Home / دنيا / شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر شپ پاڪ – ڀارت دوستاڻا لاڳاپا: علائقائي امن ۽ خوشحالي جو رستو
above article banner

شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر شپ پاڪ – ڀارت دوستاڻا لاڳاپا: علائقائي امن ۽ خوشحالي جو رستو

ايمل خان

گذريل هڪ هفتي دوران اندروني ۽ علائقائي سلامتي جي حوالي سان ڪيترائي اهم واقعا ٿيا آهن ۽ جيڪڏهن ان حوالي سان وڌيڪ اڳڀرائي ٿئي ٿي ته پاڪستان جي داخلي سلامتي کي درپيش خطرن ۽ چئلينجز تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. اهڙي ريت داخلي سلامتي، استحڪام ۽ علائقي ۾ پائيدار امن جا بنياد رکي ۽ مضبوط ڪري سگهجن ٿا.

پاڪستان جي سياحتي ماڳ مري ۾ طالبان ۽ افغان حڪومت وفدن وچ ۾ پهريون ڀيرو رسمي ۽ باضابطه امن ڳالهين جي شروعات، روس ۾ پاڪستاني وزيراعظم نواز شريف ۽ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي ملاقات ۽ پاڪستان کي شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر شپ ملڻ انتهائي اهم واقعا آهن.

ٽيئي واقعا ظاهري طرح الڳ ٿلڳ نظر اچن ٿا پر اهي ٽيئي دراصل هڪٻئي سان جڙيل آهن. انهن ٽنهي اسٽريٽجڪ مامرن ۾ اڳڀرائي سان نه رڳو پاڪستان، افغانستان ۽ انڊيا ۾ ترقي، امن ۽ خوشحالي لاءِ سازگار ماحول مهيا ڪري سگهجي ٿو بلڪه علائقائي امن کي به هٿي ملي سگهي ٿي.

ميڊيا جا تبصرا هڪ پاسي جن ۾ سنجيدگي کان وڌيڪ جذباتيت ۽ حقيقت پسندي کان وڌيڪ سنسني خيزي آهي. پاڪ-فغان ۽ پاڪ انڊيا لاڳاپن کي ايڪويهين صدي جي تقاضائن ۽ عوام جي وسيع تر مفاد ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي. ايڪويهين صدي علائقائي سهڪار جي صدي آهي. پاڪستان کي سيڪيورٽي اسٽيٽ مان ويلفيئر اسٽيٽ ۾ بدلائڻو آهي. جڏهن عوام خوش هوندو ته رياست مضبوط ٿيندي.

پاڪستان جا پنهنجي ٻن پاڙيسرين پوءِ اهو افغانستان هجي يا انڊيا سان لاڳاپن ۾ بهتري ۽ سٺي پاڙيسري هجڻ وارن لاڳاپن جا اثر هر شعبي تي پوندا. اوڀر ۽ اولهه جي سرحدن تي ڇڪتاڻ جي ڪري نه رڳو پاڪستان جا فوجي ۽ ٻين قومي سلامتي سان لاڳاپيل مامرن تي خرچن ۾ تمام گهڻي واڌ آئي آهي، بلڪه افغانستان ۽ انڊيا جا خرچ به وڌي رهيا آهن.

test

سرحدن تي ڇڪتاڻ جي ڪري پاڪستان اندروني دهشتگردي جي واقعن کانپوءِ انڊيا ۽ افغانستان تي دهشتگردن جي حمايت، امداد يا کين پناهه ڏيڻ جوالزام مڙهي ٿو. افغانستان ۽ انڊيا وري موٽ ۾ پاڪستان تي اهڙا الزام هڻن ٿا. افغان ۽ ڀارتي عوام ۾ پاڪستان لاءِ ۽ پاڪستان جي عوام ۾ انڊيا ۽ افغانستان بابت منفي جذبا موجود آهن. هڪٻئي تي الزامن واري لاڙي ۽ ڇڪتاڻ سبب منفي دشمني وارن جذبن ۾به واڌارو اچي ٿو. ٽنهي ملڪن ۾ نه رڳو عوامي سطح تي جنگ پرست ۽ انتهاپسند لاڙا ۽ حلقا موجود آهن بلڪه انهن کي حڪومتي ۽ سرڪاري حلقن ۾ حمايت ۽ پذيرائي به حاصل آهي، جڏهن ته ڪن ڪيسن ۾ حڪومتي ۽ سرڪاري حلقا عوامي سطح تي جنگ پرست ۽ انتهاپسند لاڙن کي اڀارڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪن ٿا. ايئن ٻنهي ملڪن ۾ انتهائي بااثر مفاد پرست حلقا پئدا ٿي چڪا آهن جن جي مفاد ۽ بقا جو دارو مدار پاڙيسري ملڪن جي مامرن ۾ مداخلت جي پاليسي ۽ علائقي ۾ ڇڪتاڻ ۽ جنگي ماحول برقرار رکڻ ۾ آهي.

نه وساڻ کپي ته ڪيترن ئي ڏهاڪن کان هلندڙ ڇڪتاڻ وارين پاليسين کان عوام جي گهڻائي بيزار ٿي چڪي آهي ۽ عوام جي وڏي حلقي ۾ امن قائم ٿيڻ جي خواهش ۽ طلب وڌي چڪي آهي. ڇاڪاڻ جو ڇڪتاڻ جي سياست جا هاڃيڪار اثر عوام تي ئي پوندا آهن ۽ اڃا به ڀوڳي پيو. ڇڪتاڻ ۽ جنگي ماحول سبب ٽنهي ملڪن ۾ قومي آمدني جو وڏو حصو فوجي خرچن حوالي ٿي وڃي ٿو، نتيجي ۾ سماجي شعبو نظر انداز ٿي رهيو آهي يا وري ان کي ضرورت موجب وسيلا مهيا نٿا ٿين. ان ڪارڻ غربت، بيروزگاري ۽ مهانگائي وڌي رهي آهي ۽ حڪومتون عوام کي بنيادي ضرورتون مهيا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي رهيون آهن. غربت ۽ بيروزگاري وڌڻ سبب ڏوهن ۾ واڌ اچي ٿي ۽ بدامني پڻ وڌي ٿي. بدامني جي ڪري ترقي جو عمل سست ٿي وڃي ٿويا بنهه رڪجي وڃي ٿو. باقي دنيا ۾ علائقائي امن ۽ سهڪار جا لاڙا وڌي رهيا آهن. جڏهن ته اسان جي علائقي ۾ ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي. ان ڇڪتاڻ ۽ تڪرار جي پاليسين جو سڀ کان گهڻو اثرعوام تي پئجي رهيو آهي.

انڊيا جي ڀيٽ ۾ جنهن جو اقتصادي بنياد ڪنهن حد تائين سگهارو آهي، افغانستان ۽ پاڪستان جي عوام تي ڇڪتاڻ ۽ جنگي ماحول جا وڌيڪ اثر پون ٿا. داخلي تڪرارن، عالمي ۽ علائقائي دشمنين جي ڪري افغانستان جي معيشت تباهه ٿي چڪي آهي ۽ ٻئي پاسي هاڻي ڇڪتاڻ ۽ تڪرار تي ٻڌل رياستي پاليسين جي دفاع ۾ سياسي ۽ مذهبي جماعتن جي ڀيٽ ۾ هڪ يا ٻه ويڙهاڪ گروپ ٻاهر نڪرن ٿا ۽ عام طور تي عوام کانئن لاتعلق رهي ٿو.

گذريل ڪجهه سالن کان پاڪستان، افغانستان بابت پاليسي ٺاهڻ وقت اتي انڊيا جي امڪاني حقيقي يا خيالي اثر رسوخ کي نظر ۾ رکي ٿو. انڊيا، پاڪستان جي افغانستان ۾ اثر رسوخ کي – جنهن جي نتيجي ۾ افغانستان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڪسي وار جو جنگي ميدان بڻجي چڪو آهي ۽ ٻئي علائقائي قوتون افغانستان ۾ جاري اسٽريٽجڪ شطرنج راند ۾ هڪ ٻئي کي مات ڏيڻ جو ڪو به موقعو هٿان وڄڻ نٿيون ڏين.

افغانستان هجي يا پاڪستان، ٻنهي ملڪن ۾ امن هجڻ هڪ ٻئي جي داخلي صورتحال سان جڙيل آهي ڇو ته ٻنهي ملڪن ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جون تندون هڪ ٻئي سان جڙيل آهن. افغانستان ۾ امن سان پاڪستان ۾ امن لاءِ سازگار ماحول بڻبو ۽ اهڙي طرح پاڪستان ۾ امن سان افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ٻنهي ملڪن جي سياسي سربراهن جي هاڻوڪن بيانن ۾ ان حقيقت جو ادراڪ ۽ احساس جي جهلڪ ڏسي سگهجي ٿي. ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ معمولي بهتري ۽ افغانستان امن پراسيس شروع ٿيڻ کانپوءِ ترت ڪيترن ئي پاڪستاني ويڙهاڪن داعش اڳواڻ حافظ سعيد ۽ ڪمانڊر شاهد کي افغانستان ۾ نشانو بڻايو ويو آهي.

ڪنهن علائقائي تعاون تنظيم جي مقصدن ۽ ميمبر شپ جي ذميوارين کي اڳتي وڌائڻ جي ڀيٽ ۾ تنظيم جي ميمبر شپ حاصل ڪرڻ سولو ڪم آهي. شنگهائي تنظيم جنهن جي ايجنڊا تي دهشتگردي جي روڪٿام ،ڪيترائي گڏيل لائحه عمل ۽ ڪوششون هڪ نڪتو آهي، ۾ شموليت اختيار ڪرڻ ئي پاڪستان تي دهشتگردي خلاف جنگ جي حوالي سان دٻاءُ ۽ ان حوالي سان ذميواريون وڌي وينديون. شنگهائي تنظيم جي ميمبر ملڪن جي دهشتگرد تنظيمن سان تعلق رکندڙ ڪيترائي دهشتگرد پاڪ- افغان سرحدي علائقن ۾ هاڻي به موجود آهن.

شنگهائي تنظيم ۾ شموليت سان علائقائي سطح تي تعاون ۽ ڀائيچارو وڌندو جيڪو علائقائي امن جي بنيادي شرطن مان هڪ آهي. سارڪ جي ڀيٽ ۾ شنگهائي تعاون تنظيم ۾ شامل ملڪن خاص طور چين، روس، پاڪستان ۽ انڊيا جا لاڳاپا خراب ٿيڻ نه ٿيندا.

اهي واقعا ان ڳالهه جي نشاندهي ڪن ٿا ته علائقي ۾ امن جي خواهش ۽ امن قائم ٿيڻ جي ضرورت محسوس ڪئي پئي وڃي ۽ ان سلسلي ۾ سنجيده ڪوششون پڻ ٿي رهيون آهن. جيتوڻيڪ جنگ پرست، انتهاپسند سوچ ۽ لاڙن جي ڀيٽ ۾ امن چاهيندڙ حلقي جو انگ وڌيڪ آهي پر پوءِ به جنگ پرست ۽ انتهاپسند حلقو ڪيترن ئي سببن جي ڪري اڃا تائين مضبوط آهي ۽ پاليسي سازي ۾ انهن جو عمل داخل وڌيڪ آهي. ان ڪري انهن معاملن ۾ مثبت اڳڀرائي جو دارو مدار انهن ملڪن جي اندروني قوتن وچ ۾ طاقت جي توازن تي هوندو.

روايتي ڇڪتاڻ ۽ نئين سوچ، امن پسند ۽ جنگ پرست قوتون ۽ سيڪيورٽي اسٽيٽ ۽ هيومن سيڪيورٽي ائپروچ رکندڙ سرڪاري ۽ غير سرڪاري قوتن جي وچ ۾ موجود يا اڀرندڙ طاقت جي توازن تي هوندو.

پراڻن تڪرارن کي ڪجهه عرصي لاءِ ڪولڊ اسٽوريج ۾ رکي ۽ انهن مسئلن جي حل لاءِ سازگار ماحول پيدا ٿيڻ جو انتظار به ڪري سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ جو هاڻوڪي جذباتي ۽ ڇڪتاڻ واري ماحول ۾ جنگ کانسواءِ مسئلن جي حل جي ڪا به راهه نظر نٿي اچي. وچ واري عرصي کي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو ڇو ته جنگ مسئلن جو حل نه آهي ڇو ته جنگ جي نتيجي ۾ مسئلا وڌيڪ مونجهاري جو شڪار ۽ حل جوڳا نٿا رهن. پراڻا تڪرار ڪينسر وانگر زندگي جي هر شعبي ۾ سرايت ڪري چڪا آهن ۽ قومي وسيلن کي اڏوهي وانگر کائي رهيا آهن. عوام جي خوشي، آسائشون ۽ بنيادي ضرورتون انهن تڪرارن جي ور چڙهي رهيون آهن. جنگ جي ڀيٽ ۾ امن جا فائدا تمام گهڻا آهن. جنگاڻ ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ سان خونريزي، تباهي، ۽ بربادي پلئه چوي ٿي جڏهن ته امن ۾ سيڙپڪاري سان تري، خوشحالي ۽ استحڪام اچي ٿو.

ليکڪ مختلف انگريزي اخبارن لاءِ لکندڙ فري لئنس صحافي آهي. هي ليک خصوصي طور “افيئر” لاءِ لکيائين

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو