Home / پروفائيل / منٺار سولنگي- کاهوڙي ڪردار…!
above article banner

منٺار سولنگي- کاهوڙي ڪردار…!

Yousif Sindhiاها چار سال اڳ ارڙهين جنوري 2011ع جي صبح هئي، جڏهن ساجهر جو منهنجي موبائيل جي گهنٽي وڳي ته مون ننڊاکڙين اکين سان موبائل جي اسڪرين تي نظر وڌي ۽ خيال آيم ”اَلل وهاڻيءَ جو ملهار سنڌيءَ فون ڪئي آهي… خدا خير ڪري.“ فون آن ڪري ڪن تي رکيم ته ملهار سنڌيءَ چيو، ”سائين! ڏک جي خبر ٻڌايانوَ ٿو… پنهنجو دوست منٺار سولنگي رات گذاري ويو.“ … خبر ٻُڌي منهنجا ڇيهه ئي ڇڄي پيا. منٺار سولنگيءَ سان ڪو عام يا معمولي رشتو نه هو، ساڻس منهنجي دوستيءَ جو سفر، جدوجهد، محنت، محبت، رسامن، پرچائڻ، تعلقي ۽ لاتعلقيءَ وارو رشتو هو.

منٺار سولنگي سٺو شاعر، بهترين منتظم، کاهوڙي، دوستن جو دوست، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو اڳوڻو جوائنٽ سيڪريٽري ۽ نئين ديري ۾ ادبي سرگرمين جو روح روان هئڻ سان گڏ انهن کي اسپانسر ڪندڙ به رهيو، ڪڏهن ڪڏهن ته سنگت نئين ديري پاران ٿيندڙ پروگرام فقط منٺار سولنگيءَ جي مالي مدد جي سهاري ئي ٿي سگهيا منٺار هٿ جو کليل، دستر خوان جو ڪشادو، اوطاقي دوست هو، سندس 42 سالن جي مختصر حياتي ڪيترن ئي بحرانن جو شڪار رهي، جن کي هُن مڙس ماڻهو ٿي منهن ڏنو.

ڪڏهن ڪڏهن اسين سالن تائين هڪٻئي کان رٺل ۽ لاتعلق رهندا هئاسين ته ڪڏهن وري ڳنڍيون منجهه ڳنڍير، جيئن من ماروءَسين. اسان جي دوستي هڪ مقصد تحت پهرين خط و ڪتابت سان شروع ٿي، پوءِ هڪٻئي وٽ اچڻ وڃڻ سبب ذاتي تعلق ۾ بدلجي ويئي، اسان هڪٻئي کي لاتعداد خط لکيا، جن مان اڪثر مون وٽ محفوظ آهن، آئون وٽس نئين ديري ايئن ويندو هوس، ڄڻ پنهنجي ئي گهر پيو وڃان. اسان هڪ مقصد تحت سڄي سنڌ جو ڪيترائي ڀيرا گڏجي ٽوئر ڪيو ۽ پنهنجي سٿ ۾ ڪيترن ئي دوستن جو واڌارو ڪيوسين، انهن ۾ غلام نبي ناشاد، ايس- جي ڀاڳيا، الطاف عاصي، نعيم شيخ، محمد علي پٺاڻ، جاني اسحاق ملاح، سائين بخش رند، واجد، ملڪ آگاڻي، پرويز، مهدي شاهه، سلطان شاهه، منير سولنگي، سانوڻ سنڌي، اسد ڪيريو، فدا سنجراڻي، خليل عارف سومرو، احمد ميمڻ، اختر درٻيلائي، صفر ڪلهوڙو، عبدالڪريم سومرو، شبير سيال، سارنگ سهتو، ستار نظاماڻي ۽ انيڪ دوستن جا نالا هينئر منهنجي ذهن ۾ گردش ڪري رهيا آهن، اڳتي هلي اهو سلسلو هڪ وڏي قافلي ۾ بدلجي ويو، انهن سڀني دوستن جي محنت ۽ هڪ مقصد تحت ڪيل جدوجهد جي ڪهاڻي هڪ ڊگهي مضمون جي تقاضا ٿي ڪري يا انهن ساروڻين کي قلمبند ڪجي ته هڪ چڱو موچارو ڪتاب جُڙي پوي. اها جدوجهد سنڌي ادبي سنگت سنڌ کي صحيح رُخ ۾ وٺي وڃڻ، ان جي اڪيڊمڪ ۽ ترقي پسند ڪردار کي وڌائڻ ۽ ان مٿان حاوي هڪ مخصوص سوچ/گروهه جي هڪ هٽي ختم ڪرڻ جي هئي.

juli  31-53 b

ڊاڪٽر شمس سومرو مرحوم، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، ڊاڪٽر مشتاق ڦل ۽ آئون ان ئي جدوجهد جي نتيجي ۾ سنگت سنڌ جا سيڪريٽري جنرل چونڊياسين، گذريل نون سالن کان سنگت سنڌ جي ڪريڊٽ تي جيڪي ڪم آهن، يعني سنگت پبليڪيشن جا ٽيهارو پرچا، 25 سنڌي ۽ اردو ڪتاب، سنگت پاران سنڌي ٻولي قومي ٻولي جاڳرتا مهم ۽ مختلف اشوز تي جدوجهدون، پروگرام، ايوارڊ تقريبون، سنگت جي آفيس جي اڏاوت ۽ ٻيا انيڪ ڪم، جن جا خوابَ مون مٿين دوستن سان گڏجي ڏٺا ۽ انهن جي ساڀيان واسطي جيڪا جاکوڙ ڪئي ۽ ان جي ئي نتيجي ۾ سنگت جي 1992ع وارين مرڪزي چونڊن ۾ منٺار سولنگي وڏي اڪثريت سان جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيو ويو.

منٺار سولنگي پنهنجي ٻن سالن جي عرصي ۾ حد کان وڌيڪ سرگرم رهيو، کيس اهو به ڪريڊٽ حاصل آهي ته هن لاڙڪاڻي جي جناح باغ ۾ ننڍي کنڊ جي وڏي دانشور ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ (مرحوم) سان سنگت مرڪز جي پليٽ فارم تان شايان شان نموني شام ملهائي. اسان دوستن جي جدوجهد ۽ جاکوڙ جي نتيجي ۾ ئي 1994ع ۾ سنگت جي چونڊن ۾ ڊاڪٽر شمس سومرو مرحوم سنگت سنڌ جو سيڪريٽري جنرل چونڊجي ويو. ڊاڪٽر شمس سومري جهڙي سنجيده ماڻهوءَ جي چونڊ خود سنگت جي علمي ۽ ادبي معيار کي وڌائڻ جو ڪم ڏي ها، پر ڪجهه دوستن هن شريف ماڻهوءَ جي خلاف رڻ ٻاري ڏنو، (ان هُل ۾ حيدرآباد جي هڪ اخبار جي نيوز ايڊيٽر ڊاڪٽر شمس جي خلاف باقاعده رٿابنديءَ سان مهم هلائي) نتيجي ۾ ڊاڪٽر شمس سومري، سيڪريٽري جنرل جي عهدي تان استعيفيٰ ڏني ۽ ڊاڪٽر شمس جي اها استعيفيٰ سندس غيرموجودگيءَ ۾ ڪيئن منظور ڪئي وئي، ان جو داستان ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، ڪجهه سال اڳ هڪ ماهوار رسالي کي ڏنل پنهنجي انٽرويوءَ ۾ بيان ڪري چڪو آهي. ائين سنگت ۾ ڊگهو گهوٽالو شروع ٿيو، نيٺ 1996ع ۾ سنگت جون مرڪزي چونڊون ڪرايون ويون، جنهن ۾ منٺار سولنگي، سيڪريٽري جنرل جي عهدي تي چونڊ وڙهيو ۽ حاوي ڌر جي روايتي هٿڪنڊن سبب ٻن ٽن ووٽن تان هارايائين، پر هو ڪڏهن به مايوس نه ٿيو ۽ نه ئي وري ڪڏهن سنگت جي سرگرمين کان پاسيرو ٿيو، جيئن اڪثر هارايل دوست ڪندا آهن. منٺار سولنگي بنيادي طور تي شاعر هو، سندس تخليق ڪيل شاعري ٻن ٽن مجموعن جيتري ٿيندي. منٺار، وڏن سان گڏ ٻارن لاءِ به ڳچ شاعري ڪئي،. منٺار سولنگي، جڏهن حسين بخش ناريجي سان گڏ ڌاڙيلن جي هٿان اغوا ٿيو هو ۽ ٽي مهينا ڌاڙيلن جي قبضي ۾ رهڻ کانپوءِ ڀُنگ ڀري آزاد ٿيو هو ته اهو احوال پڻ لکيو هئائين. منٺار هر دوست جا خط سنڀالي رکندو هو ۽ اهڙن خطن جا ڪيترائي فائل وٽس موجود هئا. خود منهنجي ۽ منٺار جي وچ ۾ خط و ڪتابت هلندي هئي، منهنجي فائيل ۾ منٺار جا سؤ سوا سؤ کن خط موجود آهن ۽ ٿي سگهي ٿو منهنجا پڻ ايترائي خط منٺار جي فائيل ۾ موجود هجن، جيڪڏهن انهن خطن کي ترتيب ڏيئي ڇپائجي ته ”سنڌي ادبي سنگت“ ۾ اسان دوستن جي جدوجهد جا ڪيترائي پهلو تاريخ جو حصو بنجي ويندا. منٺار وٽ هزارين فوٽن جو پڻ ذخيرو هو، منٺار سولنگي هڪ دلبر دوست هو، اڄ جڏهن هو اسان ۾ موجود نه آهي ته سندس رڳو ڳالهيون ۽ ۽ ساروڻيون ئي آهن ۽ ان سان گڏ سندس علمي ۽ ادبي سرگرمين جي ياد، جن نئين ديري ۽ سڄي سنڌ تي پنهنجا اثر ڇڏيا ۽ منٺار پنهنجي ان ڪردار جي ڪري سدائين ياد رکيو ويندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو