Home / سياسي افيئر / سياسي تاريخ جي جھروڪن مان جي ايم سيد ۽ شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي سوشلسٽ نظرين جي ھڪجھڙائي 
above article banner

سياسي تاريخ جي جھروڪن مان جي ايم سيد ۽ شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي سوشلسٽ نظرين جي ھڪجھڙائي 

نصير اعجاز

سائين جي ايم سيد ۽ ڀٽو گھراڻي جو ذڪر ٿيندي ئي ھر ڪنھن جي ذھن ۾ ھڪٻئي جي ٻن ڪٽر مخالفن وارو تصور اُڀرندو آھي ـ شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي توڙي شھيد بينظير ڀٽو جي حڪومتن ۾ سيد جي قيد ۽ نظربندين مان اھو مطلب ورتو ويندو آھي ڄڻ سيد ۽ ڀُٽن جي ڪا خانداني دشمني ھجي ـ خاص طور آمر جنرل ضياءَ جي زماني ۾ سائين جي ايم سيد جي بيانن کي اُن وقت جي اخبارن اھڙي طرح ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ھو ڄڻ ھو ڀٽو دشمنيءَ ۾ جنرل ضياءَ جو وڏو حمايتي ٿي پيو ھجي ـ مونکي خاص طور اھو بيان ياد آھي جڏھن صحافين جي سوال تي سائين جي ايم سيد وراڻيو ھو : “جنرل ضيا بھت اڇا آدمي ھي، ڪيونڪه جو ڪام ھم ڪرنا چاھتي ھين (ملڪ کي ٽوڙڻ) وه يه خود ڪر رھا ھي ـ” اخبارن پنھنجي اصل آقائن جي اشاري تي يا ھڪ مخصوص مائينڊ سيٽ تحت سيد جي بيان جو صرف پھريون جملو ڇاپيو ته “جنرل ضيا بھت اڇا آدمي ھي” ـ ان اڌ جملي سڄي سنڌ ۾ سائين جي ايم سيد لاءِ وڏي ڪاوڙ جي لھر پکيڙي ڇڏي ھئي ڇوته ڀُٽو صاحب عوامي ليڊر ھو ۽ سندس شھادت جو درد سنڌ جي عوام جي دلين ۾ اڃا تازو ھو ـ

july (a) 24

جن ماڻھن جي ذھنن ۾ سيد مخالف پرچار جو اثر گھڻو ويٺل آھي، اھي اڪثر جي ايم سيد جي خلاف ڳالھائڻ لاءِ سندس ڀُٽو دشمنيءَ جا مثال ڏيندا آھن ـ پر مان ڪن ڳالھين ۽ واقعن کي ياد ڪري سوچيندو آھيان ته سائين جي ايم سيد ۽ ڀُٽو صاحب وچ ۾ سياسي اختلاف ته اڻ ڳڻت ٿي سگھيا ٿي پر ڪا خانداني دشمني ڪانه ھئي ـ اھڙي طرح سياسي اختلاف به اھڙا ڪونه ھئا جو ھڪٻئي جو سِرُ وٺڻ لاءِ تيار ھجن ـ ان جي برعڪس مون ڏٺو آھي ته ٻنھي اڳواڻن جا سياسي اقتصادي نظريا ھڪٻئي سان گھڻو ملندڙ ھئا ـ سائين جي ايم سيد ۽ شھيد ذوالفقار علي ڀُٽو سنڌ جا اھڙا اڳواڻ ۽ مدبر ٿي گذريا آھن جن جي جنم توڙي وفات وارن ڏينھن تي لکين ماڻھو سندن مزارن تي گڏ ٿين ٿا ـ اھڙو مثال سڄي پاڪستان ۾ ته ڇا سموري ننڍي کنڊ ۾ نٿو ملي ـ سائين جي ايم سيد جا شھيد ڀُٽو جي والد سر شاھنواز ڀُٽو سان ويجھا سياسي لاڳاپا ھئا ۽ سر شاھنواز کان عمر ۾ ننڍو ۽ کانئس سياست ۾ جونيئر ھجڻ جي باوجود ھو ساڻس گڏ سياسي جدوجھد ۾ شامل رھيو ـ مان ڪا نئين ڳالھه نٿو ڪريان جو تاريخ شاھد آھي ته 1934 ۾ پھريون ڀيرو سنڌ پيپلز پارٽيءَ جو بنياد به سائين جي ايم سيد جي ڪراچيءَ واري رھائش حيدر منزل تي پيو ھو، جنھن ۾ سر شاھنواز ڀُٽي کي پارٽيءَ جو صدر ۽ سائين جي ايم سيد کي جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيو ويو ھو ـ سنڌ پيپلز پارٽي گھڻو وقت جٽاءُ نه ڪري سگھي جنھن کانپوءِ 1936 ۾ وري سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ٺاھي وئي جنھن ۾ پڻ سر شاھنواز ڀُٽو ۽ سائين جي ايم سيد گڏ ھئا ـ اڳتي ھلي اھڙو وقت به آيو جو سر شاھنواز ڀُٽو چونڊن ۾ جڏھن ڪاميابي ماڻي نه سگھيو ته سائين جي ايم سيد پنھنجي سيٽ تان استعيفى ڏيڻ ۽ سر شاھنواز کي اُن تي چونڊرائڻ جي آڇ ڪئي ته جيئن ھُو سنڌ جو پرائيم منسٽر بڻجي سگھي پر سر شاھنواز اُھا آڇ قبول نه ڪئي ھئي ـ سندن سياسي لاڳاپا پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ به قائم رھيا ۽ سنڌ جي مسئلن ۽ در پيش خطرن کي محسوس ڪندي 1948 ۾ ھنن ٻنھي اڳواڻن گڏجي سنڌ پيپلز پارٽيءَ جو ھڪ ڀيرو وري بنياد رکيو جنھن جو ڪنوينشن به ڪوٺايو ويو ـ ٻئي اڳواڻ سنڌ ۽ سنڌين جي سياسي ۽ اقتصادي مستقبل کي درپيش خطرن کي محسوس ڪري رھيا ھئا پر بدقسمتيءَ سان ھن ڀيري به اھا ھتان جي سياسي چالبازين کي منھن نه ڏئي سگھي ۽ ھوريان ھوريان غير سرگرم ٿيندي وئي ـ

شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي جڏھن ايوب خان جي اقتدار کي ڇڏي پنھنجي سياسي پارٽي ٺاھڻ جو فيصلو ڪيو ته سندس ذھن ۾ پنھنجي والد جي سنڌ پيپلز پارٽيءَ جو نالو موجود ھو جنھن کي ھن پاڪستان پيپلز پارٽي جي شڪل ۾ ملڪ گير سياست ڪرڻ لاءِ وجود ڏنو ـ ايئن جڏھن ون يونٽ مخالف تحريڪ ھلي رھي ھئي تڏھن سيد سان سندس دوست سياستدان سر شاھنواز ڀُٽي جو فرزند ذوالفقار علي ڀُٽو به ون يونٽ مخالف محاذ ۾ گڏ ھو ـ پوءِ وقت آيو جڏھن ملڪ ڀاڱا ٿيو ۽ 1971 جي ڊسمبر ۾ اقتداري قوتون ملڪ جون واڳون ڀُٽي صاحب کي ڏيڻ لاءِ مجبور ٿي ويون ـ جيتوڻيڪ شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي جو زمانو به سائين جي ايم سيد لاءِ قيد ۽ بند کڻي آيو، پر سندس دل ۾ ڀُٽي صاحب لاءِ نرم گوشو ھو ـ باوجود انھيءَ جي ته سندن سياست جا بنياد الڳ الڳ ھئا، سائين جي ايم سيد قومپرست اڳواڻ ھو ۽ ڀُٽو صاحب وفاق جي علامت بڻجي چُڪو ھو، پر ڀُٽي صاحب جو سنڌي ھجڻ ۽ سر شاھنواز جو فرزند ھجڻ سان گڏ منھنجي خيال ۾ ڪي ٻيون به ڳالھيون ھيون جيڪي سيد جي من ۾ ھن لاءِ نرم گوشو پيدا ڪري رھيون ھيون ـ ڀُٽي صاحب اقتدار سنڀالڻ شرط اسلامي شوشلزم جو نعرو ھنيو ھو ۽ ان پروگرام ھيٺ ھن خانگي شعبي جي وڏين صنعتن ۽ ادارن کي قومي تحويل ۾ وٺڻ شروع ڪيو ھو ته جيئن چند سرمائيدارن جي ھٿن ۾ ويندڙ دولت کي غريب عوام جي ڀلي لاءِ استعمال ڪري سگھي ـ ساڳئي وقت ھن زرعي سڌارا به آندا ته جيئن جاگيردارن کان زمينون کسي غريب ھارين کي ڏئي سگھجن ـ اھو ساڳيو پروگرام سنڌ پيپلز پارٽيءَ جو ھو جيڪا 1948 ۾ سر شاھنواز ڀُٽي ۽ سائين جي ايم سيد ٺاھي ھئي ـ ان ڳالھه جي ثابتي سائين جي ايم سيد جي جنوري 1953 ۾ لکيل مضمون (سنڌي عوامي جماعت جي پاليسي ۽ پروگرام بابت 1953 جي اليڪشن وقت تيار ڪيل مضمون) مان ملي ٿي جنھن ۾ سيد لکي ٿو : “اسان پاڪستان جي حڪومت سوشلسٽ بنيادن تي برپا ڪرڻ گھرون ٿا ـ اھا ڪيڏي نه افسوس جي ڳالھه آھي ته ملڪ جا 95 سيڪڙو عوام غربت ۾ غلطان، علم کان بي بھره، آباديءَ لاءِ زمين کان محروم، بي گھر، پوري ڪپڙي ۽ کاڌي لاءِ محتاج ھجن ـ اسان جي جماعت انھن مسئلن جي سرانجاميءَ لاءِ ڪوشش ڪندي ـ” ڀُٽي صاحب جو به اھو ئي نعرو ھو : اَٽو، لٽو ۽ اَجھو ـ

سيد سندن پارٽيءَ جي پروگرام بابت اڳتي لکي ٿو: “اسان ھر ھاريءَ کي پنھنجي زمين جي ٽُڪري ھئڻ جي اصول جا حامي آھيون ـ انھيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ھيٺيان رستا اختيار ڪرڻ ضروري سمجھون ٿا : سرڪاري زمين صرف بي زمين ھارين کي ڏني وڃي ۽ جاگيرون ختم ڪري زمينداريون گھٽائي اھا زمين ھارين ۾ ورھائي وڃي ـ ” ڀُٽي صاحب جو به اھو ئي پروگرام ھو ـ

جي ايم سيد نيشنلائيزيشن جو بيان ھن ريت بيان ڪيو : “اسان مکيه ڪارخانن کي حڪومت جي ماتحت ڪري عوام جي نفعي لاءِ ڪتب آڻڻ جا حامي آھيون ـ بي لغام سرمائيداري ھر صورت ۾ عوام جي غربت دور ڪرڻ ۾ رُڪاوٽ ٿي وجھي، تنھنڪري ان تي سرڪاري قبضي جي خواھش رکون ٿا ـ اسان گڏيل ۽ اسٽيٽ فارم مشنريءَ ذريعي کيتي ڪرائڻ جا حامي آھيون ـ ” اھي ۽ اھڙا ٻيا ڪيترائي پروگرام اھڙا آھن جيڪي جي ايم سيد جي عوامي جماعت ۽ ذوالفقار علي ڀُٽي جي پيپلز پارٽيءَ ۾ بلڪل ھڪجھڙا ھئا ـ ممڪن آھي ته انھن سوشلسٽ پروگرامن جي ڪري سائين جي ايم سيد پنھنجي دوست جي پُٽ لاءِ سندس ڪاميابيءَ جي خواھش به رکندو ھجي ـ شايد اھو ئي شروعاتي زمانو ھو جڏھن سائين جي ايم سيد انڊيا جي دوري تي ويو ھو ۽ چيو وڃي ٿو ته شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي گذارش تي سيد ھندستان ويو ھو ته جيئن بئڪ ڊور ڊپلومسيءَ تحت پاڪستان ۽ ھندستان جي لاڳاپن ۾ سڌارو آڻي سگھجي ـ اھڙي طرح 1973 ۾ جڏھن ملڪ جي نئين آئين کي منظور ڪرائڻ جو وقت آيو ھو، تڏھن به سائين جي ايم سيد پنھنجو ڪردار ادا ڪيو ھو ـ ھڪ سياسي دوست مرحوم خان عبدالولي خان جي حوالي سان ٻڌايو ته سائين جي ايم سيد کيس (ولي خان کي) آئين جي حمايت ڪرڻ لاءِ چيو ھو ـ سيد ولي خان کي چيو ھو: “مان ڀُٽي جي حمايت ڪريان ٿو ڇو ته راجا ڏاھر کانپوءِ ھن خطي جي تاريخ ۾ اھو پھريون سنڌي آھي جنھن جو اقتدار ڪراچيءَ کان ڪشمير تائين پکڙيل آھي ـ” منھنجو اھو سياسي دوست ڪنھن زماني ۾ ولي خان وارن جي نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي (اين ڊي پي) ۾ شامل ھو (نيشنل عوامي پارٽيءَ تي بندش کانپوءِ اھا پارٽي ٺاھي وئي ھئي) ۽ بقول سندس ولي خان پاڻ اھا ڳالھه کيس ٻڌائي ھئي ـ

سائين جي ايم سيد مٿان سختين جو سلسلو ته سندس حياتيءَ جي پڇاڙڪن ڏينھن تائين جاري رھيو ـ پر مونکي 1989 جو اھو زمانو ياد آھي، جڏھن شھيد بينظير ڀُٽو اقتدار ۾ ھئي ۽ سيد کي سندس ڪٽر مخالف طور اخبارن ۾ پيش ڪيو ٿي ويو ـ سيد سان منھنجون ڪچھريون حيدر منزل تي ٿينديون ھيون ـ ھڪ ڏينھن سائينءَ ٻڌايو ته ھو ڪجھه ڏينھن اندر سنڌ جو دورو ڪندو ۽ ان سلسلي ۾ ٺٽي ۾ پھريون جلسو ڪندو جنھن ۾ ھُو بينظير ڀُٽو جي غير مشروط حمايت جو اعلان ڪندو ـ “بينظير سنڌ جي نياڻي آھي ۽ وڏي قابل عورت آھي ـ سندس حمايت ڪرڻ لازمي آھي ڇوته ان کانپوءِ جيڪو به حڪمران ايندو اھو ڪنھن به ڪئليبر جو ڪونه ھوندو،” سيد چيو ھو ـ پر شايد سندس آسپاس ڪن “پھتل” ماڻھن کيس ايئن ڪرڻ نه ڏنو ـ ٺٽي واري جلسي ۾ اھڙو ڪو اعلان ڪونه ٿيو ۽ ان کانپوءِ سکر ۾ اھڙي صورتحال پيدا ڪئي وئي جو بغاوت جو ڪيس ٺھيو ۽ گرفتاريءَ کان بچائڻ لاءِ اسان جا “پھتل” يار سائينءَ کي گاڏيءَ ۾ کڻي ايئن سنڌ جي سرحد ڏانھن ڀڳا ڄڻ سيد ڪو گوريلو يا ڪمانڊو ھو ۽ نيٺ کيس گرفتار ڪرائي وري ڪراچي جيل ۾ بند ڪيو ويو ـ سگهارن ادارن انھن “پھتل” يارن ھٿان اھڙو ماحول پيدا ڪيو جو بينظير ڀُٽو ۽ سائين جي ايم سيد وچ ۾ سياسي مفاھمت جو امڪان ئي ختم ٿي ويو ـ

(ھي منھنجا پنھنجا زاتي خيال آھن جن سان اختلاف رکڻ جو ھرڪنھن کي حق آھي ـ )

(ليکڪ سينيئر صحافي ۽ دانشور آهي هي ليک. خاص “افيئر” ميگزين لاءِ لکيائين)

nasiraijazpk@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو