Home / پروفائيل / عبدالله حسين: اداس نسلين کان نادار لوگ تائين
above article banner

عبدالله حسين: اداس نسلين کان نادار لوگ تائين

Amar Sindhuاڃا ڪالهوڪو سال 2014“ اداس نسلين” ناول جي اڌصدي جو سال هو ۽ ٺيڪ هڪ سال پوءِ 2015 سندس تخليقڪار عبدالله حسين جي قلم جي انت پڄاڻي جو سال بڻيو.هاڻوڪي تتل جولاءِ جي قهر ۾ هڪ وڌاءُ هي به ته هن ئي مهيني ۾ گجرات جي اسد خان؛ عبدالله حسين جي قلمي نانءُ سان مشهور هن دراز قد ناولسٽ ۽ ليکڪ نيٺ قلم سيراندي رکي پنهنجا آخري ساه ويڙهي پنهنجي نا آسوده روح سان آخري الوداع ڪئي. حياتي جا پويان سال هن ڪينسر سان وڙهندي گذاريا، پر سندس دل تي اهو بار سدائين رهيو ته دنيا ۾ جيئن وڏن ليجنڊ ليکڪن جي پذيرائي ٿيندي آهي تئين سندس قلمي قدر نه ٿيو. پر حقيقت اها هئي ته سندس قلمي پورهئي کي سندس زندگي ۾ ئي ايوارڊن ۽ اعزازن سان نوازيو ويو. سندس پهرين ناول “اداس نسلين” تي آدم جي ايوارڊ ۽ ڊگهي عرصي کان پوءِ سندس وطن واپسي تي صدارتي ايوارڊ به سندس حصي۾ آيو. ها، ائين ضرور هيو ته سندس لکڻين تي ادبي حوالي سان سندس توقع کان شايد گهٽ لکيو ۽ ڳالهايو ويو. پر، اهو اعزاز به هن ليکڪ جي حصي ۾ ئي آيو ته سندس پهرين ناول ئي پنجاه سالن تائين ماڻهن جي دلين تي ايئن راڄ ڪيو جو ان ناول جي آپيشاهي ۾ عبدالله حسين جو ٻيو ڪو ناول پنهنجي جاءِ والاري نه سگهيو. توڙي جو ان جو افسوس عبدالله حسين کي توڙ تائين رهيو ته سندس ٻين ناولن کي ايتري ادبي سنجيدگي سان نه ورتو ويو پر سچ اهو هو ته سندس پڙهندڙن اهو ناول سدائين پئي پراڻو نه ٿئي جي وکر جيان ورتايو ويو.پهرين جنگ عظيم کان 1947ع تائين جي ڦهليل بيڪ ڊراپ ۾ لکيل اداس نسلين؛ عبدالله حسين جو محض واقعاتي ناول نه هو پر اهو دراصل تاريخ جي جبريت جو اهڙو دستاويز هو جيڪو هن ننڍي کنڊ جي ان نسل جي حصي ۾ لکيئي ۾ لکيل هو، جنهن ورهاڱي جو وڍ پنهنجي روح تائين محسوس ڪيو هو.

“جڏهن کان اداس نسلين لکيو ويو ان وقت کان هن ڪتاب جي خوشنصيبي ۽ اسان جي بد قسمتي آهي ته هر نسل اداس کان اداس تر ٿيندو ٿو وڃي.” ڪتاب جي ڪاميابي سندس تخليقڪار کي خوش ته ضرور ٿي ڪيو پر پنهنجي دور تي ڇانيل اداسي کي گهٽائڻ سندس وس وٽان نه هئي. هي سندس اولين ناول هو، پر عام ادبي روايتن جي برعڪس هن ان ناول جي ڪا خاص منصوبه بندي نه ڪئي هئي، هن ان ناول کي صرف ان بوريت کي ختم ڪرڻ جو ذريعو پي سمجهيو جيڪا بظاهر ته کيس ڪيميڪل انجنئير جي حيثيت ۾ انساني آبادين کان ڏورانهين علائقي دائود خيل جي سيمينٽ فيڪٽري ۾ ڪم ڪندي محسوس ٿي، پر هن نه ٿي ڄاتو ته اها بوريت سطحي ۽ رواجي درجي کان مٿاهين ان وجودي ڪيفيت واري بوريت آهي جيڪا اندر جي اونهاهين مان وجود جو جوهر ميڙي تخليقي سگهه جي صورت اختيار ڪري ٿي وٺي ۽ ائين عبدالله حسين جي اها وجودي بوريت نعيم جي وجودي استعاري ۾ ننڍي کنڊ جي هڪ نسل جي ان سموري ڪيفيت جوآئينو بڻجي سامهون آئي جنهن کي عبدالله حسين اداسي ۾ ورتل نسل ٿي ڪوٺيو.

july (a) 50

سٺ جي ڏهاڪي جي شروعاتي سالن ۾ لکيل سندس ناول، اداس نسلين؛ پنجاه سالن کان وٺي جنهن نسل جي دلين ۽ دماغن تي ايتري ڊگهي عرصي تائين راڄ ڪيو، اهو نسل بيشڪ ته اداسي جي ڳوڙهي مٽي مان ڳوهيل هو پر ڪيئن چئجي ته ان نسل جي رڳ رڳ ۾ آزادگين واري انقلابي رومانس جو خمار نه هو.اها، وري به تاريخ جي جبريت ته آزادگين جي راه تي فنا لاءِ تيار اهو نسل بعد ۾ نه پنهنجي آزادي ۽ نه ئي پنهنجي ڌرتي سنڀالي سگهيو هو. اداس نسلين؛ سندس چواڻي ته سندس بوريت جو نتيجو هو پر تاريخ جي جنهن ڌاڳي سان ان اداسي جي چولي جي اڻت ٿي هئي اهو ننڍي کنڊ جي چيريل ڇاتي تي رکيل چرخي تي اُڻيو ويو هو.بيشڪ ته اداسي جا به ڪي داخلي سبب ٿي سگهن ٿا پر ٽن نسلن جي رڳن ۾ رت جيان ڊوڙندڙ ۽ نسل به نسل منتقل ٿيندر ان اداسي جو سبب خارجي سياسي۽ سماجي حالتون هيون، پر اهو به سچ ته هن ناول به ان نسل کي خماربخشي ڇڏيو هو جنهن هن جي اندر جهاتي پائي پنهنجو چهرو ٿي پسيو. سٺ جي ڏهاڪي کان پوءِ سالن بعد به جنهن ڌرتي ڌڻين جي نسل جي اداسي، مايوسي ۽ غصي کي پڙهيو، پرکيو ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪري قلمبند ڪيو اهو به ٻيو ڪو قلمڪار نه پر عبدالله حسين ئي هو. “نادار لوگ” سندس ٻيو شاهڪار هو جنهن کي “اداس نسلين” جو 1947 کان پوءِ جو تسلسل سمجهجهي ته گھڻو غلط نه ٿيندو. جيتوڻيڪ سندس ڪردار مختلف ۽ ڪجهه ارڏائپ رکندڙ پر “اداس نسلين” پنجاب جي سڌي پٽن جي ان سرزمين تان سرجيل ڪهاڻي هئي جيڪا فوجي جرنيلن ۽ سر خم سپاهين جي لاءِ گهڻي ذرخيز رهي آهي ۽ ان کان پوءِ لکيل ناول “نشيب” ۾ 1947 واري نام نهاد آزادي جي المناڪ خواب جي ڪهاڻي پر انهن ٻنهي جي عين برعڪس “ نادار لوگ” 1947 کان پوءِ پاڪستاني رياست جي سياسي پاور ۽ ان سان جهيڙيندڙن جي جدوجهد جي روڊ ميپ جي ڪهاڻي هئي ، جنهن جا ڪردار گهڻو ڪري باغي،ڏاڍ سان جهِيڙيندڙ۽ سياست ذريعي مرڪز جي طاقت(پاور) سان اکٻوٽ کيڏندڙ رهيا. “نادار لوگ” رياستي پاور ۽ سياسي اوڀارين لهوارين جي منظر ڪشي سان ڀرپور پر ان جي انت پڄاڻي؛ بلوچستان جي سنگلاخ پهاڙن تي جنم وٺندڙ باغين تي اڀي ٿيل بندوق ۽ لڳ ڀڳ نسل ڪشي جهڙي صورتحال مان گذرندڙ بلوچن جي رت دُٻن تي ٿئي ٿي.

اداس نسلين جي برعڪس عبدالله حسين جو نادار لوگ سياسي مباحثن جو ۽ ادبي بحث جو حصو نه بڻجي سگهيو. سياسي ٿيم رکندڙ نادار لوگ کي پڙهندڙ توڙي ادبي حلقي مان ڪا گهڻي پذيرائي نه ملي هئي. ممڪنه طور تي چئي سگهجي ٿو ته اهو ان دور ۾ لکيو ويو جڏهن پاڪستان۾ سياسي هلچل جو زوال شروع ٿي چڪو هو. عبدلله حسين جي ڪريڊٽ تي ڪهاڻين کان سواءِ ٻيا ناول به رهيا جنهن ۾ کيس ڪشمير جي پس منظر ۾ لکيل “باگهه” وڌيڪ پسند رهيو پر اهو پڻ ادبي حلقن جي پذيرائي باوجود عام پڙهندڙ جو ڌيان ڇڪائڻ ۾ ناڪام ويو جنهن جوکيس سدائين دل م ڏک به رهيو. “محبت ۽ معاش“ سندس زندگي جا ٻه مرڪز رهيا، اهو شايد معاش جو مسئلو هو يا هن پنهنجي سرزمين کي رهڻ لاءِ راس نٿي سمجهيو جو هن ست سمنڊ پار وڃي پرديس وسايو، پر محبت جي ضرورت جو اظهار هن عمر جي آخري حصي تائين برملا ٿي ڪيو. هن مڃيو ٿي ته زندگي گذارڻ جو بهترين اصول اهو هجي ته ان جو ڪو اصول نه هجي پر ان باوجود به هي اهو ضرور چوندو رهيو ته “ هڪ شريف ماڻهوحقيقي ليکڪ نٿو ٿي سگهي، عورتبازي؛ اعليٰ دماغن جي هڪ بهترين خاصيت هجي ٿي، ان لحاظ کان نه ته اها پنهنجي پر ڪا سٺي خاصيت آهي پر ان حوالي کان ته اها سماجي ٽيبوز ٽوڙي ٿي، ۽ هڪ ليکڪ لاءِ اها بهترين شيءُ آهي ته هو رائج سماج جي قائم دائم ٽيبوز تي ٻڌل قدرن کي ٽوڙي ڀڃي ڀورا ڪري.”

روسي ڪهاڻيڪار ۽ ناولسٽ چيخوف سندس پسنديده رائٽر هو جنهن ۾ کيس گهري اداسي جو عنصر وڻندڙ هو ۽ سندس فٽلزم ۾ کيس خاص اپيل محسوس ٿيندي هئي. جيتوڻيڪ دوستو وسڪي جي برادر ڪرمازوف تي ناول جي انتها سمجهڻ واري عبدالله حسين کي يورپ ۾زندگي گذارڻ واري تجربي ئي شايد کيس سماجي پابندين واري زندگي کان آزادگي واري تصور جي قريب ڪيو هو. هو پنهنجي لاءِ به ائين چوندو هو ته هو ڪنهن به سماجي ضابطي واري زندگي کان آزاد آهي. عبدالله حسين جي اهڙن خيالن جي هن روايت پسند سماج ۾ ڪيئن پذيرائي ٿئي ها جنهن ۾ يڪ ازدواجي شادي کي عمر قيد سان ڀيٽيندي هو چوندو هو ته شادي جديد سماج جي تصور ۾ ڪنهن به طرح فٽ نٿي ٿي سگهي ان ڪري ئي يورپ ۾ هڪ شادي جي عمر وڌ ۾ وڌ ست سال ئي مس هوندي آهي. سندس چوڻ ته پهرين شادي هميشه پهرين ناول جيان هوندي آهي جنهن ۾ ڪيتريون ئي خاميون رهجي وينديون آهن. سندس نظر ۾ شادي آرٽ لاءِ وڏي ۾ وڏي دشمن آهي ۽ هن جو اهو به مڃڻ هو ته نوانوي سيڪڙو عورتون شادي ۾ ناخوش هونديون آهن.

july (a) 51

چاليهه سال پرديس جي خاڪ کيڏندي کيڏندي جڏهن گجرات جي هن دراز قد ليکڪ پنهنجي مٽي ڏانهن موٽ کاڌي ته سندس پڙهندڙن ۽ ڏسندڙن کي هن جي چيلهه توڙي شخصيت ۾ ڪو خم نظر نه آيو هو. جيتوڻيڪ انهن چاليهه سالن ۾ وقت ڪيترن سان ايئن کيڏيو هو جو قلم توڙي قول سان ثابت قدمي واري پلصراط سندن چيلهه چٻي ڪري وڌي هئي. اها ٻي ڳالهه ته ڪجهه سال اڳ يورپ جي آزادگي واري زندگي کي الوداع چئي هو پنهنجي ڪکن ڏانهن واپس وريو ته کيس اتي زمانو ساڳي جاءِ تي ئي بيٺل نظر آيو پر کيس ان ڳالهه جي حيرت ۽ ڏک رهيو ته هاڻ سماج ۾ بي حسي ايترا درجا اڳتي وڌي ويئي آهي جو غير فطري موت تي ماڻهن نوٽس وٺڻ به ڇڏي ڏنو آهي. هن کي اهري سماج لاءِ ڪا گهڻي عزت نه هئي پر هن ان تي به تبصري بازي بجاءِ ڪٿي ڪٿي ذڪر ضرور ڪيو ٿي. سندس زندگي جا آخري ڏهاڙا بيماري ڪري ۽ ڪجهه ادبي سرگرمين جي عدم موجودگي ڪري اڪيلائپ ۾ ئي گذريا. جنهن ڏينهن هن آخري الوداع چيو ، ان ڏينهن جي اها وڏي خبر هئي ته اداس نسلين جو قلمڪار هليو ويو ۽ اداس نسل جي اداسي پويان به سلامت رهجي وئي .

ليکڪا سياسي تجزئي نگار آهي. هي ليک خصوصي طور “افيئر” لاءِ لکيائين.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو