Home / ڪرنٽ افيئر / يونان جو بحران: عوام جو معاشي سڌارا رد ڪري ڇڏيا!
above article banner

يونان جو بحران: عوام جو معاشي سڌارا رد ڪري ڇڏيا!

Shujauddin qureshiيونان جي معاشي بحران سبب يورپين يونين ۽ ان جي هڪ ڪرنسي ”يورو“ جو مستقبل خطري ۾ پئجي ويو آهي. يونان ڪيتري عرصي کان قرضن جي ڄار ۾ وڪوڙيل هجڻ سبب سخت قسم جي معاشي بحرانن کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ ملڪ جو ڏيوالو نڪرڻ يا ڊيفالٽ ٿيڻ جو خطرو پيدا ٿي چڪو آهي. واجب الادا بين الاقوامي قرض نه ڏيڻ جي صورت ۾ ملڪ ڊيفالٽ ٿيڻ جو خطرو پيدا ٿي پوندو آهي، ان جو مطلب آهي ته ان ملڪ سان وڻج واپار به نه ٿو ڪري سگھجي ۽ بئنڪنگ سسٽم به ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندو.

2014 ۾ يونان جواقتصادي بحران تمام شديد ٿي ويوهئو ۽ حڪومت پڻ لوڏن ۾ اچي وئي هئي. ان معاشي بحران جي ڪري يونان جي پارليامينٽ جون وقت کان اڳ چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو ۽ فيبروري 2015 ۾ نيون چونڊون ٿي ويون. نئين حڪومت کي پراڻي حڪومت جي واعدن نڀائڻ لاءِ سخت قسم جي سڌارين تي عمل ڪرائڻو هئو پر حڪومت سڌارن تي عمل ڪرائڻ لاءِ قرض ڏيندڙن سان ڳالهيون ڪرڻ بجاءِ عوام ڏانهن سڌو سئون رجوع ڪرڻ جو اعلان ڪندي 5 جولاءِ تي ملڪي سطح جي ريفرينڊم جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ عوام کان پڇيو ويو هئو ته اهي قرضن جي سڌارين واري پيڪيج جي حمايت ڪن ٿا يا نه. ووٽرن کي ها يا نه جي صورت ۾ جواب ڏيڻو هئو.

موجوده حڪومت هن سال جي شروع ۾ ان واعدي تحت آئي هئي ته اهي ملڪ جا معاشي مسئلا حل ڪندي. يورپين يونين جي هڪ اهم ملڪ، يونان جي عوام 5 جولاءِ 2015 تي منعقد ڪيل ملڪي سطح جي ريفرينڊم ۾ آءِ ايم ايف ۽ ٻين ڊونرن جي سڌارن جي پيڪيج خلاف فيصلوڏئي ڇڏيو هئو، جڏهن ته يورپين يونين ان ريفرينڊم ۾ ”ها“ جي حق ۾ هئي پر يونان جي حڪومت ان ريفرينڊم جي ”نه“ ووٽ جي حمايت ڪندي رهي هئي.

july (a) 12

ريفرينڊم ۾ وڏي پيماني تي ”نه“ جو فيصلو اچڻ جي باوجود وزيراعظم تسپراس جي حڪومت کي مجبورتي ٻيهر يورپين يونين وٽ سخت شرطن تي ٻڌل بيل آئوٽ پيڪيج لاءِ لڙي وڃڻو پيو، جنهن ڪافي بحث مباحثي کان پوءِ 13 جولاءِ تي 86 ارب يوروجو هڪ نئون پيڪيج منظور ڪيو، مگر ان لاءِ يونان جي پارليامينٽ کان منظوري وٺڻ ۽ نوان قانون جوڙڻ ضروري هوندو. هن وقت يونان جي پارليامينٽ جا ميمبر يورپين يونين طرفان 86 بلين يورو جي نئين ٽن سالن لاءِ قرض پيڪيج حاصل ڪرڻ لاءِ تجويزڪيل سخت قسم جي اصلاحات تي بحث ڪرڻ ۾ مصروف آهن، جڏهن ته يونان جون بئنڪون معاشي بحران ڪري ٽي هفتا لڳاتار بند رهڻ کان پوءِ 20 جولاءِ تي ٻيهر کلي ويون آهن. پر حڪومت طرفان هڪ ڏينهن ۾ صرف 60 يوروز بئنڪن مان ڪڍائڻ وارو شرط اڃا تائين لاڳو رهندو، جنهن تحت هڪ هفتي اندر 420 يورو کان وڌيڪ ڪنهن به بئنڪ اڪائونٽ مان ڪڍرائي نه ٿا سگھجن. هن وقت به سڀ کان وڏو مسئلو آهي ته يونان جي بئنڪن وٽ رقمن جي شديد کوٽ آهي.

بيل آئوٽ پيڪيج کي منظور يا رد ڪرڻ لاءِ 5 جولاءِ تي ٿيل ريفرينڊم ۾ 61.3 سيڪڙو عوام سخت سڌارن جي پيڪيج کي رد ڪندي حڪومت تي زور ڀريو هئو ته انهي پيڪيج کي حاصل ڪرڻ جون وڌيڪ ڪوششون نه ڪري.پر ملڪ کي هلائڻ لاءِ بين الاقوامي قرض حاصل ڪرڻ تمام ضروري ٿي پيا آهن ۽ ان لاءِ تمام ڏکيا فيصلا ڪرڻ کان سواءِ ڪا ٻي راھ نه آهي.

يورپين يونين جي نئين پيڪيج ۾ ٽيڪسن ۾ اضافو تجويز ڪيو ويو آهي جڏهن ته رٽائرمينٽ جي عمر ۾ پڻ واڌارو ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي هئي. هن وقت يونان ۾ ننڍي عمر ۾ رٽائرمينٽ ٿيڻ ۽ پينشنرن جي انگ ۾ بي انتها واڌ سبب حڪومت کي گھڻي رقم خرچ ڪرڻي پوي ٿي. هڪ اندازي موجب يونان جا 49 سيڪڙو خاندان حڪومت طرفان ملندڙ پينشن جي رقمن تي گذارو ڪري رهيا آهن، جڏهن ته 36 سيڪڙو خاندان پگھارن تي آهن. ملڪ ۾ گھٽ آبادي جي واڌ ۽ وڏي عمر جي شهرين جي انگ ۾ واڌاري سبب حڪومت کي انهن جي ويلفيئر تي وڌيڪ خرچ ڪرڻو پوي ٿو، جڏهن ته عوام اهي سهولتون ڇڏڻ نه ٿا گھرن. عوام طرفان ريفرينڊم ۾ بيل آئوٽ پيڪيج رد ڪرڻ کان پوءِ ملڪ جي خزاني جي وزير يانس وروفاڪس استعيفا ڏئي ڇڏي هئي، هن مطابق سڌارين واري پيڪيج تي عمل ڪرڻ کان سواءِ يونان وٽ ٻي ڪابه راھ ڪونهي.

يونان جو معاشي بحران ڪو نئون ڪونه آهي، بلڪه ڪافي پراڻو آهي، جيڪو 2009 ڌاري شروع ٿيو ۽ 2010 ۾ پهريون ڀيرو يونان جي حڪومت معاشي طور مسئلن جو شڪار هئڻ جو اعتراف ڪيو ۽ انديشو ڏيکاريو ته ان بحران سبب ملڪ جو ڏيوالو نڪرڻ جو امڪان آهي. ان وقت يونان لاءِ ڊونرن جا دروازا ڄڻ ته بند ٿي ويا هئا. ان سان گڏوگڏ يورپ جي ڪيترن ئي بئنڪن يونان جي بانڊن ۽ ٻين رکتن مان هٿ ڪڍي ڇڏيا ته جيئن يونان جي ڪنهن به بحران سبب انهن کي ڪو وڏو مالي نقصان نه ٿئي.

يونان قرض ڏيندڙ ٽياڪڙي يعني انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آئي ايم ايف)، يورپين سينٽرل بئنڪ ۽ يورپين ڪميشن جو قرضي هئو۽ ان ٽياڪڙي 2010 ۾ يونان جي بحران کي حل ڪرڻ لاءِ يونان کي ٻن مختلف بيل آئوٽ پيڪيجزڏيڻ جو اعلان ڪيو جيڪو ان وقت جي حساب سان ڪل ملائي 200 ارب (بلين) يورو جي برابر ۽ هن وقت جي حساب سان 265 بلين يورو هئا. پر اهي پيڪيج سخت قسم جي شرطن تحت ڏنا ويا هئا جن ۾ بجيٽ جي ڪٽوتي ۽ ٽيڪسن ۾ اضافو ڪرڻ جي شرطن تحت هئا. پر اهي پيڪيج به يونان جو معاشي بحران حل ڪري نه سگھيا ۽ پنجن سالن اندر ملڪي معيشت گهٽجي چوٿائي جي برابر وڃي رهي آهي، جڏهن ته بي روزگاري جي شرح 25 سيڪڙو تائين وڃي پهتي آهي. هن وقت يونان تي ڪل 340 بلين يورو جو انٽرنيشنل قرض چڙهيل آهي، جيڪو ان کي مختلف وقتن ۾ واپس ڪرڻو آهي.

يورپين يونين طرفان جيڪونئون بيل آئوٽ پيڪيج ڏنو پيو وڃي اهو يونان مٿان اڳ ئي مڙهيل قرضن جي واپسي لاءِ ئي هوندو، جڏهن ته سخت قسم جي سڌارن نافذ ڪرڻ لاءِ يونان جو عوام ڪنهن به طرح سان راضي نه آهي. ان نئين پيڪيج تحت يونان کي راڄڌاني معيشت سان گڏوگڏ ملڪ جي بئنڪنگ سسٽم ۽ عدالتي نظام ۾ به وڏيون تبديليون ڪرڻيون پونديون. جڏهن ته دارالحڪومت ايٿنس جي روڊن تي ماڻهو انهن سخت قسم جي معاشي سڌارن جي خلاف مظاهرا ڪري رهيا آهن، جيڪي ڪڏهن ڪڏهن پرتشدد به هجن ٿا.

هن وقت تائين ته يونان ڏيوالي پڻ (ڊفالٽ) کان ته بچي ويو آهي ڇاڪاڻ ته اهو ۽ ايم ايف کي 2.05 ارب يورو جي قسط واپس ڏيڻ ۾ پڻ ڪامياب ٿي ويو آهي، جڏهن ته ٻيون قسطون پڻ ان کي آگسٽ ۽ سيپٽمبر ۾ ڏيڻيون آهن، جيڪي ڪل 4.7 بلين يورو آهن. پر موجوده حڪومت کي پنهنجي بقا جو چيلنج اڳيان آهي، ڇاڪاڻ ته اها جن واعدن کان پوءِ آئي هئي اهي وفا ڪرڻ کان قاصر آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو