياڻين جي ضرورت آهي نه ڪي ڪارين جي……

sanadashti@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو