Home / ڪور افيئر / ٻوڏون: ٻيلا ۽ ڍنڍون ڍورا ختم ٿيڻ جو نتيجو!
above article banner

ٻوڏون: ٻيلا ۽ ڍنڍون ڍورا ختم ٿيڻ جو نتيجو!

Zofeenپاڪستان حڪومت هر سال ايندڙ ٻوڏن کان بچاءَ لاءِ منصوبابندي ڪري رهي آهي، جنهن هيٺ ڍنڍون ڍورا، ٻيلا ۽ ٻوڏ لاءِ ميداني علائقا بحال ڪيا ويندا. اڄ به اهي منظر هر ڪنهن جي ذهن ۾ موجود آهن، جنهن ۾ فصل پاڻي هيٺ ٻڏل نظر اچن ٿا، فوجي هيليڪاپٽر مٿان کان متاثر ماڻهن لاءِ کاڌ خوراڪ جون شيون اڇلائي رهيا آهن، فوجي جوان وڏي پاڻي مان پوڙهن، عورتن، ٻارن ۽ مال متاع کي ڪڍڻ ۾ رڌل آهن.

اهي سمورا منظر هر پاڪستاني جي ياد ۾ 2010ع جي مها ٻوڏ کان پوءِ رهجي ويا آهن، جنهن ۾ لڳ ڀڳ 21 ملين ماڻهو متاثر ٿيا هئا. ان کان پوءِ لڳاتار هر سال پاڪستان ٻوڏن کي منهن ڏيندو اچي، ماهرن چواڻي پاڪستان ۾ ٻوڏن جي اها حد اڃا به وڌندي رهندي، اهو موسمياتي تبديلين جو نئون ٽرينڊ آهي. گهٽ وقت ۾ وڌيڪ مينهن پوندا ۽ وڌندڙ گرمي پد سبب هماليا جا گليشيئر تيزيءَ سان پگهربا، جنهن سبب ٻوڏن جا خدشا اڃا به وڌندا” پاڻي ماهر ۽ وزيراعظم جي موسمياتي تبديلين جي ٽاسڪ فورس جو اڳوڻو ميمبر پرويز امير چوي ٿو.

juli  31-22 b

هڪ ڪاٿي موجب هر سال پاڪستان ۾ 715000 ماڻهو ٻوڏ سبب متاثر ٿين ٿا، جنهن ۾ ساليانو GDP جو هڪ سيڪڙو نقصان ٿئي ٿو، جيڪو آمريڪن ڊالرز ۾ ساليانو 2.7 بلين ڊالرز جو نقصان آهي. ورلڊ ريسورس انسٽيٽيوٽ موجب 2030ع تائين ملڪ ۾ ساليانو 2.7 ملين ماڻهو درياهي ٻوڏ سبب متاثر ٿيندا رهندا.

پر ٻوڏن جو تباهي ۽ ماڻهن جي موتن جي صورت ۾ نتيجو نه نڪرڻ گهرجي. موسمياتي تبديلين جي وزارت سان لاڳاپيل ۽ ٻيلن جي انسپيڪٽر جنرل سيد محمد ناصر دليل ڏيندي چيو. هن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته: “اسان کي ٻوڏ کي موقعي طور ڏسڻ کپي ۽ انهن تي ضابطو آڻڻ بدران انهن سان ڪيئن رهجي، اهو گُر سکڻ کپي.” ٻيلن ۽ قدرتي وسيلن کي بچائڻ سان ٻوڏ جي خطري کان بچي سگهجي ٿو. انهيءَ جي معنيٰ اها ٿي ٿئي ته نوان قانون ٺاهڻ ۽ موجوده قانونن کي سختي سان لاڳو ڪرڻ سان ماحوليات کي بچائي سگهجي ٿو. ساڳي وقت وارمنگ سسٽم بهتر ڪرڻ ۽ فلڊ زونز ۾ ڊيولپمينٽ کان پاسو ڪرڻ کان وڏي نقصان کان بچي سگهجي ٿو، جڏهن ته اهڙي حڪمت عملي پاڪستان جي ٻوڏ واري حڪمت عملي سان جڙيل ئي ناهي.

“آءٌ ته ٻوڏن جي آجيان ڪرڻ جو حامي آهيان” سيد ناصر ٿرڊ پول ڊاٽ نيٽ سان ڳالهائيندي چيو.

ليڪن هاڻي پاڪستان حڪومت ٻوڏ کان بچاءَ خاطر چوٿون قومي منصوبو جوڙي رهي آهي، جنهن سان يقيني طور تي ڪي تبديليون اچي سگهن ٿيون.

ماضيءَ مان سبق سکڻ گهرجي

ٽي سال اڳ 2012ع ۾ موسمياتي تبديلين واري وزارت رامسر ايڊوائيزري مشن جي هڪ ماهر گروپ کي رامسر انٽرنيشنل ڪنوينشن ويٽ لينڊس تحت سنڌو درياهه جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني هئي، جن ماهرن اڀياس ڪرڻ کان پوءِ ٻوڏ جي پاڻي کي ڪارائتي طور استعمال ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڍنڍن ڍورن جي بحالي جي نشاندهي پڻ ڪئي هئي.

واضح رهي ته سنڌو درياهه جي ڀرپاسي جتي ٻوڏن جو پاڻي ميداني علائقن ۾ ڇڙوڇڙ ٿي ويندو هو ان ايراضي تي ماڻهن گهر اڏي ڇڏيا آهن يا زرعي فصل پوکين ٿا. ڪجهه ماهرن موجب سنڌو جي ڪچي جي 50 سيڪڙو ايراضي تي ماڻهن قبضو ڪري ورتو آهي، جتان ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ٿي سگهي ٿو. ان سلسلي ۾ رامسر ماهرن لال سهڻا، نيشنل پارڪ، سنڌ جي گڊو ۽ سکر بئراج جي پڻ نشاندهي ڪئي.

مشهور هائڊرالاجسٽ زيغم حبيب ان ڳالهه سان سهمت آهي ته جيستائين ٻيلا سلامت نه رهندا، ٻوڏ جون اهي تباهيون جاري رهنديون. هن چواڻي “زمين جو ڪارگر استعمال هڪ ڏکيو مسئلو آهي ۽ ڪير آهي جيڪو صوبي يا قوم جي ڀلائي لاءِ پاليسيون ٺاهيندو هجي، اهي رڳو پاليسين ۾ پنهنجو نقصان ۽ فائدو ڏسن ٿا” هن وڌيڪ چيو.

وقت گذرڻ سان گڏ سياستدانن ۽ جاگيردارن پنهنجي هارين، نارين ۽ ووٽرن کي ڪچي جون ٻنيون آباد ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، زيغم حبيب، سنڌ جي ڪچي واري علائقي جو مثال ڏيندي ٻڌائي ٿي ته هن وقت ڪچي جي علائقي ۾ مستقل ڍانچو ٺهي ويو آهي، پڪا روڊ، بجلي جا ٿنڀا به هنيا ويا آهن. حالانڪه ڪچو ٻوڏ جي پاڻي جي ڇوڙ لاءِ هوندو آهي. “اهي غريب ماڻهو ڪچي جون زمينون آباد ڪري پئسا ڪمائن ٿا ۽ پوءِ ٻوڏ جي ڪري هر سال بي گهر ٿين ٿا پر ان جو کين ڪو به ڏک ناهي هوندو، اهي وري پاڻي لهي وڃڻ کان پوءِ اڳ کان به وڌيڪ تعداد ۾ موٽي اچن ٿا.” زيغم حبيب چوي ٿي.

رامسر ماهرن پاڪستان کي چين جي ينگتزي ندي جو اڀياس ڪرڻ جو مشورو پڻ ڏنو. 1998ع ۾ چين ۾ مها ٻوڏ آئي جنهن ۾ 4 هزار ماڻهو موت جو کاڄ ٿيا ۽ ملڪ کي 25 بلين آمريڪن ڊالرز جو معاشي نقصان ٿيو. ان کان پوءِ انهن ٻوڏن کان بچڻ لاءِ بيس مئنيجمينٽ پلان جوڙيو. چين ان مها ٻوڏ مان سبق سکيو، ان جا انجنيئري حل ڳوليا، ڇو ته اهي ٻوڏن کي وڏن خرچن وارن بندن ٻڌڻ سان منهن ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي ويا هئا. سيد محمود ناصر چوي ٿو.

چين کان سکو:

چين جي ينگتزي ندي دنيا جي ٽين ڊگهي ندي آهي، جيڪا چين جي 19 صوبن مان 63 هزار ڪلوميٽر مان وهي ٿي، اها هميشه ٻوڙ ٻوڙان جو سبب بڻبي رهندي هئي ليڪن 1990ع جي ٻوڏ وڌيڪ هاڃو رسايو. اصل ۾ وڏي پيماني تي ٻيلا وڍجڻ، ڍنڍن ڍورن جي ختم ٿيڻ سبب اها صورتحال پئدا ٿي هئي. حڪومت زراعت کي بچائڻ لاءِ بند ٺاهيا پر جڏهن اهي ٽٽا ته کين تمام گهڻو نقصان ٿيو.

ليڪن 1998ع جي ٻوڏ چين لاءِ اهم موڙ ثابت ٿي. اختيارين انجنيئرن جي اهليت تي سوال اٿارڻ شروع ڪيا ۽ فلڊ زونز ۽ قدرتي ماحوليات بابت غور ويچار شروع ڪيو. ٻوڏن کان پوءِ چين پنهنجي 32 نقطن واري پاليسي اختيار ڪئي، جنهن تحت ٻوڏ جا خطرا گهٽائڻ لاءِ فطرت سان مهاڏو اٽڪائڻ بدران ان سان گڏ هلڻ جي روش اختيار ڪئي. انهن ٻيلا ٻيهر پوکڻ، ٻوڏ جا زونز ڇڏڻ، ڍنڍون ڍورا بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جڏهن ته انهن ندي جو سسٽم هلائڻ ۽ ماحولياتي مامرن کي ڏسڻ لاءِ اختيار هڪ ئي اٿارٽي حوالي ڪيا.

هن وقت 19 صوبن مان 12 صوبن ۾ ينگتزي ندي جي ڍنڍن ڍورن جي تحفظ جو قانون موجود آهي، جڏهن ته 140 نيشنل ويٽلينڊ پارڪ پڻ ٺاهيا ويا آهن، جڏهن ته حڪومت فلڊ زونز مان 2.1 ملين ماڻهن کي لڏائي اتي رهائش اختيار ڪرڻ ۽ زرعي آبادي تي بندش هڻي ڇڏي آهي، جيئن وڌيڪ نقصان کان بچي سگهجي.

واضح رهي ته پاڪستان ۾ هاڻي نيشنل انجنيئرنگ سروسز چوٿون نيشل فلڊ پروٽيڪشن پلان (2025-2015) وڏي مٿا ڪٽ کان پوءِ جوڙي ورتو آهي، جنهن جو مقصد روايتي طريقن سان ٻوڏ کي منهن ڏيڻ بدران ٻيلن جي بحالي، ڍنڍن ڍورن جي بحالي ۽ فلڊ زونز جي نشاندهي تي مشتمل حڪمت عملي آهي. ان کان سواءِ فلڊ زونز ۾ قبضا گيري کي روڪڻ لاءِ رور ايڪٽ پڻ تيار ٿي چڪو آهي.

پاڻي ماهر ناصر محمود جو خيال آهي ته فلڊ زونز، ڍنڍن ڍورن ۽ ڪچي جي ٻيلن کي سنڀالڻ لاءِ ڪا به هڪ اَٿارٽي جڙڻ گهرجي، اها ئي ان جو حل آهي. باقي جيڪڏهن ائين رهيو ته جهنگلي جيوت کاتو پکين جي سار سنڀال لهي، ٻيلو کاتو ٻيلا ڏسي، آبپاشي کاتو انجنيئرنگ وارا ڪم ڏسي، واٽر اينڊ پاور اٿارٽي ڊيمن جا مشورا ڏي ۽ ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اَٿارٽي هر ٻوڏ اچي وڃڻ کان پوءِ چانور، اٽو ۽ گيهه ٻوڏ متاثرن ۾ ورهائي ته ائين ڪم نه هلندو.

هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته حڪومت جي ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ ٺاهيل نئين حڪمت عملي ڪيتري ٿي موثر ثابت ٿئي.

ليکڪا ٿرڊ پول ڊاٽ نيٽ لاءِ لکندي رهندي آهي. هي ليک “افيئر” لاءِ لکيائين.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو