Home / دنيا / ملا عمر جو مشڪوڪ موت: طالبان، داعش جو رخ ڪندا؟
above article banner

ملا عمر جو مشڪوڪ موت: طالبان، داعش جو رخ ڪندا؟

Ahmed Rashed1994ع جي پڄاڻي وارن لمحن دوران ۽ 1995ع ۾ آءٌ ڪيئي ڀيرا قنڌار ۾ ملان محمد عمر، جيڪو طالبان جي نئين جڙيل حڪومت جو سربراهه هو، جي رهائش گاهه ٻاهران بيٺو هوندو هئس ته جيئن سندس انٽرويو ڪري سگهان، منهنجي ملان عمر جي ڊرائيورن، سيڪريٽرين، محافظن، ڪمانڊرن ۽ سندس کاڌو اڳواٽ چکيندڙن (ملان عمر کي ڊپ رهندو هو ته کيس کاڌي ۾ زهر ڏنو ويندو) کان واقف ٿي چڪو هئس، مونکي کانئن ملان عمر بابت گهڻو ڪجهه معلوم ٿيو. ليڪن طالبان جي اميرالمومنين مونکي سڌي ريت انٽرويو نه ڏنو، هو جڏهن اقتدار ۾ هو تڏهن خاص طور تي پرڏيهين سان نه ملندو هو. تمام گهٽ طالبان ويڙهاڪن ملان عمر کي روبرو ڏٺو هو يا سندس منهن مهانڊي کان واقف هئا. تن ڏينهن ۾ ئي منهنجي ملاقات هڪ سينيئر طالبان ويڙهاڪ سان ٿي، جنهن مونکي ٻڌايو ته ملان عمر شرميلو ۽ اڪيلائي پسند آهي. هو تصوير ڪڍرائڻ پسند ناهي ڪندو ۽ نه وري ايندڙ دور لاءِ پنهنجو ڪو يادگار ڇڏي وڃڻ چاهي ٿو، پريس ۾ ملان عمر جون جيڪي تصويرون گردش ۾ رهيون انهن جي اصل هجڻ بابت پڪ سان ڪجهه نٿو چئي سگهجي. هن جي دور ۾ ٽيليويزن، فلم، ماڻهن يا جانورن جي تصوير ڪڍڻ تي پابندي هئي.

ملان محمد عمر جيڪو حڪمران ٿيڻ کان اڳ ٻهراڙي جو هڪ مولوي هو، سندس نماڻائپ انتهائي متاثر ڪندڙ هئي، هو قنڌار ۾ فرش تي ويهي پنهنجي ڪمانڊرن کي حڪم ڪندو هو. ڪجهه عرصي کان پوءِ حڪمراني جا فرض نڀائڻ لاءِ هو سخت رسي سان واڻيل کٽ تي ويهڻ شروع ڪيو، جڏهن ته ٻيا ماڻهو فرش تي ويٺل هوندا هئا. ڪجهه عرصو پوءِ اسامه بن لادن، جيڪو 2011ع ۾ مارجي ويو، ان کيس هڪ پرآسائش بم پروف گهر ٺاهي ڏنو. ملان عمر ڪاغذ تي لکيل چٺين وسيلي پيغام موڪليندو هو. مونکي ان زماني ۾ سندس طرفان مروڙيل سروڙيل ڪاغذ جي ٽڪرن يا سگريٽ جي دٻين تي سندس صحيح ٿيل اجازت نامو ملندو هو، جنهن جي مدد سان آءٌ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ سفر ڪندو هئس.

ملان عمر پنهنجي سادگيءَ سبب اسامه بن لادن جي چڪر ۾ اچي ويو هو، هن پنهنجي عرب مهمان کي 1996ع ۾ پناهه ڏني.11/9 کان پوءِ به هن القاعده سربراهه کي آمريڪا حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، نتيجي ۾ 2001ع ۾ آمريڪا جي حملي ۾ سندس حڪومت ختم ڪئي وئي. آمريڪي حملي کان پوءِ ملان عمر کي عوامي سطح تي ڪڏهن به نه ڏٺو ويو پر سمجهيو اهو ٿو وڃي ته لاڏاڻي کان اڳ هن ڪيترائي سال پاڪستان ۾ گذاريا هئا. اڄڪلهه پاڪستان، افغانستان ۽ طالبان ان سلسلي ۾ ڪا اعتماد جوڳي ڪهاڻي گهڙڻ جي ڪوششن ۾ آهن. ملان عمر، جنهن جي لاڏاڻي جون اڳ به ڪيئي ڀيرا خبرون اچي چڪيون آهن، ليڪن تازي خبر موجب حتمي طور چيو ويو آهي ته هو ٻه سال اڳ 56 سالن جي عمر ۾ ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو. سندس موت جي هاڻوڪي خبر ۾ ڪافي جان محسوس ٿئي ٿي ليڪن جڏهن اڳ ۾ طالبان طرفان ايترو ڪوڙ کان ڪم ورتو ويو هجي تڏهن موت جو هي اطلاع به ڌنڌلو ۽ مشڪوڪ لڳي ٿو.

juli  31-26 b

طالبان اڳواڻن ۽ اولهه جي سفارتڪارن موجب ملان عمر کي پاڪستان جي هڪ سگهاري اداري ڪوئيٽا ۾ پنهنجي حفاظت ۾ رکيو هو. هاڻي پاڪستان به ملان عمر جي موت جي تصديق ڪرڻ کان پرهيز پيو ڪري. طالبان جا تمام ٿورا اڳواڻ جن ۾ نئون ليڊر ملان اختر محمود منصور، جنهن جي عمر 50 سال آهي، ملان عمر جي موت کان واقف هئا. ليڪن انهن پنهنجي ساٿين کي ان ڳالهه کان بي خبر رکيو ۽ هو ڪجهه ٻيا طالبان، جيڪي پاڪستان کي ويجها سمجهيا وڃن ٿا، اهو چئي پنهنجي ڪوڙ تي پردو وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته ملان عمر ڪجهه ڏينهن اڳ ئي گذاري ويو آهي. ملان منصور جو جلدي ۾ طالبان جي نئين امير طور ذميواري سنڀالڻ به حيران ڪندڙ نه آهي ڇو ته جيستائين ملان عمر جيئرو هو، هو ساڻس رابطي ۾ هو ۽ جڏهن هو مري ويو ته ملان منصور سندس نالي سان جعلي پيغام هلائيندو رهيو، ڪيترائي فيلڊ ڪمانڊر ملان منصور کي موقعي پرست سمجهن ٿا. ملان عمر جي پٽ ۽ خاندان جي ڪجهه ٻين ماڻهن ملان منصور کي امير مڃڻ کان انڪار ڪندي جانشين جي چونڊ لاءِ اعليٰ قيادت جو اجلاس گهرائڻ ۽ ووٽنگ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

جيتري قدر ملان منصور جو تعلق آهي ته هن هڪ جذباتي تقرير وسيلي طالبان کي پنهنجي صفن ۾ اتحاد پئدا ڪرڻ ۽ افغان حڪومت خلاف جهاد جاري رکڻ جو چيو آهي. ڪابل جي ڪجهه افغان آفيسرن کي ملان عمر جي موت جي خبر تي شڪ آهي پر اهي خاموش آهن. هلندڙ مهيني ئي طالبان جي ڪجهه ويجهن انتهاپسند گروپن، جيئن اسلامڪ موومينٽ آف ازبڪستان ۽ طالبان جي صفن مان الڳ ٿيندڙ هڪ گروپ، خداءِ محاذ چيو آهي ته ملان عمر هاڻي هن دنيا ۾ نه آهي ۽ ڪابل ۾ موجود ڪجهه اولهه جي سفارتڪارن به ان ڳالهه کي درست تسليم ڪيو هو.

سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته اهي ايترو عرصو آخر خاموش ڇو هئا؟ پاڪستان جو سگهارو ادارو ۽ طالبان جي نوجوان قيادت صورتحال کي جيئن جو تيئن رکڻ ۽ طالبان جي صفن ۾ انتشار ڦهلجڻ کي روڪڻ پيا چاهين. هن وقت ملان عمر جي موت جي خبر سامهون اچڻ کان پوءِ انتشار جي ڪيفيت آهي. اڄڪلهه دهشتگردي خلاف مثبت موقف رکندڙ پاڪستان جي دفاعي اداري جو ڇا خيال هوندو ته افغان حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ امن ڳالهين جي ڪاميابي لاءِ ملان عمر جهڙي ڪنهن شخصيت جي سرپرستي ضروري آهي. افغانستان ۾ ملان عمر جي زندگي تي شڪ ڪندڙ سياستدا ان ڪري خاموش هئا جو کين ان معاملي جي هاڃيڪارين جو خدشو محسوس ٿي رهيو هو، ڇو ته طالبان جي ڪمان ڪنهن وڏي انتهاپسند ليڊر يا داعش جي هٿ ۾ وڃي پئي سگهي. هن وقت داعش افغانستان ۾ قدم ڄمائي رهي آهي ۽ اهو خدشو به صحيح محسوس ٿي رهيو آهي.

ملان منصور اڳيان ڪو سولو رستو نه آهي، پاڪستان جي سهڪار سان افغان حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ ٿيندڙ امن ڳالهين جو ٻيون رائونڊ ملان عمر جي موت جي خبر اچڻ کان پوءِ ملتوي ٿي ويو آهي، ان دوران ڪجهه طالبان پنهنجي اڳواڻن جي ڪوڙ ڳالهائڻ واري روش کان تنگ ٿي داعش جي صفن ۾ شامل ٿي سگهن ٿا. افغانستان لاءِ بهترين صورتحال اها ٿي پئي سگهي ته طالبان جي گهڻائي، افغان حڪومت ۽ پاڪستان سان گڏجي امن کي اڳتي وڌائي پر هاڻي ان جو امڪان ڌنڌلو ٿيندي نظر اچي رهيو آهي. پئدا ٿيندڙ خلا ۾ داعش پير پختا ڪري سگهي ٿي. بهرحال مايوسي کان بچندي اهو چئي سگهجي ٿو ته اڃا به پرامن نتيجن جي اميد ڪرڻ گهرجي. ان لاءِ پاڪستان کي ڏاهپ جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. طالبان جي نوجوان قيادت ويڙهه جي ميدان بدران ڳالهين جي ميز تي هجڻ گهرجي، ان هوندي به افغانستان بابت ڪا حتمي راءِ نٿي ڏئي سگهجي. خبر ناهي ته اهو ڪنهن به وقت وري جنگاڻ جي وَر چڙهي وڃي!

ليکڪ انگريزي جو سينيئر صحافي، افغانستان جي سياست کان واقف ۽ هن وڏو عرصو ڪابل ۽ قنڌار ۾ گذاريو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو