Home / ويندي ويندي / سوداگر ئي سياست ڪري ڄاڻڻ. 
above article banner

سوداگر ئي سياست ڪري ڄاڻڻ. 

اڳوڻي نوابشاه ۽ هاڻوڪي شهيد بينظير آباد جي رئيس، رمضان جي ڀلاري مهيني جي شروعات ان تاريخي خطاب سان ڪئي جنهن ۾ هُن اسٽيبلشمينٽ کي سڌري هلڻ نه ته “ڀتر جو جو اب پٿر سان ” ڏيڻ جي ڌمڪي ڏني. اسٽيبلشمينٽ کي ڏڪڻي ورتو الائي نه پر اڳئين ڏينهن رئيس افطار جي دعوت مُلن کي کارائي پاڻ دُبئي روانو ٿي ويو. ساڻس جهاز ۾ ٻه چار ٻيا به مسافر چڙهي پيا. ائين هڪ هڪ ٿي اڪثر راڻا، شهزاده ۽ راڻيون ملڪ کان ٻاهر هليون ويون. پٺيان ڪم ڪار هلائڻ لاءِ سيد سڳوري کي ڇڏي ويا جيڪو چيتي جي ڦڙتي سان ڪرپشن ڪندڙن خلاف کڙو تڙو ٿي بيهي رهيو. پهرين ئي سٽ ۾ پنهنجي پوٽي سميت 29 ٽي ايم اوز چٽ ڪري ڇڏيائين. بعد ۾ في الحال آرامي آ.

ان وچ ۾وفاقي ادارن رئيس جي پارٽي ۾ ٽاڪوڙو وجهي ڇڏيو. ڪي ڪاٺ ۾، ڪي ضامنن جي چڪر ۾ ڪي جانچ ۾. آفيسن ۾ ڪو فائل نه ٿي چُريو. اهي جيڪي اڳ ٻنهي هٿن پيرن سان ڪاڳرن تي صحيحون ڪندا هئا سي پنهنجي آفيس جي حاضري رجسٽر تي به ڊڄي ڊڄي صحيح ڪن پيا. وڪيلن جي لئي ٿي وئي. وفاقي ادارن پاران پڪڙ ۾ اچڻ جي ڀئو کان سڀ آفيسر ضامن ضامن جو ورد پڙهڻ لڳا.

july (a) 58

پر ان سڄي عرصي ۾ مختلف افواه گردش ڪندا رهيا. ڪڏهن اعلان ٿئي ته رئيس واپس اچي پيو. ڪڏهن ٻڌائن ته رئيس اسٽيبلشمينٽ کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ اتحادي ڪٺا ڪري پيو. ڪڏهن رينجرز جي مقرري جو مُدو وڌائڻ لاءِ ارڙهين آئيني ترميم جي تشريح بيان پئي ڪئي وئي. رمضان جي بابرڪت مهيني ۾ اهي سڀ واقعا ٿيا ۽ پوءِ اوچتو ماٺ ٿي وئي. ڄڻ ڪُجهه ٿيو ئي ڪونه هو.

ماڻهن چوڻ شروع ڪيو ته اسٽيبلشمينٽ ڄاڻي واڻي ڍر ڏني آهي ته جيئن ٽاه کائي ڀڙڪو ڏيئي ڀڄي ويل رئيس داڻو پاڻي چُڳڻ لاءِ واپس ديري تي موٽي اچي ته جيئن اصل مرغو هٿ ڪيون باقي ٻين کي پوءِ پُڄي پونداسين. ڪي ماڻهو اهو چوندي به ٻڌا ويا ته نواز شريف اسٽيبلشمينٽ سان تڪرار جي مامري تي رئيس سان ٻڌل آهي ان ڪري اسٽيبلشمينٽ رئيس تي هٿ هلڪو رکندي. سندن منطق هيو ته جيئن ته نواز شريف جي ڪرسي کي اصل خطرو عمران خان جي پارٽي مان آهي. سنڌ ۾ پ پ جي نڪرڻ سان اها جاءِ عمران خان جي پارٽي والاريندي ان ڪري نواز شريف پ پ جي صوبائي سرڪار هٽائڻ جي حق ۾ ناهي ۽ جيسيتائين صوبائي سرڪار موجود آهي تيسيتائين وفاقي ادارا صوبائي سرڪار جي منشا بنا ڪاروايون نه ٿا جاري رکي سگهن.

پر ڪي سمجهدار ماڻهو اڃا ٽين راءِ جا به آهن. سندن چوڻ آ ته ڀائي، رئيس وڏو ڪو سياستدان ٿورئي آ جو ڀُٽن وانگيان اصولن تي بيهي سُولي چڙهي وڃي. هي آ ڪاروباري ماڻهو. اڳ سئينيمائن جو ڪاروبار، پوءِ پلازا ٺاهڻ جو ڪاروبار ۽ اڄڪلهه شگر ملن، زمينن، بحريائن جو ڪاروبار ٿو ڪري. سو، جڏهن اسٽيبلشمينٽ کيس سوڙهو ڪيو ته کيس ڇُٽي جو پٽ ڏنو ياد اچي ويو. ڪن وچ وارن سندس ذمو کنيو. رئيس جيڪي ورتا هئا تن جو هڪ حصو ڀري ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي. سندس سوداگر سوچ کيس هن بحران مان پار ڪرائي وئي. باقي اڳتي ڌڻي ّ خير ڪندو. جيڏو ڀري ڏنو اٿائين ان کان ٻيڻو چئوڻو ، وساڻن، شاهن، چاولائن، ميمڻن ۽ شورن معرفت ٺاهي وٺندو. سنڌين جو مٿو ڪوڙڻ ۽ پير اگهاڙا ڪرڻ جو ٺيڪو اصل مالڪ ڪنهن ارباب، جتوئي يا ڄام کي ڇو ڏين جڏهن اهو ڪم رئيس جي پارٽي بنا ڪنهن شور ۽ غوغاءَ جي، شاندار نموني ڪري رهي آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو