Home / سنڌ افيئر / ننڍن آفيسرن خلاف نيب جون ڪاروايون- مانگر مڇ آجا!
above article banner

ننڍن آفيسرن خلاف نيب جون ڪاروايون- مانگر مڇ آجا!

ايم بي عرساڻي

سنڌ جا حڪمران شين سان پيار ۽ آفيسرن کي استعمال ڪن ٿا، جنهن ڪري آفيسرن جون ننڍون حرام آهن، پر افسوس آهي جو نيب به صرف ننڍن آفيسرن لاءِ آهي، باقي سئزرلينڊ جي بئنڪن ۾ پيسه رکندڙ زور اٿس، ڇو ته انهن لاءِ اين آر او جهڙا قانون ٺاهيا وڃن ٿا، جنهن ڪري نيب خلاف نفرت پيدا ٿيندي پئي وڃي.

نيب جو اڳوڻو چيئرمن فصيح بخاري به ڪجهه ڪرڻ بجاءِ چئي رهيو هئو ته پاڪستان ۾ هرروز ست ارب روپين جي ڪرپشن ٿي رهي آهي ۽ ائين لڳي رهيو هئو ته ڄڻ ته مولانا ابو الڪلام آزاد نيب لاءِ چيو هجي ته ”قانون ڪوريئڙي جي ڄار مثل آهي، جنهن ۾ مکيون ۽ جيت ته ڦاسي سگهن ٿا، پر ڍڳو پنهنجي سنڱن جي زور سان هن کي چيريون ڦاڙيون هليو ٿو وڃي.“ پلي بارگيننگ به ته انهن ماڻهن لاءِ آهي، جن گهڻا پئسا کاڌا آهن، ان ڪري نيب جي تاريخ ۾ اهو ضرور لکيو ويندو ته هزار، لک ۽ ڪروڙ کائيندڙن لاءِ سزائون هيون، پر ارب ۽ کرب کائيندڙن قانون کان ڏاڍا هئا. دورِ حاضر به ماضي کان مختلف نه آهي، نه ته اهي ماڻهو جن خلاف قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وٽ قيد ڪاٽيندڙن ڀتي خوريءَ جا بيان ڏنا اهي اي سي ايل کان آجا ٿي ملڪ کان ٻاهر نه وڃي سگهن ها. اهي ادارا انور مجيد جي ٻاهر وڃڻ وقت ننڍ پيا هئا ۽ سندس خالي گهر تي ڇاپا پيا هڻن، ملڪ رياض به يا ته شريف ٿو لڳين يا هٿ نه ٿو اچين. ٺٽي ۽ سجاول جي اڳوڻن ڊپٽي ڪمشنرن به ميونسپل ڪاميٽي سجاول ايڊمنسٽريٽر جي حيثيت ۾ ممتاز زرداريءَ سان گڏ چيڪن تي صحيحون ڪيون، پر انهن کي به بيان وٺي ڇڏي ڏنو ويو. جيڪو نيب جي ڪارڪردگيءَ تي سواليه نشان آهي ۽ جيڪڏهن ان جي ساک خراب ٿي ته سنڌ ۾ ان خلاف بغاوت جي باهه ڀڙڪي سگهي ٿي.

july (a) 42

سٺ ستر سال اڳ رشوتخوري صوبيدارن ۽ تپيدارن يعني پوليس ۽ روينيو تائين محدود هئي، پوءِ اها انجنيئرن ۽ انهن سڀني آفيسن تائين پهتي جتي مختلف مدن ۾ پگهارن کان وڌيڪ پئسا اچڻ لڳا، گذريل ستن سالن ۾ اها هر ماڻهو تائين پهتي، جمهوري حڪومت اچڻ سان ئي عوامي نمائندن ڀاڻ ۽ سمينٽ لڪائي بليڪ تي کپايو، ٻوڏ وارن کي وطن ڪارڊ جاري ڪيا پئي ويا ته اڌ کان وڌيڪ پئسا جيالا کائي ويا، جڏهن ته انهن ماڻهن کي به رشوت ۽ سفارش عيوض امداد ڏني وئي جن جا ڳوٺ ڪو نه ٻُڏا هئا. جڏهن هڪ فروٽ جي گاڏي واري کان پڇيو ويو ته تو کي وطن ڪارڊ ڪئين ملندو؟ تنهنجي ڳوٺ ۾ ته ٻوڏ ڪو نه آئي هئي ته هن وراڻيو ته پنج هزار روپيا وٺن ٿا ۽ وطن ڪارڊ ٺاهي ٿا ڏين، جڏهن کائنس اهو پڇيو ويو ته جڏهن تنهنجي ڳوٺ ۾ ٻوڏ نه آئي هئي ته پوءِ تون وطن ڪارڊ ڇو ٿو ٺهرائين؟ هن جواب ڏنو ته سڀ ڪو ٿو ٺهرائي باقي مون ڏوهه ڪيو؟! مطلب ته هن دؤر ۾ حرام خوري شرم جهڙي ڳالهه نه رهي هئي، اٽلندو حرامخوري ميرٽ بڻجي وئي هئي، جنهن ڪري شريف آفيسرن کي رپورٽ ڪرائي گهر ويهاريو ويو هو ۽ حڪمران ڌر جا ڪارڪن ائين لڳي رهيا هئا ڄڻ فصلن ۾ ماڪڙ، بهرحال جيڪو ڪم شيطان هزارين لکين سالن ۾ نه ڪري سگهيو اهو هنن ستن سالن جي حڪمرانيءَ ڪري ڏيکاريو، ٻيو ته ڇا پر هنن جو وزير اعظم به ترڪيءَ کان مليل هار چورائي ويو، ميڊيا رپورٽ موجب نواب شاهه جو هڪ بااثر شخص کان ٻوڏ لاءِ عطيي طور مليل ست ايمبولنسز حاصل ڪيون ويون آهن، جن کي هو ويگن بڻائي نواب شاهه کان سيوهڻ هلائي رهيو هو،جنهن جي سرڪاري طور ڪا به پڌرائي جاري نه ڪئي وئي ۽ نه ان جي ترديد ٿي. ساڳئي نموني هڪ وزير جي گهر مان 2 ارب روپيه نڪرڻ جون خبرون ڇپيون، پر انهن جي به نه تصديق ٿي ۽ نه ترديد، اها به خبر نه پئي ته پيسه ڪاڏي ويا!

ادارن ۾ چيڪ ۽ بئلنس ته اڳ ۾ به گهٽ هو، پر گذريل ستن سالن ۾ ٿيل غير قانوني ڀرتين، ڊيپوٽيشن ۽ او.پي.ايس تي مقررين ان ۾ بي انتها تيزي آندي، پر ذميوار عوامي نمائيندن ۽ ڊي ايم جي، ايڪس پي سي ايس ۽ پي ايس ايس آفيسرن لاءِ ڪو قانون ئي ڪونهي. ٻيو ته ڇا پر ڊيپوٽيشن ۽ او پي ايس تي مقرر ٿيل آفيسرن کان پڇاڻو به نه ڪيو ويو. مڪاني ادارن ۾ جيڪي آفيسر ڀرتي ڪيا ويا هئا، انهن جي لسٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي هئي، پر ان کان پوءِ به سئو ڏيڍ آفيسر ڀرتي ڪيا ويا، يارهين گريڊ وارا ٽن سالن ۾ بغير ڊي. پي. سي / بورڊ جي ميٽنگ جي سورهين ۽ سترهين گريڊ ۾ پهچي ويا آهن، ڇو ته سنڌ لوڪل گورنمينٽ بورڊ چئن پنجن سالن کان پنهنجن ملازمن جي سينيارٽي لسٽ جاري ڪرڻ جي زحمت نه ڪئي آهي. اينٽي ڪرپشن کاتو به ڇا ڪري؟! ان جا چيئرمن ۽ ڊائريڪٽر ٿين ٿا روينيو ۽ پوليس کاتن وارا جن جي صوبيدارن ۽ تپيدارن کي سڀ ڪو سڃاڻي، جن ان وقت رشوت شروع ڪئي جڏهن ان جو نالو نشان به نه هو. اينٽي ڪرپشن جي ٽنهي يعني ضلعي، ڊويزن ۽ صوبي سطح جي ڪميٽين جا سربراهه به روينيو وارا هوندا آهن، جن کي سندن کاتي مان به تپيدارن ۽ سب رجسٽرارن ٻيو ته ڇا پر ايجنٽن طور ڪم ڪندڙ پرسنل اسسٽنٽن (PAs) جي ٺاهيل ڪروڙين روپين جي ملڪيتن جو به پتو نه پوندو آهي! چيو وڃي ٿو ته اهي ڪميٽيون ان ڪري ٺاهيو ويون ته جيئن اينٽي ڪرپشن پوليس کي ضابطي ۾ رکي سگهجي ، اها به حقيقت آهي نه ته اها به سنڌ پوليس وارا ڪم ڪري ها، ان ڪري بهتر آهي ته کاتن ۾ اندر احتساب جي عمل ۽ مانيٽرنگ سسٽم کي مضبوط ڪيو وڃي، جنهن ڪري 2001 کان اڳ مڪاني ادارن ۾ ايتري ڪرپشن نه هئي جيتري هاڻي آهي.

اهو قدرت جو قانون آهي ته جڏهن به ڪو ويڪيوم پيدا ٿيندو آهي ته اهو ڪا نه ڪا شيءَ ڀريندي آهي. سنڌ ۾ به اهو ئي ٿيو آهي،ڇو ته حڪومت نه صرف رشورتخوري گهٽائڻ ۾ ناڪام ٿي آهي، پر ان کي وڌائي عروج تي پهچايو آهي، نتيجتن رينجرس ۽ نيب ڏنڊو کنيو آهي، جنهن خلاف اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سخت لفظن ۾ تحفظات ظاهر ڪيا آهن ۽ جوش ۾ اچي اهو به چئي ويو ته هن بينظير جي شهادت تي به صبر ڪيو پر صبر جي به ڪا به حد ٿيندي آهي، مطلب ته بينظير صاحبه جو قتل برداشت جوڳو هو، پر محمد علي شيخ جو ٻڌجڻ برداشت جهڙو نه آهي، بينظير صاحبه جي سالگره تي وري چيائين ته مونکي ڪجهه به نه ٿيندو ڇو ته بينظير جو اولاد ساڻس گڏ آهي، اولاد پيءُ سان ته گڏ هوندو ئي آهي پوءِ ان چوڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي شايد هو بينظير صاحبه جي حوالي سان ڪنهن معاملي ۾ سندس اولاد کي ڍال بڻائي رهيو هو. سندس بيان ۾ صرف فوج متعلق چيل جملن تي ردِ عمل آيو، پر ان مان به اهو لڳي رهيو هو ته ڄڻ وفاقي حڪومت هن کي نه ٿي سڃاڻي ۽ انهن پنهنجي گذريل دور ۾ هن تي ڪيس داخل نه ڪرايا هئا، سو اهو ردِ عمل ناداني يا منافقيءَ کانسواءِ ڪجهه به نه هو ڇو ته چوندا آهن ته عمل لفظن کان وڌيڪ چٽا هوندا آهن ۽ هنن همراهن جا ڪرتوت ڪنهن کان به ڳجها نه هئا، بهرحال دل جي ڳالهه زبان تي اچي وڃڻ به فيصلو ڪرڻ لاءِ آساني پيدا ڪري ٿي ڇاڪاڻ ته حضرت علي عليه السلام جو فرمان آهي ته ”هر ماڻهو پنهنجي زبان هيٺان لڪل آهي“ مطلب ته جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو جا عمل لڪل آهن ته اهو ڳالهائيندو ته خبر پوندي ته انجي دل ۾ ڇا آهي. اهو به مولا علي عليه السلام جو قول آهي ته ” هر ماڻهو پنهنجي دوستن سان سڃاتو ويندو آهي“، ڇا هنن همراهن جي ملڪ اندر ۽ ملڪ کان ٻاهر ويٺل دوستن جي حب الوطني ۽ ايمانداري ڪنهن کان ڳجهي آهي؟ اهو به سوال اٿاريو وڃي ٿو ته جڏهن هيٺين درجي جي ملازم جي ڀرتي کان اڳ سندس ڪردار جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ويندي آهي ته پوءِ ايڏي اعليٰ عهدي تي ويهندڙ شخص جي اڻ لڪل ڪردار کي ڇو وساريو ويو؟! ان ڪري ان ڪردار کي لڪائيندڙ يا خاموش رهندڙ به ڏوهي آهن، جنهن ڪري اهي لالچي ماڻهو زوري وٺي ويا.

اهو ساهي پٽي ڪنهن هاءِ مارل گرائونڊ سان سامهون اچي سگهن ٿا. هن وقت ماڻهو سندس ساٿ انڪري نه ٿا ڏين ڇاڪاڻ ته هن وٽ ڪو مارل گرائونڊ نه آهي، جيڪڏهن هو وفاق طرفان سنڌ جا پئسا ڪٽڻ ۽ گئس سرچارج بل خلاف اهڙا بيان ڏئي ها ته شايد ماڻهو سندس ساٿ ڏين ها، پر گنهگارن کي ملندڙ سزا خلاف اٿي بيهڻ تي کيس اڪيلو ئي روئڻو پوندو.

جيتوڻيڪ ماڻهو نيب جي ان اڻ چيل موقف (جيڪو سندس ڪارواين مان ظاهر آهي) ته جنهن آفيسر جي صحيح سان فنڊن جو غلط استعمال ٿيو هوندو صرف ان کي سزا ملندي سان متفق نه آهن، ڇو ته ان جو مطلب اهو ٿيو ته وزير خلاف ڪاروائي ٿيندي، پر اربن جا اثاثا ٺاهيندڙ ايم پي اي، ايم اين اي ۽ سينيٽر خلاف نه، ايس ايس پي خلاف تيل ۽ وردين جا پئسا کائڻ جو رڪارڊ موجود هئڻ ڪري ڪاروائي ممڪن آهي، پر رشوت عيوض چور ۽ خوني ڇڏيندڙ ايس ايڇ او خلاف نه ۽ نه وري سب رجسٽرار خلاف ڇو ته ان کاتا مٽائڻ لاءِ ورتل ڪميشن جي رسيد نه ڏني هئي، بورڊ آف روينيو جي آفيسرن خلاف ڪاروائي ٿي سگهي ٿي، پر اينٽي نارڪوٽڪس ۽ ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن وارن خلاف نه، ڇو ته انهن ڪچو شراب، چرس، آفيم ۽ هيروئن کپائڻ جو اجازت نامو لکت ۾ نه ڏنو ۽ نه رشوت جي وصوليءَ جي رسيد. هنن خلاف ڪاروائي نه ٿيڻ جو هڪ سبب اهو به آهي ته ڪرپشن خلاف قدم کڻندڙ کاتن جا اهي آفيسر جيڪي شراب پيئندا آهن سي هنن کان شراب تحفي ۾ حاصل ڪندا آهن ۽ انهن طرفان سجايل محفلن ۾ باقاعدگيءَ سان شرڪت ڪندا آهن، جنهن جي نشي ۾ انهن کي پنهنجي يارن جي ان بنگلي جي قيمت جو به اندازو به نه ٿيندو آهي جنهن ۾ محفل متل هوندي آهي ۽ نه ئي ان محفل تي ايندڙ خرچ جي خبر پوندي اٿن! اها به تعجب جهڙي ڳالهه آهي ته ڪنهن کي به ڪراچي جهڙي شهر ۾ سوڪ سينٽر ۾ موجود ايڪسائيز کاتي جي موٽر رجسٽريشن ونگ جي باري ۾ اها خبر نه آهي ته اتي ڇا ٿو ٿئي جو وزير کان وٺي انسپيڪٽر ۽ اينٽي ڪرپشن کي هر هفتي ڪروڙين روپيا ڪميشن ملي ٿي ۽ بااثر ايڪسائيز انسپيڪٽر هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تائين وڃڻ کان ڇو لنوائيندا آهن ۽ انهن اربين روپين جي ماليت جا بنگلا ڪيئن ٺاهيا آهن؟! هنن کي اهو به پتو لڳائڻ گهرجي ته مڪاني ادارن جي مالڪيءَ جي اختيار روينيو وارن کي ڇو ۽ ڪنهن جي چوڻ تي ڏياريو ويو، اهي اتي ڇا ڪري رهيا آهن ۽ کاتي جا اصل آفيسر اگهور ننڍ ڇو ستل آهن؟! بس ايڪسائيز ۽ روينيو جي وڏن آفيسرن جي شاهي زندگي ته ٺهيو، پر تپيدارن جي ملڪيت به ننڍي گريڊ ۾ لڪيو وڃي! انهن جا بنگلا، فليٽ ۽ زمينون ڪير ڳولهي؟!. هنن کان سرڪاري ملازمن جي غير ملڪي دؤرن جو رڪارڊ به ڏسڻ نه ٿو پُڄي، جنهن سان سندن خرچن ۽ ملڪيتن جو اندازو ٿي سگهي ٿو. ڀلا جيڪڏهن انهن جي غير قانوني طريقن سان ٺاهيل ملڪيت ملي به وڃي ته به اها ڪنهن کان کسي ڪا نه ٿي وڃي، وڌ ۾ وڌ ماڻهو سال ٻه سال جيل ڪاٽي موٽيو ٿا اچن، صرف بي شرمائي ۽ نرڄائي کپي.

نيب کي پلي بارگيننگ ۾ پئسا به اهي ٿا ڏين جيڪي جسماني طور ڪمزور ۽ شرم حياءَ وارا آهن. ان ڪري ٿيڻ اهو کپي ته ڪرپشن ٿيڻ جا رستا روڪيا وڃن، ڪرپشن ٿي وڃڻ کانپوءِ واويلا اجائي آهن، ان لاءِ کاتن ۾ اندر ڊسيپلين ۽ مانيٽرنگ سسٽم کي مضبوط ڪري سياسي مداخلت بند ڪئي وڃي. ڪي ماڻهو اهو به چئي رهيا آهن ته زرداريءَ جي بيان جي سزا ننڍن آفيسرن کي ڏني پئي وڃي ۽ 9600 ايڪڙ زمين ڏنڊ طور ڀرڻ جا سانباها ڪيا پيا وڃن، جنهن کان اڳوڻي وڏي وزير علي محمد خان مهر انڪار ڪيو هو، ارباب رحيم به اهڙو عمل نه ڪيو. ان مان لڳي رهيو آهي ته وفاق سنڌ حڪومت جا ڪرتوت سامهون آڻي کيس بليڪ ميل ڪري پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ چاهي ٿو، نتيجتن نيب وارا ننڍن آفيسرن سان پلي بارگيننگ ۽ بارگيننگ ڪري جائز ناجائز پئسه ڪمائي رهيا آهن، ٻيو ته ڇا پر پيسه سنڌ حڪومت جي آفيسرن کان صوبائي حڪومت جي کاتن ۾ ڪيل رشوتخوريءَ جي الظام ۾ حاصل ڪيا ويندا آهن، پر جمع نيب يعني وفاقي حڪومت جي اڪائونٽ ۾ ٿيندا آهن، انڪري ته ليننن چيو هو ته ”قانون قانون ٺاهيندڙن جي تحفظ جو ذريعو آهي“. هاڻي ته سپريم ڪورٽ به پنهنجي رمارڪ ۾ نيب تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو