Home / سنڌ افيئر / غربت بدران غريبن جو خاتمو بينظير انڪم سپورٽ ڪارڊ: ڪروڙين رپيا هڙپ!
above article banner

غربت بدران غريبن جو خاتمو بينظير انڪم سپورٽ ڪارڊ: ڪروڙين رپيا هڙپ!

Zahid Ishaqبينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو مقصد ڀلي حڪومت هيٺئين طبقي جي غريب خاندانن جي امداد ڪرڻ بيان ڪري پر هاڻي بي آءِ سي پي مستحق عورتن جا ڪارڊ سرمائيدار ۽ واپارين لاءِ منافعي بخش ڪاروبار بڻجي ويا آهن، مستحق وري به ساڳئي نظام ۾ اڳ جيان پيڙهجي رهيو آهي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا ڪارڊ سنڌ جي سرمائيدار ۽ واپاري طبقي لاءِ چاندي هن ريت بڻجي ويا آهن ته بي آءِ ايس پي جون ڪارڊ هولڊر عورتون ۽ گهڻي ڀاڱي سندن مڙس يا وارث مرد حضرات قسط اچڻ کان اڳ ۾ پنهنجي ضرورتن يا مجبورين سبب ايجنٽن وٽ اڳواٽ رقم وٺڻ ۽ ان عيوض ڪارڊ گروي رکڻ لاءِ پهچن ٿا، ايجنٽ حضرات پنهنجي سيٺ (واپاري/سرمائيدار) وٽ 4500 رپين جي قسط وارو ڪارڊ اڌ رقم کان گهٽ 2000 ڏئي گروي ڪري ٿو. هن سڄي معاملي ۾ ايجنٽ جي ٻه کان ٽي سئو رپيا ڪمائڻ کان سواءِ باقي سڄي رقم جو مالڪ ۽ گهڻو فائدو واپاري حاصل ڪري ٿو. بي آءِ ايس پي جي غريب مستحق عورتن لاءِ جاري ٿيندڙ اربين رپين جي امداد کي واپاري طبقي “منافعي بخش ڪاروبار” بڻائي ڇڏيو آهي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي امداد کي ڦٻائيندڙ سرمائيدار اهڙو “ڄار” وڇائڻ ۾ ڏينهون ڏينهن سرگرم آهن.

ملڪ ۾ جيڪي ماڻهو جيئڻ ڪاڻ اٽي لپ لاءِ پريشان آهن، تن غريبن لاءِ گذريل پ پ حڪومت پاران شروع ڪيل ۽ هاڻوڪي نواز حڪومت طرفان جاري رکيل بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ملندڙ وظيفي کي پهرين پاڪستان پوسٽ آفيس جي مني آرڊر فارم ذريعي مستحق کي ڏنو ٿي ويو پر بعد ۾ ان کي محفوظ ۽ آسان بڻائڻ لاءِ بئنڪ جي ATM ڪارڊ ذريعي رقم جي ادائيگي جو بندوبست ڪيو ويو آهي. بي آءِ ايس پي جي مستحقن کي رقم محفوظ نموني ادا ڪرڻ لاءِ ATM ڪارڊ ته ڏنو ويو پر اهو به ان اڻپڙهيل ۽ سادي غريب عورت لاءِ ڏچي کان گهٽ نه آهي. ATM جي استعمال کان بنهه اڻ واقف عورتن جا ڪارڊ اڪثر سندن مڙس کڻي وڃن ٿا يا پاڻ ويچاريون بئنڪ جي ATM مشينن آڏو قطارون ٺاهي بيهن ٿيون ته اتي به بئنڪ عملي جي سهڪار يافته “دلال” موجوده دور جي سڌريل بشنين وانگر پهچي پنهنجي ڪمال جو مظاهرو ڪن ٿا. دلال مستحق عورت يا سندس مڙس/وارث کان ڪارڊ وٺي جلدي رقم ڏيڻ جي آسري تي 500 رپين کان 1000 رپين جي “ڪٽوتي” ڪري سروس چارجز وصول ڪن ٿا. حڪومت پاران بي آءِ ايس پي ڪارڊ هولڊرن لاءِ ATM توڙي گروي وغيره جي ٻين معاملن بابت سڌارا آڻڻ لاءِ حڪمت عملي جيستائين جوڙي وڃي تيستائين غريبن جي مال تي اميرن جا ڌاڙا ۽ دلالن جون موجون نظر اچن ٿيون. هن وقت سڄي سنڌ ۾ بي آءِ ايس پي جي مستحقن جا ڪارڊ گروي رکڻ وارو رواج عروج تي پهچي چڪو آهي. سرمائيدار ۽ واپاري طبقي مستحقن جا ڪارڊ ٿوري رقم عيوض گروي رکي وڏي رقم ڦٻائڻ ۾ گهڻو رڌل آهن.

juli  31-32  b

هڪ جائزي موجب سنڌ جي چئن ضلعن ٺٽو، سجاول، بدين ۽ ٽنڊو محمد خان جي شهرن ۾ بي آءِ ايس پي جا ڪارڊ وڏي انگ ۾ واپاري خريد ڪن ٿا، هنن وٽ پنهنجي پنهنجي ايجنٽن ذريعي وڌيڪ ڪارڊ حاصل ڪري وڏو ناڻو ڪمائڻ جي ڊوڙ ۽ مقابلا لڳا پيا آهن. جاتي، ميرپور بٺورو، گهارو، ساڪرو، ماتلي، گولاڙچي، شاهه ڪريم جي شهرن ۾ ڳجهن نما اهڙا سرمائيدار بي آءِ ايس پي جي ڪارڊ کي پنهنجي لاءِ سوني جهرڪي سمجهن ٿا. غريبن جي چُلهه ٻارڻ جيتري مس ٿوري ملندڙ قسط جي 4500 رپين واري ڪارڊ کي قسط جي رقم اچڻ کان ٿورا ۽ گهڻا ڏينهن اڳ گروي ڪرڻ تي في ڪارڊ تان تقريبن 2500 رپيا “نفعو” ڪمايو وڃي ٿو. سجاول ضلعي ۾ تقريبن 127،000 ڪارڊن مان رڳو 12 سيڪڙو مستحقن جا ڪارڊ اهڙن ڳجهن سرمائيدارن کان بچي وڃن ٿا، باقي 88 سيڪڙو اهي ڪارڊ گروي ٿين ٿا. رڳو هڪ واپاري وٽ 2800 کان 3000 تائين ڪارڊ گروي هر قسط تي ٿيل هجن ٿا. انهن گروي ڪارڊن مان 2500 رپيا في ڪارڊ جي نفعي طور هر قسط تي 7500،000 رپيا/مني ڪروڙ کان هڪ ڪروڙ رپين تائين حاصل ڪن ٿا. بي آءِ ايس پي جي مستحقن جون مجبوريون کين ملندڙ معاوضو ڪجهه وقت لاءِ به نٿو ٽاري سگهي، اهي معاوضي جو گهڻو حصو وڃائي رڳو ڪجهه ويلن جي ماني لاءِ پنهنجو ڪارڊ گروي ڪن ٿا پر واپارين جي گروي ڪرڻ واري نظام قائم ٿيڻ کان پوءِ اهو سوال ڪري سگهجي ٿو ته بي آءِ ايس پي ڪارڊ غريبن جي بک لاهي سگهي ٿو يا سرمائيدارن جي ٽجوڙين کي ڀرڻ جو ڪم ڏيندو..!؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو