Home / اسپيشل افيئر / هاڪڙو ۽ سنڌو ٻه الڳ تهذيبون آهن ڇا ؟
above article banner

هاڪڙو ۽ سنڌو ٻه الڳ تهذيبون آهن ڇا ؟

Khalid Kunbharپاڻ هاڪڙي درياهه جا ابتا سبتا پيرا اهاڙڻ جي بجاءِ ، جي هڪڙي ڳالهـ ڪري وجهون تـ ،اها اونرائي چئبي. پر هيانءُ جي ڏڍ تي انهي ڪري ٿا ڪريون جو اڪابر سدائين چوندا رهيا آهن ته تهذيبن سدائين دريائن جي ڪنارن تي جنم ورتو آهي. سو پاڻ کي اصل ڪرڻي اها ڳالهـ آهي تـ هاڪڙو ۽ سنڌو ٻـ الڳ تهذيبون آهن توڙي جو هڪڙي ئي سنڌ وطن جو حصو آهن. بهاولپور ۽ بيڪانير کان وٺي علي بندر ۽ راهمڪي بازار تائين هاڪڙي درياهه جي تهذيب وارياسن ڀٽن ۾ ڦهليل آهي . جنهن جو ٻيو ڇيڙو ڪڇ ۽ گجرات کان ويندي جيسلمير جوڌپور ٻاڙمير تائين آهي . اها ئي صدين جي سنڌ آهي . جنهن جون ملڪي سرحدون سسسنديون ۽ وڌنديون رهيون آهن . پر انهن جي ٻولي ، ڪلچر ، سماجي ريتن رسمن ۾ ايڏو ڦير ناهي آيو . جيڪڏهن اوهان ورهاڱي کان اڳ وارو دور کڻندا ۽ بڙ تلاءِ واري پوڙهي قيصر خان کوسي کان رڳو سنڌوڙي، بڙتلاءِ ، آديگام وارين ڪڇ ۽ گجرات ڏانهن پارڪر کان ويندڙ واٽن جي پڇا ڪندا تـ هو اوهان کي ڳالهين ڳالهين ۾ سنڌ کي گجرات ، ڪڇ ۽راجستان سان ايئن ملائي ڇڏيندو جو هڪڙي لمحي ۾ اوهان کي سموريون سرحدون وسري وينديون. ۽ اوهين ايئن محسوس ڪندا ڄڻ رڻ ۾ راتيون رهندي لاکي وڻجاري جا ڍڳا گجرات جو وکر کڻي اچي پارڪر وارن تلائن تي راتيون رهيا آهن . اهو سمورو ملڪ جڏهن اڃا ڳنڍيل هو تـ ٿر ۽ پارڪر جو ماڻهو انهن رڻ وارين واٽن سان گجرات ڪڇ ۽ راجستان سان ڳنڍيل هو . چون ٿا تـ انگريز دور ۾ ٿريا ٻني جي ڍل بـ ڪڇ ۾ پياريندا هئا. لوڻئين جا سما گجرات جا وڏا واپاري هئا. اهو لوڻيون ڳوٺ پارڪر واري روڊ تي ڏاني کان ٿورو اوريان پوندو. والهوٽي واري ميلي جون ڳالهيون ۽ واپار تـ اڃا بـ ٿرين کي ياد آهي .

چوڻ وارا تـ اهو بـ چون ٿا تـ هاڪڙي درياهه جا سبتا پيرا ويرا واه وٽ ڏو تڙ ڪپري تي دنگ ڪن ٿا . پر اها ڳالهـ اڃا اڇرجي چٽي ٿي ناهي بيٺي . پر اها سموري ڌرتي هاڪڙي درياهه جي صدين جي تهذيب آهي. جيڪا سنڌو درياهه نـ پر سنڌ وطن جي تهذيب ضرور آهي . بئراجي ماڻهو اڪثر ڪري چوندا آهن تـ اوهان سنڌ ۾ رهندي بئراج کي سنڌ ڇو ٿا چئو. هاڻ گهڻو ڪري اها ڳالهـ اڇرجي وئي هوندي. تـ ٿر جو ماڻهو ڪڇ کي ڪڇ ،گجرات کي گجرات ۽ بئراج کي سنڌو درياهه جي ڪري بـ سنڌ چوندو رهيو آهي . ڇو جو هاڪڙو تهذيب سنڌو تهذيب کان الڳ آهي . بنيادي طور تي ٿر پرمار سوڍن جي صاحبي هيٺ رهيو آهي يا ايئن کڻي چئون تـ انهن سوڍن جو پيڙهياتو ملڪ آهي. آٻو مائونٽ تان اٿيل پرمار سوڍا جيڪي کپري واري پاسي رتي ڪوٽ کي پنهنجي راڄڌاني ٺاهڻ کانپوءِ امرڪوٽ ۽ انهي کانپوءِ ٿر ۽ پارڪر تي پنهنجا پير پڪا ڪيا. پر انهن بي ڊپن سوڍن کي هينسي هيٺ ڪرڻ لاءِ ٽالپرن ٻروچن کي بـ ٿر ۾ آباد ڪيو. جيڪي گهڻا تڻا اوهان کي هن ملڪ عظيم جي سرحدن کي ويجها ويٺل ملندا جنهن ۾ رند، کوسا، لنڊ، ڪپري ۽ چانڊيا آهن . انهن ميرن ٿر ۾ مٺي اسلام ڪوٽ سينگارو ۽ ٻين جڳهن تي قلعا پڻ سوڍن کي سيکت ڏئيڻ لاءِ ٺهرايا.

juli  31-46 b

ٿي سگهي ٿو وينجهڻياري وارا شيدي بـ ٿر ۾ ميرن جي دور جا آيل هجن. ڇو جو شيدين جا گهڻا ڏس ميرن جي ڳوٺن ۾ ملن ٿا . جئين دگهڙي ميرن جو مرڪز اتي بـ شيدي . ٽنڊو باگو بـ ميرن جو اتي بـ شيدي . انهي جا روحاني راز ۽ سائنسي سبب ڪهڙا بـ هجن . پر اها پڪي خبر ناهي . پر اهي بئراجي ماڻهو ٻروچ ميرن جي دور ۾ آيا جيڪي اڃان تائين ٻروچڪو ڪلچر ۽ ٻوليون ڳالهائن ٿا . جيڪي هاڪڙي تهذيب جو حصو ناهن . انهي کانپوءِ نج لاڙي لهجي واري پڪي سنڌي ڳالهائيندڙ قبيلا بـ ٿر وارين ڀٽن ۾ آباد آهن . جن ۾ نهڙيا جن سان پڻ ميرن جي ونگي وٽ جنگ ٿي هئي ۽ هي ٽاه کائي ڀٽن ۾ ڀڳا هئا. ۽ ڪي نهڙيا وري اوڀر ڀڳا جيڪي ڇور ۽ پوءِ جوڌپور خيرپور ۽ ميرپور رياست جي وچ واري جڳهـ جنهن کي ٻڌي ٻانوري چئجي اتي وڃي آباد ٿيا . جتان وري موٽيا بـ سهي جيڪي پٿوري ڇور ۽ ڍوري ناري واري تر ۾ اچي ويٺا. پر نهڙين جو اصل وطن هاڪڙي تهذيب جي ڪناري تي ونگو پتڻ آهي . جتي اڄ بـ نهڙين جا پڳدار رهن ٿا انهي ڪري انهن کي هاڪڙي تهذيب جو قبيلو چئي سگهجي ٿو. نصرپور جي ڳالهـ بـ نهڙيا ڪن ٿا ۽ پنهنجو پاڻ کي جکري جو اولاد بـ سمجهن ٿا.انهي کانسواءِ سما ۽ سومرا جوڻيجا بـ سما ٿيا . انهي اهي مختلف وقتن تي هڪ ٻي سان سدائين وڙهندا رهيا . جڏهن بـ جيڪا ڌر ڪمزور ٿيندي هئي تـ اها ڀٽن ڏانهن منهن ڪندي هئي. راهمان سميجا بـ سماٽ ذاتيون آهن . انهي ڪري اوهان کي اهي بـ ٿر ۾ ملي ويندا . اوهان کي ٿر ۾ گهڻا تڻا لاڙي قبيلا ملندا جنهن جو ٿر سان صدين کان واسطو رهيو آهي . ايئن وري هاڪڙي تهذيب جا ماڻهو وري مختلف وقتن تي بئراج ڏانهن لڏپلاڻ ڪندا رهيا آهن. انهن جي لڏپلاڻ جا ٻـ ٽي مکيـ سبب آهن هڪ تـ ٿر مان وڏي لڏپلاڻ بئراج ڏانهن ورهاڱي ۾ ٿي .پر انهي کان بـ وڏي لڏپلاڻ ايڪهتر واري جنگ ۽ پنجهٺ واري جنگن ۾ ٿي . ايڪهتر واري جنگ ۾ تـ بئراج ڏانهن ٿر جي ماڻهن جي تمام وڏي انگ لڏپلاڻ ڪئي. انهي ڪري اڃا تائين ٿر جا اڪثر پوڙها انهي سال کي ڀاڄڙ جو سال پڻ چون ٿا. انهي کان اڳ۾ سکر بئراج ٺهيو تڏهن بـ هاڪڙي تهذيب سان تعلق رکندڙ تمام وڏي انگ ۾ ماڻهن سائي ملڪ ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي.

ٿر ۾ هرسال پوندڙ ڏڪارن ۾ خاص طور وڏي لڏپلاڻ ڇپني ، ڇني ڏڪار ۾ ٿر مان بئراج ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي. اهي قبيلا بئراج ۾ وڃي رهي پيا. جنهن ۾ ڪولهي، ڀيل،اوڏ ، مينگهواڙ۽ ٻيا ڪيترا ئي قبيلا اتي مستقل رهي پيا پر اڃان تائين انهن جي ٻولي ڪلچر ريتون رسمون اهي ئي آهن . انهي بئراج مان ٿر ۽ ٿر مان بئراج ڏانهن لڏپلاڻ هڪٻئي جي ڪلچر ريتن رسمن، ۽ ٻولي تي اثر گهٽ ڇڏيا آهن . انهي ڪري اڄ بـ سکر ۾ رهندڙ ڪولهڻ جهٻو پائي ٿي ۽ ٿر جي ٽوه ڳوٺ ۾ ويٺل راهمون نج لاڙي لهجي واري سنڌي ڳالهائي ٿو. اها ئي لاڙ ۽ ٿر ،ڪڇ، گجرات ۽ راجستان واري سنڌ لطيف جي سرن ۾ ساه کڻندي محسوس ٿئي ٿي. جنهن اها سنڌ رلي ڦري ناهي ڏٺي . انهي کي نـ تـ سنڌ سمجهـ ۾ ايندي ۽ نـ ئي وري لطيف سمجهـ ۾ ايندو . جنهن کي لطيف سمجهـ ۾ نـ ايندو انهي کي سنڌ ڇا سمجهـ ۾ ايندي راڻا. لطيف جا بـ گهڻا تڻان ڪردار لاڙ ۽ خاص طور هاڪڙي درياهه جي اوسي پاسي جا آهن.

ٿر جو ڪلچر بـ راجستان وانگر اڃا تائين بـ ايئن کڻي چئون تـ باقي سنڌ کان وڌيڪ شاهوڪار آهي. توڙي جو انهي ڪلچر کي ايڪهتر جي جنگ ۾ سوڍن جي سرحد کان هن پار لڏپلاڻ ۽ پنجهٺ جي جنگ ۾ هتان کان هن پار لڏي آيل ماڻهن نقصان رسايو آهي . پر انهي هوندي بـ بچيل ٿريو اڃا تائين شهري بابو يا ميڊم ناهي بڻجي سگهيو . ڪلچر کي شهر تباه ڪندا آهن. شهر به حملي آورن وانگر آهن . انهي ڪري ٿر جي واري وارن دڙن ۾ اڃا تائين اهو شاهوڪار ڪلچر موجود آهي . اهي ريتون رسمون اڃا به وجود رکن ٿيون .

پر انهي هاڪڙي تهذيب جي ڪلچر کان اڄ جا ٿر ۾ رهندڙ خود ٿرين جي هلندڙ پيڙهيون اڃان تائين ايتريون با خبر ناهن . تـ آخر انهن جي ڪلچر ۾ اهي ڪهڙيون شيون آهن . اڄ تـ انهن کي اها خبر بـ ناهي تـ پٽڪو ڇڏيندو ڪيئن ٻڌبو آهي نه ته اڳي هر ذات جي پٽڪي جو پنهنجو ور هوندو هو. انهي پٽڪي جي ڀير يا ور کي ڏسي سامهون ايندڙ ماڻهو انهي پٽڪي ٻڌل همراه جي ذات ٻڌائي ڏيندو هو . تڏهن تـ سهڻي مرشد چيو هو “لاکا لک سڃن ڦولاڻي ڀير ئي ٻيو” راجپوتن جي ڦنٽي جو تـ رنگ ئي پنهنجو هو . انهن ڏينهن ۾ رڳو پوڙها پٽڪو ڪونـ پائيندا هئا . پر هر مڇن جي ساوڪ واري جي مٿي تي سهڻو پٽڪو ٻڌل هوندو هو ۽ هرڪنهن جي لانگوٽي جي ور جو پنهنجو انداز هو . ايئن ئي وري عورتن جي پڙي، گج ۽ ٻانڌڻي چني مان بـ سهي ڪري وٺبو هو تـ اها عورت ڪهڙي ذات برادري جي آهي. کٽي جيڪي پڙا ۽ ٻانڌڻيون رڱيندا هئا انهن وٽ هر ذات لاءِ الڳ نشان هئا. هندو مسلم جي اوڍڻ پهرڻ ۾ به فرق هو اهو اصل ڪلچر جو حسن هو . ٿر جي ڪلچر ۾ ٿري عورت ٽونر واري جتي پائيندي هئي ۽ مرد وري موجي پائيندا هئا. ٻانڌڻون ،ڪنجري ، ڪنجرو، گج ، پٺي وارو گج سڀ عمر ۽ ٻين علامتن کي پڻ ظاهر ڪندا هئا. الهي ڪلهي چوڙا ۽ انهن ٿرين جي پهرڻ جا زيور ئي پنهنجا هئا. ماڏريو، سانٽيون ،ڪڙيون ، دهري، هنسلي بس اهو ٿر اڃا به آهي . پر انهي ٿر تي اوترو ڪم ناهي ٿي سگهيو . انهن ٿراڻين جا گيت ريتون رسمون انهن ٿرين جون مچ تي ٿيندڙ ڪچهريون جنهن ۾ صدين جي سنڌ ساه کڻندي محسوس ٿيندي هئي.

ڪجهـ تـ هاڪڙي تهذيب جا صفا نشانبر ڪلچر وارا قبيلا آهن جئين رٻاري . ٿر جا سوڍا ڦينٽن ٻڌي لانگوٽا واري جڏهن هلندا آهن تـ هئيون ڇڪ کاڌيندو آهي تـ ڇو نـ انهن سوڍن جي پيرن تي هٿ رکي چئجي تـ اوهان سنڌ لڳي رهيا آهيو. اوڏي مهل انهن سوڍن جي چرنن تي هٿ رکڻ سنڌ جي چرنن تي هٿ رکڻ جي برابرآهي . راءِ سنگهـ سوڍي جي اها ڳالهـ تـ اسان کي بـ دل سان لڳي آهي تـ هن ڌرتي لاءِ سڀ کان وڌيڪ رت اسان سوڍن جو وهيو آهي پر افسوس جو اڄ اسان کي اقليتون ٿو چيو وڃي اسين جيڪي ڌرتي جا اصل ڌڻي آهيو . جڏهن راءِ سنگهـ اها ڳالهـ ڪئي تـ اسان ڌرتي ڌڻي اقليت آهيون تڏهن ٻـ ڳوڙها منهنجي اندر ۾ وهي ويا جيڪي هي اکر لکڻ تائين اندر ۾ وهي رهيا آَهن. ٿر جون ڀٽون سوڍن کانسوءِ ڇوريون ۽ ٻي ڌڻياتيون آهن.

.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو