Home / سنڌ افيئر / منوڙو: سنڌ جي درواڙي مهاڻن جو ٻيٽ
above article banner

منوڙو: سنڌ جي درواڙي مهاڻن جو ٻيٽ

Barkat Nonariمنوڙو عربي سمنڊ ۾ هڪ ٻيٽ آهي جنهن جي پکيڙ اڍائي ڪلوميٽر هم چورس آهي. منوڙو ڪراچي کان 18 ڪلوميٽر فاصلي تي ڏکڻ اوڀر طرف آهي. منوڙي جو تاريخي طور ذڪر پهريون ڀيرو يوناني تاريخي حوالن ۾ 325 قبل مسيح ۾ ملي ٿو، جڏهن يوناني حملي آور سڪندر اعظم (اليگزينڊر دي گريٽ) مهم جوئي تي ڪراچي جي هڪ سامونڊي ٻيٽ منوڙي ۾ پنهنجا جنگي ٻيڙا لنگر انداز ڪيا. منوڙي کي يوناني ليکڪن مونو ٽوبرا ٻيٽ ۽ موجوده ڪراچي جي سامونڊي ڪناري تي قائم هڪ قديم بندر کي ڪروڪولا (ڪُرڪ بندر) ڪري لکيو آهي. جيتوڻيڪ اڪثر ڏيهي توڙي پرڏيهي محققن جو خيال آهي ته چچ نامي ۾ ذڪر ٿيل سنڌ جو ديبل بندر ٺٽي ۾ هيو جنهن تي 712ع ۾ عربن حملو ڪيو هيو، پر عرب تاريخدان بلاذريء جي لکيل ڪتاب جو حوالو ڏيندي برطانوي محقق سر هينري ايليَٽ چوي ٿو ته عربي ۾ اُچاريل لفظ ديبل اصل ۾ سنڌيء جي لفظ ديول (ديوتا يا خدا ڏانهن نسبت رکندڙ جڳھ) آهي. سر هينري ايليَٽ جو چوڻ آهي ته جن بحري قذاقن سرانديپ (سري لنڪا) مان ايندڙ عرب جهاز کي اغوا ڪيو هيو انهن جو تعلق ڪراچي جي ڀرسان هڪ ننڍي سامونڊي ٻيٽ منوڙي جي مهاڻا يا مير بحر (ميد) قبيلي سان هيو. سري لنڪا مان نڪتل بحري جهاز سنڌ جي ڪُرڪ بندر (موجوده ڪراچي بندرجي ڀرسان لياري نديء جي ڇوڙ واري علائقي ۾) يا لهري بندر يا لاري بندر(موجوده پورٽ قاسم جي ڀرسان ملير ندي جي ڇوڙ واري علائقي ۾) مان نه گذرندو هيو پر انهن جهازن جو لنگهه منوڙي جي ٻيٽ جي ڀرسان ٿيندو هيو ۽ عربن جو بحري جهاز به منوڙي جي ٻيٽ جي ڀرسان ڦريو ويو هيو. جڏهن عربن سنڌ تي حملو ڪيو ته اهي شامي لشڪر وٺي دمشق مان زميني رستي موجوده سعودي عرب ۽ اتان مسقط پهتا هوندا ۽ مسقط جي سامونڊي بندر تان بحري جهازن جي ذريعي مڪران جي سامونڊي پٽي سان هلندي سنڌ جي ديبل بندر (ڪراچي بندر) تي حملي آور ٿيا هوندا. (حوالو؛ دي اينشينٽ جيوگرافي آف انڊيا، ليکڪ سر اليگزينڊر ڪننگھم، صفحو 298)

juli  31-37 b

جڏهن سنڌ مغل سلطنت جي قبضي ۾ هئي ته سنڌ جي گورنر مرزا غازي بيگ منوڙي تي حملو ڪندڙ پوچوگيزن کي شڪست ڏني هئي. ارڙهين صدي عيسويء ۾ منوڙي ۾ هڪ قلعو تعمير ڪيو ويو هيو. 1 فيبروري 1839ع تي ايسٽ انڊيا ڪمپني منوڙي ٻيٽ تي قبضو ڪيو ۽ منوڙي جي قلعي ۾ هڪ لائيٽ هائوس (روشني گھر) تعمير ڪيو جنهن جي ذريعي رات جي وقت ۾ ايندڙ ويندڙ جهازن ۽ ٻيڙين جي رهنمائي ڪئي ويندي هئي. پاڪستان ٺهڻ کان پوء منوڙي جي ٻيٽ کي فوجي ڇانوڻي بڻائي منوڙي جي جھريل قلعي جي آثارن جي مٿان پاڪستان نيوي جو هيڊ ڪوارٽر ( نيول بيس) تعمير ڪيو ويو.

جنوري 2000ع ۾ بلوچستان جي سامونڊي پٽي سان اور ماڙا ۾ اڳوڻي صدر ۽ اڳوڻي آرمي چيف جنرل پرويز مشرف جناح نيول بيس جو افتتاح ڪيو جنهن کان پوءِ منوڙي مان پاڪستان نيويء جو بيس اور ماڙا ڏانهن منتقل ڪيو ويو ۽ ڪراچي جي پي اين ايس مهراڻ تي ٿيل حملي کان پوءِ پي اين ايس مهراڻ کي به اور ماڙا ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي. پاڪستان نيوي جو منوڙي مان بيس ختم ٿيڻ کان پوءِ 2006ع ۾ گورنمينٽ آف پاڪستان جي منسٽري آف پورٽس اينڊ شپنگ ۽ دبئي جي ٻن خانگي ڪمپنين (دبئي ورلڊ ۽ دبئي اسلامڪ بئنڪ) جي وچ ۾ هڪ معاهدو طئي ٿيو جنهن ۾ منوڙي مان فوجي ڇانوڻي ۽ ڪي پي ٽيء جون اڏاوتون ختم ڪري منوڙو ٻيٽ مڪمل طور تي دبئي جي انهن خانگي ڪمپنين جي حوالي ڪيو ويندو جيڪي منوڙي کي رهائشي اسڪيم، تجارتي ۽ تفريحي مرڪز ۾ تبديل ڪنديون. ڪلفٽن کان منوڙي تائين سمنڊ مٿان پُل تعمير ڪرڻ جي رٿا بندي تيار ڪئي وئي آهي.

منوڙي ۾ هڪ هزار سال پراڻو شري ورُن ديو مندر به آهي جيڪو 1950ع ۾ بند ڪيو ويو. 1998ع جي آدمشماري مطابق منوڙي جي آدمشماري 9987 ماڻهن تي مشتمل هئي جيڪي هزارين سالن کان منوڙي ٻيٽ تي رهن ٿا ۽ دراوڙي نسل سان تعلق رکندڙ مهاڻا آهن. 2008ع ۾ انهن مهاڻن جي اڌ کان وڌيڪ خاندانن کي منوڙي مان نيڪالي ڏئي ڀر پاسي جي ٻين سامونڊي ٻيٽن بابا ڀِٽ تي منتقل ڪيو ويو آهي ۽ باقي بچيل مهاڻن کي به منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

منوڙي جي پسگردائي ۾ هڪ هزار ايڪڙن تي ڦهليل تمر جا ٻيلا آهن جيڪي منوڙي ڪئنٽونمينٽ ۽ ڪي پي ٽي جي قبضي ۾ آهن. منوڙي ۾ دبئي جي ڪمپنين طرفان تيار ٿيندڙ رهائشي اسڪيمن ۽ تفريحي مرڪزن جي تعمير ٿيڻ کان پوء انهن تمر جي ٻيلن تي مشتمل هڪ هزار ايڪڙ زمين کي به نيلام ڪيو ويندو. منوڙي جي اوڀر ۾ 20 ڪلو ميٽرن تائين هڪ وارياسي پٽي آهي جنهن ۾ لياري ندي ڇوڙ ڪري ٿي. ان علائقي ۾ ڪتن جا ولر گھمن ڦرن پيا تنهنڪري ان کي مقامي ماڻهو ڪُتا ٻيٽ چون ٿا، اهو وارياسو علائقو اڳ ۾ ئي ملڪ رياض خريد ڪري ان ۾ بحريه ٽائونشپ جو اعلان ڪري چڪو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو