Home / ڪرنٽ افيئر / متحده قائم رهندي – الطاف مائنس ٿي ويندو؟
above article banner

متحده قائم رهندي – الطاف مائنس ٿي ويندو؟

Sameer Mandhoroمتحده قومي موومينٽ جو سربراهه الطاف حسين ۽ سندس انتهائي وفادار ساٿي پنهنجا آخري ڏينهن ساري رهيا آهن. اسٽيبلشمينٽ جيڪا راند متحده سان ڪري رهي آهي ان جي انجام کان الطاف ۽ سندس تمام ويجها ساٿي جيڪي لساني بنيادن تي ڪيئي فساد ڪرائي چُڪا آهن سي چڱي طرح واقف آهن ۽ ڄاڻن ٿا ته ايندڙ ڪُجهه مهينن ۾ هو ڪٿي بيٺا هوندا. هو سمجهن ٿا ته متحده جا ڪيترائي اڳواڻ هن وقت پارٽي کان ڪُنڊائتا ٿي گيم جو حصو ٿي چُڪا آهن، هن وقت تائين پارٽيءَ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ لاءِ جيڪي قدم کنيا وڃن پيا ان لاءِ ڪيترن کي سندن ڪرتوتن سبب پاسيرو ڪيو ويو آهي. انهن خلاف ڪي به انتهائي قدم ان ڪري نه پيا کنيا وڃن جو اهڙن قدمن سان عام مهاجرن جي همدردي الطاف حسين ۽ سندس ويجهن ساٿين جيڪي مُلڪ کان ٻاهر آهن لاءِ وڌي ويندي.

هن وقت واضح طور تي هڪ ڌڙو الطاف حسين سان بيٺل نظر اچي ٿو جڏهن ته وڏو انگ الطاف حسين جي بيانن کان لاتعلق بڻجي مڪمل طور تي منظر تان غائب ٿي چُڪو آهي، جيڪي هن وقت تائين الطاف حسين سان بيٺل نظر اچن ٿا انهن لاءِ ڪو ٻيو رستو نظر نٿو اچي، جنهن جو سبب به پهريون ڌڙو ئي ٻڌايو وڃي ٿو. ان ڌر جو خيال آهي ته جيڪڏهن انهن همراهن کي به ويجهو آندو ويو ته ايندڙ وقت ۾ الطاف کان سواءِ به اها پارٽي اُهو ئي رستو اختيار ڪندي جيڪو متحده خلاف شروع ٿيندڙ آپريشن کان اڳ وارو هو.

هر گذرندڙ ڏينهن سان متحده جي سوچ سامهون اچي رهي آهي، اهو ئي سبب آهي جو رينجرز احتياط سان همراهن کي سوڙهو ڪندي ٿي وڃي. متحده تي ڪم ڪندڙ هڪ سينيئر آفيسر مطابق سڀ ڪُجهه پارٽي، سندس قيادت ۽ پارٽي پاليسي جي خلاف ٿي رهيو آهي، “پر اردو ڳالهائيندڙ مهاجرڀلي سوچ ۾ ڪيڏا به سيڪيولر ڇو نه هُجن پر سياسي طور تمام گهڻا ڪنزرويٽو آهن.” هن ٻڌايو ته متحده جي قيادت انهيءَ ئي سوچ جو فائدو وٺندي هميشه نه صرف ڪراچي تي راڄ ڪيو آهي بلڪه مختلف حڪومتن کي بليڪ ميل ڪندي رهي آهي.

juli  31-14 b

هن ٻڌايو ته آپريشن نه صرف ڏوهارين ۽ دهشتگردن خلاف ٿي رهيو آهي بلڪه اُن سوچ خلاف به ٿي رهيو آهي جنهن جو مقصد ڪنهن نه ڪنهن طرح صرف قبضو ڪرڻ ئي آهي. چيو پيو وڃي ته اندروني طور وڏي عرصي کان متحده جا پنهنجا اڳواڻ پڻ اُن سوچ مان جان ڇڏائڻ پيا چاهين جيڪا ٻاهران کان انهن تي ٿاڦي وئي آهي.

هاڻوڪي صورتحال ۾ متحده جي عام ڪارڪنن کان خاص تائين جي سوچ ۽ لهجو روز تبديل ٿئي ٿو، ڪڏهن چون ٿا ته اهو آپريشن گهڻي دير تائين هلي نه سگهندو ته ڪڏهن چون ٿا ته اسٽيبلشمينٽ مهاجرن کي هميشه لاءِ ديوار سان لڳائڻ چاهي ٿي، ڪڏهن چون ٿا ته اهڙا آپريشن هنن لاءِ نوان ناهن ته ڪڏهن انهن همراهن جو اهو خيال ٿو سامهون اچي ته اها ڪا عالمي سازش آهي جنهن جو نشانو هنن کي بڻايو پيو وڃي. اسان اڳ به “افيئر” جي پڙهندڙن سان اها ڳالهه شيئر ڪري چُڪا آهيون ته ايندڙ وقت ۾ متحده مائنس الطاف هوندي. 5 آگسٽ تي متحده جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار کي رينجرز خط لکي حڪم ڏنو آهي ته هو 187 ڏوهارين کي سندن حوالي ڪري. ان خط ۾ واضح طور متحده قومي موومينٽ اي (A) لکيل آهي. ان کان ٻه ڏينهن اڳ آزاد ڪشمير ۾ متحده جي ٻن وزيرن کي الطاف ۽ سندس پارٽي کان لاتعلق ٿيڻ جو چيو ويو. ان دوران اها ڳالهه پڻ هلرائي ويئي ته متحده جا ڪجهه ناراض اڳواڻ اسلام آباد ۾ موجود آهن، انهيءَ دوران ڪورٽن الطاف جي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا. اهي سڀ ڳالهيون اشارو ڪن ٿيون ته گيم اوور ٿيڻ واري آهي.

رضا هارون، فيصل سبزواري سميت ڪيئي اڳواڻ جيڪي مسلسل منظر عام تان غائب آهن ۽ الطاف حسين جي لاتعلقي باوجود ڊاڪٽر عشرت العباد سنڌ جو گورنر بڻيو ويٺو آهي ۽ آهستي آهستي الطاف حسين جي تقريرن کان پوءِ کيس (Defend) ڪرڻ وارن اڳواڻن جي کوٽ ۽ نون چهرن جي نرڙن تي پگهر ان ڳالهه ڏانهن اشارو آهي ته الطاف واري متحده هاڻ ڪُجهه ڏينهن جي مهمان آهي.

ٻُڌايو وڃي پيو ته نه صرف ٻاهران کان بلڪه اندروني طور متحده وڏي بحران کي منهن ڏيئي رهي آهي. پارٽي اندر هن وقت ڪنهن تي به اعتماد نه پيو ڪيو وڃي. هڪ ڪارڪن ٻُڌايو ته اعتماد جي کوٽ ۽ پارٽي جي واضح پاليسي نه هئڻ ڪري متحده انتهائي ڪمزور پوزيشن تي پهچي چُڪي آهي. “الطاف ڀائي به هن صورتحال جو ذميوار آهي.” هڪ مايوس ڪارڪن ٻُڌايو . هن جو چوڻ هو ته الطاف جي غير ضروري بيانن ڪري متحده ٽٽي چُڪي آهي. هن جي خيال ۾ هن جا غير ضروري بيان تڏهن کان شروع ٿيا جڏهن هن اهو سمجهيو ته ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس ۽ مني لانڊرنگ ڪيس مان هُن جي جان نه ڇٽندي ۽ ايئن ڪرڻ سان هن جو پنهنجو سياسي قتل ٿي ويندو. “هن چاهيو ٿي ته ڪا اهڙي چال هلجي جو سمورو ڌيان هن جي ذات مٿان هٽي وڃي ۽ هو اُن ۾ ڪافي حد تائين ڪامياب ٿيو آهي.” ڪن جو خيال آهي ته سڃاڻپ جي چڪر ۾ همراهه ٻه ٽنگو ڦاٿو آهي. “هن کان سياسي پارٽي به ويندي ته جيل جي هوا پڻ کائيندو.” هڪ ٻئي همراهه متحده سان همدردي ڏيکاريندي چيو.

هڪ ڳالهه هر گذرندڙ ڏينهن سان واضح ٿيندي ٿي وڃي ته الطاف واري متحده جا ته باقي ڪُجهه ڏينهن رهيا آهن پر کين يعني اردو ڳالهائيندڙ مهاجرن جو نئين جڙندڙ پارٽي کان پوءِ ڇا حال هوندو؟ هن نظريي ۽ فڪر ڪرڻ وارن جو خيال آهي ته الطاف واري متحده هنن کي نه صرف سڃاڻپ ڏني آهي بلڪه سياسي سگهه پڻ ڏني آهي جنهن جي بدولت هن پُراڻن پاڪستانين کان به وڌيڪ رُتبو حاصل ڪيو آهي. هو سمجهن ٿا ته نئين پارٽي ۽ نئين قيادت ۾ ايترو دم شايد هُجي جو هو مهاجرن کي اُهي حق ڏياري سگهن جيڪو انهن جو بنيادي حق آهي.

مسلسل ڇاپن، گرفتارين، الزامن، بيانن ۽ انهن جي ردِ عمل کان پوءِ هن وقت هڪ ڳالهه جيڪا الطاف پاڻ به 6 آگسٽ جي شام تقرير دوران ڪري چُڪو آهي ته متحده شايد رهجي وڃي پر الطاف نه. هن سڄي معاملي کان پوءِ هڪ ٻي ڳالهه به سامهون آئي آهي ته متحده جا ويڙهاڪ (جيڪي پڪڙجڻ کان رهجي ويا آهن) سي جان بچائڻ خاطر لڪي چُڪا آهن، جيڪڏهن نئين قيادت جي سرپرستي ۾ پارٽي ڪم شروع ڪري ٿي ته اُهي جيڪي ڀڄي نڪتا آهن تن کي شايد ئي ڪراچي اچڻ جو موقعو ملي يا شايد ئي هو وري ٽارگيٽ ڪلنگ سميت ٻيا ڏوهه ڪري سگهن. پر ان کان به ڇرڪائيندڙ پهلو اهو آهي ته متحده الطاف کان سواءِ هجي يا سڪڙجي ننڍي ٿي وڃي. ان مان “مهاجر مفاد” کي ڪڏهن به هميشه هميشه لاءِ نه ڪڍيو ويندو. ان تلوار کي ٻين لاءِ نه پر سنڌين لاءِ رکيو ويندو. متحده سان اسٽيبلشمينٽ جي جنگ دوران اها ڳالهه به سامهون آئي آهي ته هن جهٽڪي کان پوءِ هو پاڻ کي وڌيڪ منظم ڏسڻ چاهين ٿا پر سمجهن ٿا ته اهو سڀ ڪُجهه الطاف کان سواءِ ممڪن نه ٿيندو…..

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو