Home / ڪور افيئر / هڪ نئون اين آر او اسٽيبلشمينٽ-پيپلز پارٽي ڊيل ۽ عرب سڳورا!
above article banner

هڪ نئون اين آر او اسٽيبلشمينٽ-پيپلز پارٽي ڊيل ۽ عرب سڳورا!

Aajiz Jamaliسنڌ ۾ موسمياتي تبديلين، ٻوڏن ۽ درياهه ۾ چاڙهه سان گڏ سياسي تبديلين جو هڪ سلسلو جاري آهي. پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ هڪ نئين “ڊيل” جون هوائون گُهلي رهيون آهن. ان ڊيل تحت پيپلز پارٽي في الحال ايم ڪيو ايم مان هٿ پٽي وئي آهي. سنڌ خاطر نه ئي سهي پر اسٽيبلشمينٽ جي راند خاطر ايم ڪيو ايم کي ڪراچي آپريشن ۾ اڪيلو ڇڏيو ويو آهي، جنهن جو منطقي انجام في الحال ايم ڪيو ايم جي ليڊرشپ تبديل ڪرڻ نظر اچي رهيو آهي. پيپلز پارٽي ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ڊيل جو ٻيو نُڪتو سنڌ ۾ ڪرپشن جي نالي تي اڏامندڙ ڌوڙ ۾ ڪجهه ڪامورن ۽ ڪجهه ڪرپٽ ماڻهن کي جيل حوالي ڪري پنهنجا هٿ صاف ڏيکارڻ آهن. ڊيل جو ٽيون نُڪتو “وڏن بدعنوانن” کي پاسيرو ڪرڻ آهي. هي ڊيل 2007 جهڙو اين آر او ناهي جيڪو لکت ۾ ٿيو هئو نه ڪي هي ڊيل سن 2000 جهڙي آهي جنهن تحت لکت ۾ معافي وٺي سعودي عرب جو رستو اختيار ڪيو ويو هئو. پر جهڙي ريت سن 2000 ۽ 2007 جي ڊيل ۾ عرب سڳورن جا شفقت ڀريا هٿ شامل هئا. اهڙي ئي ريت هن 2015 جي ڊيل ۾ به ساڳيا عرب سڳورا شامل آهن. اهو ئي سبب آهي جو دبئي جي سرزمين تي ويهي پراڻن چهرن کي وزارتن جا نوان کاتا ڏنا ويا ۽ ڪجهه نوان چهرا وزارتن ۾ شامل ڪيا ويندا.

“ساڳيا سِڱ سُڃاڻ ڏاتُو پنهنجي ڏاند جا”

پيپلز پارٽيءَ اسٽيبلشمينٽ سان ٿيل ڊيل جي پهرين مرحلي ۾ رينجرز کي سنڌ ۾ هڪ سال جو وڌارو ڏنو جنهن کي هاڻي جلد سنڌ اسيمبليءَ مان قانوني حيثيت ڏياري ويندي. سنڌ سرڪار اهڙو قدم کڻي “ڊيل” ۾ سچائي جو ثبوت ڏنو. پر ان کان اڳ اسٽيبلشمينٽ وري فريال ٽالپر، اويس مظفر ٽپي سميت اهم ماڻهن کي پرڏيهه وڃڻ ڏنو. ان جي جواب ۾ وري پيپلز پارٽيءَ ڪرپشن ۾ ملوث ڪجهه سياسي ڪامورن مان هٿ پٽيا، جيڪي پرڏيهه ڀڄايا ويا. جن ۾ منظور قادر، ڊاڪٽر نثار مورائي، ثاقب سومرو، مصطفيٰ جمال قاضي وغيره شامل آهن. هي اُهي ڪامورا آهن جن جو اڪائونٽ سڌي ريت بلاول هائوس جي اي ٽي ايم ۾ کليل آهي. پر اُهي همراهه پرڏيهه ۾ ڪاروبار ڪري رهيا آهن. اسٽيبلشمينٽ کي پيپلز پارٽيءَ اهو آسرو ڏنو آهي ته ڄاڻايل ڪرپٽ ڪامورا سندن حوالي ڪيا ويندا. پر انهن ڪامورن وٽ ته صرف اي ٽي اي ڪارڊ آهن، جيڪي صرف بلاول هائوس جي اي ٽي ايم مشن مان ڪيش ڪڍي سگهن ٿا.

july (a) 18

ڄاڻايل ڪامورا گرفتار ٿيندا آهن ته سندن کاتن جا وزير، مشير ۽ رئيس ادا، اديون سڀ وڪڙ ۾ اچي ويندا پر پيپلز پارٽي ته ڏاڍي سياڻپ سان راند کيڏي رهي آهي. ان راند مان نڪرڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ سان ڊيل ڪئي وئي آهي. اسٽيبلشمينٽ سان واعدو ڪيو ويو ته ڪرپٽ وزيرن کي هٽايو ويندو پر رڳو کاتا مٽ ٿيا آهن. مثال شرجيل ميمڻ کان مڪاني ادارو وٺي ورڪس اينڊ سروسز ۽ اطلاعات جو اڌ کاتو واپس وٺي آرڪائيو جو حصو ڏنو ويو آهي. نثار کهڙي کي تعليم کان وڌيڪ اهم وزارت آبپاشي ۽ اطلاعات ڏني وئي آهي. علي مردان شاهه کان وزارت واپس وٺي سندس ڀاڻج سردار شاهه کي وزارت ڏني ويندي. هن سڄي ماحول ۾ لڳي ايئن ٿو ته ڪنهن به ڪرپٽ وزير کي ڪا به سزا ڪا نه ملي. جيڪي ڪامورا گرفتارين ٿين ٿا اُهي نيب کي ڪروڙين روپيا “پلي بارگين” تحت ڏئي واپس اچن ٿا، اهو ثابت به ٿئي ٿو ته انهن عوام جو ناڻو لٽيو پر سزا ڪا به ڪانهي. سجاول جي اڳوڻي ٽي ايم او ممتاز زرداري جو مثال آڏو آهي جيڪو 4 ڪروڙ روپيا “پلي بارگين” تحت نيب کي ڏئي آزاد ٿي چڪو آهي. ڪرپٽ ماڻهن کي سزائن جي ان عمل مان لڳي رهيو آهي ته اهو به ان ڊيل جو حصو آهي جو ماڻهو پئسا ڏئي جان ڇڏائي ويندا.

پر ان ڏس ۾ سنڌ ۾ رينجرز ۽ حساس ادارن جي ذميوارن جو چوڻ اهو آهي ته پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم ٻئي سنڌ ۾ ڪرپشن ۽ دهشت گردي ۾ برابر جون شريڪ آهن، ان ڪري پيپلز پارٽيءَ کي رعايت نه ٿي ملي سگهي.

ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته ايئن ته ايم ڪيو ايم جي اندر به هڪ حلقو رعايتي آهي پر جيڪو لڏو “مائنس الطاف” جي فارمولي کي نٿو مڃي ۽ جيڪو لڏو “سيڪٽرز” جي ڪنٽرول ۾ آهي اهو في الحال نشانو بڻبو. سندن خيال آهي ته ايم ڪيو ايم اندر دهشت گردن جو خاتمو آندو پيو وڃي ۽ سياسي ڌڙو الطاف حسين جي خلاف آهي.

سگهارن ادارن جو خيال آهي ته جهڙي ريت پيپلز پارٽي پنهنجي پراڻي ليڊرشپ کي پاسيرو ڪرڻ تي راضي آهي تيئن ئي ايم ڪيو ايم کي به اسٽيبلشمينٽ سان ڊيل ڪرڻ گهرجي ڇا پيپلز پارٽي کانپوءِ اسٽيبلشمينٽ اڳتي هلي ايم ڪيو ايم سان به ڊيل ڪندي؟- جيڪڏهن ايئن ٿيو ته پوءِ ڪراچي آپريشن جو نتيجو ڇا هوندو؟- ايندڙ عام چونڊن تائين ايم ڪيو ايم مڪمل مظلوم بڻجي ويندي ۽ نئين ليڊرشپ جي اڳواڻي ۾ هڪ دفعو وري ڪراچي ۾ 1993ع وانگر عام چونڊن ۾ ڀرپور ڪاميابي ماڻيندي؟- اهي سڀ سوال اسٽيبلشمينٽ جي نظر ۾ آهن. پيپلز پارٽيءَ جي اهم ماڻهن جو خيال آهي ته ڪجهه عرصي ۾ سڀ مامرا ٺيڪ ٿي ويندا.

پيپلز پارٽيءَ جي اڪثر ماڻهن جو اهو به خيال آهي ته ٻوڏن سبب سنڌ ۾ سيپٽمبر ۾ مڪاني چونڊون ٿي نه سگهنديون ان ڪري ٻوڏن ۾ پيپلز پارٽيءَ کي ڪارڪردگي ٺيڪ ڪرڻ جو موقعو ملندو. حقيقت اها آهي ته پنج سال اڳ سنڌ ۾ آيل تباهيءَ کانپوءِ کربين روپيا خرچ ٿي ويا پر سنڌ جي ترقي نه ٿي سگهي. ظاهر آهي ته رقمن جو وڏو حصو ڪرپشن جي ور چڙهي ويو. اهڙي صورتحال ۾ پيپلز پارٽيءَ وٽ هڪڙو ئي رستو هئو ته هو اسٽيبلشمينٽ سان ڊيل ڪري ۽ “سِر جو جواب پٿر سان” ڏيڻ سواري موقف تي نه رڳو معذرت ڪري پر توبهه تائب به ٿئي. ان صورتحال ۾ اسٽيبلشمينٽ به سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم کي منهن ڏيڻ لاءِ پيپلز پارٽيءَ کي في الحال ڍر ڏيندي، ايم ڪيو ايم مان جان ڇڏائي پوءِ ٻيو ڪجهه سوچيندي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو