Home / ڪرنٽ افيئر / نوجوانن جا لاش سنڌ جي سياست کي ڪهڙي پاسي وٺي ويندا؟
above article banner

نوجوانن جا لاش سنڌ جي سياست کي ڪهڙي پاسي وٺي ويندا؟

Lateef Jamalڪنهن پئي ڄاتو ته هڪ ڏينهن اهڙو به ايندو جو سنڌ جي جواني جُنون جي اُن جهان ۾ داخل ٿيندي جو سياست جي صليبن جي منزل اُنهن جو مُقدر بڻجي ويندي. ڪنهن پئي ڄاتو ته نعرا نشن وانگر سنڌ جي جوانيءَ جي دماغن ۾ دونهان دُکائيندا ۽ اُنهن جي سينن ۾ اهڙي باهه ٻاري ڇڏيندا جو موت اُنهن لاءِ تڇ بڻجي ويندو ۽ سنڌ ڪيترن سالن کان پنهنجي پيارن جا لاش رستن ۽ روڊن تان ميڙيندي رهي آهي. مُختلف طريقن ۽ نالن سان آپريشن جاري رکي پنهنجي مُلڪ جي ماڻهن کي ماريو پيو وڃي. جنهن جا نتيجا اڄ به اسان جي اکين اڳيان آهن. اُگهاڙي بنگال کي چيري ڦاڙي مُلڪ وڃائي فتح جا نشان ڏيکاريندڙ قُوتون، بلوچستان کان پوءِ سنڌ کي فتح ڪرڻ لاءِ پنهنجي زنگجي ويل سنگينن کي ريگ مال سان صاف ڪري نڪتيون آهن. هر مهيني ۾ سنڌ پنهنجي نوجوانن جا لاش آلين اکين سان وصول ڪندي رهي ٿي. پر سولين سرڪار طاقتور قُوتن اڳيان ايتري بيوس بڻيل آهي جو ايڏي وڏي الميي تي به مُجرماڻي ماٺ جو روزو رکي ويٺل آهي. سنڌ ۾ هلندڙ اُهو سلسلو ڪٿي ڇيهه ڪندو؟ ڪو پتو ناهي. ليڪن ان سلسلي جا نتيجا ڪنهن به صورت ۾ مُلڪ جي لاءِ ڪو بهتر سنئوڻ ثابت نٿا ٿي سگهن. سنڌ جي تاريخدان ۽ نامياري ليکڪ سائين عطا محمد ڀنڀري جو پُٽ راجا ڏاهر ئي وطن دوست سياست جي سزا طور شهيد ناهي ٿيو پر راجا ڏاهر به اُنهن سمورن شهادتن جو تسلسل آهي جيڪي ڪنهن نه ڪنهن طرح طاقتور قُوتن پاران سنڌ جي روڊن ۽ رستن تي تشدد کان پوءِ اُڇلايا وڃن ٿا ۽ سنڌ اُڇلايل لاشن کي ميڙي پنهنجا ڳوڙها ڳاڙيندي رهي ٿي. هڪ پاسي نوجوان سياسي ڪارڪنن کي اغوا ڪيو وڃي ٿو ۽ اُنهن جا وارث احتجاج ڪن ٿا پريس سان رابطا ڪن ٿا. بيان جاري ڪن ٿا. گُم ٿيل نوجوانن مٿان ڪنهن به قسم جا ڪيس هُجڻ لاءِ کين عدالتن ۾ پيش ڪرڻ جا مُطالبا ڪن ٿا. پر اُنهن جي ڪنهن به ڳالهه تي ڌيان ڌرڻ بجاءِ، نوجوانن کي پڪڙِي بدترين تشدد کان پوءِ کين رستن تي اُڇلايو وڃي ٿو. اهڙو ڀيانڪ لاڙو سنڌ جي سياست کي ڪنهن نفسياتي خوف ۾ مُبتلا ڪرڻ جي بجاءِ سنڌ جي پُرامن سياست کي پُرتشدد واٽ تي وٺي ويندو.

سنڌ جا سنجيدهه ۽ سياسي حلقا سياسي ورڪرن سان اهڙي سلوڪ تي ڏُکويل آهن. سنڌ جي سياسي ورڪرن سان اهڙي سلوڪ جو نتيجو به اهو نڪري سگهي ٿو. جهڙو نتيجو پُرامن بنگال جي عوام مٿان تشدد جي صورت ۾ نڪتو هو. مُڪتي باهني رت جي ڪنهن هڪ قطري جو نتيجو نه هُئي، پر بنگلاديش ۾ وهيل لڳاتار خون جو نتيجو هُئي. جنهن سبب اڄ بنگلاديش هِن مُلڪ جو حصو هُئڻ جي باوجود به آزاد مُلڪ جي حيثيت سان بيٺل آهي. تشدد ڪنهن به طور تي امن جا رستا ناهي کوليندو پر تشدد هميشه تشدد جا رستا کوليندو آهي. هِن خطي ۾ جيڪا صورتحال پئدا ٿي آهي ۽ نتيجي ۾ سنڌ جا نوجوان کنڀي کنيا وڃن ٿا ۽ چچريل لاشن جي صورت ۾ اُڇلايا وڃن ٿا اُن سان سنڌ ۾ سياسي انارڪيءَ جي وڌڻ جا امڪان آهن ۽ سنجيدهه سياست جي راهن اڳيان رُڪاوٽون کڙيون ٿيل نظر اچي رهيون آهن. انتهائي ڏکوئيندڙ صورتحال اها آهي جو طاقتور قُوتن جي اهڙي رويي سبب، اسيمبلين ۽ ايوانن تان عوام جي ويساهه کڄڻ جا امڪان وڌي رهيا آهن.ڇاڪاڻ ته جڏهن عوام جا چونڊيل اُميدوار سنڌ جي نوجوانن لاءِ اسيمبلين ۾ آواز اُٿارڻ وقت نفسياتي خوف ۾ مُبتلا ٿي وڃن. تڏهن مجموعي طور تي اِن تاثر کي وڌيڪ سگهه مِلي وڃي ٿي ته هن مُلڪ ۾ اسيمبلين ۾ ويٺلن جو آواز به ڪنهن اڻڄاتل خوف جو شڪار بڻجي وڃي ٿو. گُذريل ڪيترن سالن ۾ اڻ اعلانيل آپريشن ۾ سنڌ جا ڪيترائي سياسي ورڪر اغوا ٿيا آهن ۽ پوءِ کين شديد تشدد ڪري شهيد ڪري رستن تي اُڇلايو ويندو رهيو آهي. اهڙي رياستي رويي سبب سنڌ جي پُرامن ۽ وطن دوست سياست ۾ ٻه اهم رُجحان نُمايان نظر اچي رهيا آهن. هڪڙو رُجحان ته سياسي ورڪرن ۽ قيادت کي خوف ۾ مُبتلا ڪري ڇڏي ٿو. جنهن جو ثبوت تشدد ۽ نوجوانن کي رستن تي ماري اُڇلائڻ وقت اُنهن جي مُڪمل خاموشي مان ظاهر ٿئي ٿو. يا اِهو رويو اختيار ڪرڻ ته اُهي ڪنهن ٻي پارٽيءَ سان سلهاڙيل هُئا. جيتوڻيڪ اهو رويو سياسي پارٽين ۽ اُن جي قيادت جي دلين ۾ لڪل خوف کي ظاهر ڪري ٿو. جنهن مان مجموعي طور سنڌي سماج جي مزاحمتي سياسي سگهه جي ڪمزوري نُمايان نظر اچي ٿي. رياستي تشدد ۽ چچريل لاشن جي مِلڻ سان جيڪو ٻيو رُجحان ۽ لاڙو سنڌ ۾ پئدا ٿيو آهي اُهو آهي، ”ڪُهي ڪُهندين ڪيترا…“ وارو. جيڪي ٻئي رجحان سنڌي سماج جي داخلي سياسي صورت مٿان تمام گهڻا گهرا اثر ڇڏي رهيا آهن.

juli  31-16 b

اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جون سياسي تنظيمون ۽ اُنهن جون قيادتون تمام تر تنظيمي، آئيني ۽ نظرياتي اختلافن جي باوجود به سنڌ کي ملندڙ چچريل لاشن واري معاملي تي ڪا گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ ۾ مُڪمل ناڪام ٿي ويون آهن يا اُهي ڊنل آهن ته اهڙي ڏاڍ جي خلاف آواز اُٿارڻ سان شايد سندن سياسي مُستقبل ۾ خطري پئجي وڃي. پر ڇا قيادتون فقط پنهنجي پارٽين ڏانهن ئي جوابدار هونديون آهن؟ ڇا اُنهن جو ڪردار ۽ عمل اُن قوم ڏانهن ذميوار ناهي هوندو جنهن قوم جي گهر گهر ۾ ڪُٺل نوجوانن جا تڏا وڇايل هُجن؟ جيڪڏهن سنڌ جون سياسي قيادتون نظرياتي اختلافن سبب روڊن ۽ رستن تان جهٽيل ۽ پوءِ رت ۾ ٻُڏل سياسي ڪارڪنن جا لاش ڏسي خاموش رهيون ۽ اهو سمجهنديون رهيون ته اُنهن ورڪرن سان اُنهن جو انڪري تعلق ناهي ڇاڪاڻ ته اُهي ورڪر ڪنهن ٻي پارٽيءَ جا ميمبر هُئا ته اهڙو رويو سنڌي سماج جي سياست کي انتهائي وڏي اوڙاهه ۾ اُڇلائي ڇڏيندو. سنڌ جو ڪو به سياسي ڪارڪن، ڪنهن به سياسي پارٽيءَ سان لاڳاپيل ڇو نه هُجي پر ڪنهن کي اهو حق نه هُجڻ گُهرجي ته اُن جي نظرين ۽ آدرشن سان اهڙي مذاق ڪري جو کيس ڌاڙيلن وانگر مُقابلا ڄاڻائي ماري ڇڏي ۽ اُن جي لاش کي لاوارثيءَ جي حالت ۾ ڦٽو ڪري ڇڏي. سنڌ جي سياسي ڪارڪنن ڏانهن اهڙي رياستي رويي تي سنڌ جي سنجيدهه حلقن کي ويچارڻ گُهرجي ۽ سنڌ جي سياسي تنظيمن ۽ اُنهن جي قيادتن کي اهو سمجهڻ گُهرجي ته اظهار راءِ جي آزادي هر سياسي ڪارڪن ۽ ورڪر جو بُنيادي حق آهي. اُن جي اُن حق کي جيڪڏهن ڪا به بدترين طاقت دٻائي ٿي ته اُن جو ڪو به انساني جواز موجود ناهي.

سنڌ جا ماڻهو ڪيتري عرصي کان ان موقف جا حامي آهن ته جنهن طريقي سان رياستي طاقت سنڌ جي نسل ڪُشي ڪري رهي آهي، اُن جا ڪي خاص بُنياد ناهن. جيڪڏهن آپريشن ضربِ عضب شروع ٿيو هو ته اُن جا سبب موجود هُئا. ڇاڪاڻ ته مذهبي ڪٽرپڻي کان تنگ آيل سڄو اولهه پاڪستان کي مشڪوڪ نظرن سان ڏسي رهيو هو. ڇاڪاڻ ته هڪ پاسي مدرسن جون عمارتون وڇائجي رهيون هُيون ۽ جيڪي اڄ به جاري آهن. ته ٻئي پاسي پاڪستان جي عسڪري قُوتن کي ڪوليٽرل ڊيميجز جي صورت ۾ نقصان کڻڻو پئي پيو. پر جيئن ته مملڪتِ خداداد پاڪستان ۾ هميشه ائين ئي ٿيندو رهيو آهي ته ڪُجهه حاصل ڪرڻ لاءِ، گهڻو ڪُجهه وڃائڻو ئي پوندو آهي. نتيجي طور ضربِ عضب ته شروع ٿيو. جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترا اهم طالبان اڳواڻ گرفتار ٿيا آهن يا حورن جي هنجهه ۾ آرامي ٿيا آهن سا ته خبر ناهي البته، هڪ ئي وقت مُلڪ اندر عسڪري قوتن پاران ڪيترا محاذ کوليا ويا آهن. مُتحده مٿان ڪراچيءَ ۾ سوڙهه، مني لانڊرنگ جا معاملا، ڪرپشن خلاف ڪارروايون وغيرهه وغيرهه. پر سنڌ ۾ سياسي ڪارڪنن کي بنا سبب اغوا ڪرڻ واري معاملي تي اکيون ٻوٽي نٿيون سگهجن. ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ وحشياڻي طريقي سان سياسي ڪارڪنن جي قتل جي نتيجي ۾ سياسي ردِعمل به تشدد واري شڪل ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو. ائين جيئن بلوچستان جون بگڙيل حالتون وري ڪنهن سنئين واٽ تي اچڻ لاءِ تيار ناهن. سنڌ جي سياسي ڪارڪنن ڏانهن لڳاتار اهڙي رويي جو نتيجو بلوچستان کان مُختلف نه هوندو. اهو الڳ بحث آهي ته سنڌ جي نوجوانن اهڙي ڪهڙي واٽ ورتي آهي يا اهڙو ڪهڙو سياسي رستو اختيار ڪيو آهي؟ جنهن جو طاقتور قُوتون شديد ردِعمل ظاهر ڪري رهيون آهن.

juli  31-17 b

جيڪڏهن بلوچستان ۾ بلوچن جي هلندڙ ويڙهاڪ جدوجهد مُلڪ جي طاقتور قُوتن جي مٿي جو سُور بڻيل آهي ته اِها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي. ڇاڪاڻ ته اُتي ويڙهه جي واٽ وٺندڙ بلوچن مٿان جڏهن حملو به ٿئي ٿو يا کين لاش وصول ٿين ٿا ته مُلڪ جي سگهارين طاقتن کي به اُن جو جواب مِلي ٿو. ليڪن سنڌ جي صورتحال بلوچستان کان بلڪل مُختلف آهي. جيڪڏهن ڪنهن ڀِت جي چاپڙ ڪيرائڻ ۽ ريل جي پٽڙيءَ کي اُکيڙڻ جي نتيجي ۾ سنڌ کي ايترا لاش وصول ئي ڪرڻا آهن ته پوءِ ويچارڻ جي ڳالهه آهي ۽ سنجيدگيءَ سان سوچڻ جي ڳالهه آهي ته ڇا اسان جي سياسي پارٽين جي حڪمت عملي ڪمزور آهي؟ يا ڪٿي اسان جي سياسي جدوجهد ڪنهن جذباتي رُخ جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي؟ سنڌ جا سياسي ڪارڪن ڪهڙي به سياسي نظريي يا حڪمت عمليءَ سان واسطو رکندڙ هُجن ليڪن کين اها ڳالهه سمجهڻي پوندي ته دُنيا جون طاقتور ۽ ويڙهاڪ تنظيمون به ڪا هڪڙي حڪمت عملي اختيار ڪنديون آهن. اُهي يا سياسي ۽ پُرامن رستي واري واٽ وٺنديون آهن. يا مُڪمل طور ڪيموفليج رهي ويڙه ڪنديون آهن. ليڪن سنڌ جي سياست ۾ پُرامن سياسي جدوجهد واري رستي ۽ ويڙهه واري رستي کي گڏي هلايو پيو وڃي. جيڪا حڪمت عملي ڪنهن به صورت ۾ ٺيڪ ناهي. جيڪڏهن اهڙي حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي ته اُها مجموعي طور سنڌ جي پُرامن سياسي وجود لاءِ وڏو خطرو ثابت ٿيندي.

مُلڪ جي اسٽيبلشمينٽ کي به اِها ڳالهه سمجهڻ گُهرجي ته ڪنهن به نظريي يا اظهار کي تشدد سان ختم نٿو ڪري سگهجي ۽ نه ئي گولين سان ڪنهن تحريڪ کي ڌرتيءَ تان گُم ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن چِڙيل نوجوانن جو پنهنجو هڪڙو نُقطئه آهي ته اُن نُقطئه سان اختلاف رکڻ جو هر ڪنهن کي حق هُجڻ گُهرجي ليڪن اُن جو ردِعمل چچريل لاشن جي صورت ۾ سامهون آڻڻ، ڪنهن به صورت ۾ دُرست عمل ناهي. جيڪڏهن ڪنهن به سياسي ڪارڪن جي خلاف ڪي ثبوت آهن يا اُن جو ڪو ڏوهه آهي ته مُلڪي عدالتن ۾ اُنهن جا ڪيس هلائڻ گُهرجن ۽ ڏوهه ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ اُنهن کي سزائون ڏنيون وڃن پر اها انتهائي وڏي ناانصافي ٿيندي جو سنڌ جي سياسي ورڪرن کي اغوا ڪري گُم ڪيو وڃي ۽ پوءِ سنڌ اُنهن جا لاش روڊن، رستن تان ميڙيندي رهي. اهو رويو هن مُلڪ جي اندر سياسي ڪارڪنن سان لڳاتار رکيو ويو ته اُن جا نتيجا ايترا بُرا ۽ خطرناڪ نڪري سگهن ٿا جنهن جي نتيجن کان هن مُلڪ جو وجود به خطري ۾ پئجي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته جيڪي گهر لڳاتار لاش وصول ڪري رهيا آهن اُهي هن مُلڪ جي وجود کان پري بيٺل آهن. جيڪڏهن اهو سلسلو اڃان جاري رهيو ته پوءِ سنڌ جو اڪثريتي عوام وفاقي ايڪي واري ڇٽيءَ هيٺ رهي نه سگهندو.

latifjamal@hotmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو