Home / اسپيشل افيئر / ٽيڪسلا: ٽن مذهبن جو شهر
above article banner

ٽيڪسلا: ٽن مذهبن جو شهر

Abu Bakar Shaikh”سرڪپ” جي ڏکڻ ۾ جيڪو “ ڪنال اسٽوپا” ٺهيل آهي، ان اسٽوپا سان گڏ “راجڪمار ڪنال” جي درد ڀري ڪٿا لاڳاپيل آهي. ڪٿا اها آهي ته هن جي ماٽيلي ماءُ سندس والد طرفان هڪ ڪوڙو حڪمنامو موڪليو ته ڪنال جون اکيون ڪڍيون وڃن. جنهن تي ڪنال چيو ته جيڪڏهن منهنجي پيءُ جو حڪم آهي ته پوءِ ڀلي منهنجون اکيون ڪڍيون وڃن. ان کانپوءِ هن جو مشورو اکين جي ماهر “آشو اگهوش” کان علاج ڪرايو ويو ۽ جڏهن سندس اکين جو نور موٽي آيو سندس يادگار طور ان اسٽوپا جو بنياد رکيو ويو.

اهو به چون ٿا ته اونداهين راتين ۾ انهن آثارن مان ڀيانڪ آواز ايندا آهن ۽ مخصوص راتين ۾ وري روشني نظر ايندي آهي، ڪڏهن هڪ هنڌ ته ڪڏهن ٻئي هنڌ. “سرڪپ” تي اهو نالو ان ڪري پيو جو هتان جو بادشاهه هر ان ماڻهو جو سر لڻي ڇڏيندو هو جيڪو کيس چوپڙ راند ۾ هارائيندو هو.

juli  31-42 b

توهان کي اهڙيون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ دلچسپ ڳالهيون ٽيڪسلا جي آثارن ، گهٽين، اسٽوپائن، لنگهن ۽ پاٽ شالائن جي اڱڻن ۽ وڻن جي ٿڌين ڇانورن ۾ ٻڌڻ لاءِ ملي وينديون. انهن ڳالهين کي دل جي ڪنن سان ٻڌڻ گهرجي، ڇو ته اهي ڳالهيون سينه به سينه هن مٽي، جابلو ٽڪرين ۽ انهن خوشبودار وڻن جي ڇانورن مان ڦٽي نڪتيون آهن.

ٽيڪسلا جي سڃاڻپ لاءِ تمام گهڻا نالا ۽ حوالا آهن. ڪوٽليه، چاڻڪيه، “ارٿ شاستر” انهن ماٿرين ۾ لکيو هو. “پائني” جيڪو ٽيڪسلا ويجهو “سلوترا” جو رهواسي هو. سنسڪرت جي پهرين گرامر تي هن هتي جي درسگاهه ۾ ڪم ڪيو ۽ اها ڳالهه به امڪانن ۾ شامل آهي ته “مها ڀارت” جو رزميه داستان هتي لکيو ويو هو.

ڪجهه ورهيه اڳ جڏهن مون قرت العين حيدر جي ناول “ آگ ڪا دريا” ۾ اهو جملو پڙهيو هو ته : “تون ڪهڙو فلسفي آهين جو لفظن ۾ يقين نٿو رکين” گوتم ڇرڪي جواب ڏنو. “پائني تنهنجي تڪشلا جي استاد چيو هو، پنهنجي يا ٻين جي خيالن جو مظهر فقط لفظ ئي ٿي سگهن ٿا. انهن جي ماهيت جو اڀياس ڪرڻ ڪيترو ضروري آهي. لفظن جي رستي کانسواءِ نج خيال ڪهڙي ريت پهچائي سگهندين؟ آواز لفظن جو پراڪرت گڻ آهي. مادو ابدي آهي. ويد ٻولي جي شڪل ۾ برهما آهي ۽ مادو برهما آهي”

ان ناول کانپوءِ “تڪشلا” سان هڪ ناتو جڙي ويو هو. اسان جڏهن تڪشلا جي اجڙيل شهر ۽ يونيورسٽين ۾ اڪيلا گهمون ڦرون ٿا ته دماغ ۾ اهي سمورا آثار جاڳي پون ٿا. استاد پنهنجي شاگردن کي ڪائنات جو راز سمجهائي رهيا آهن. ڪٿي ڏور، رڍن جا ڌڻ چري رهيا آهن. ڪنهن شاخ تي ڪوئل ڪوڪي رهي آهي. پاڻي جا ٿڌا جهرڻا وهي رهيا آهن. جهنگ ۾ هرڻين جا ولر بنا ڪنهن خوف جي گهمي رهيا آهن. بازارن ۾ چهل پهل آهي. ڪنهن گهر جي اڱڻ ۾ اکين ۾ خوبصورت ڪجل پارائي ان کي اڃا به وڌيڪ خوبصورت بڻايو پيو وڃي. اهو هو پر امن، تهذيب يافته ۽ سحر انگيز ٽيڪسلا- پر هاڻي سڀني منظرن جا رنگ بس رڳو اسان جي ذهنن ۾ رهجي ويا آهن. اها ئي زندگي جي هلت آهي. آخر ڇا ڪيو وڃي. هلو ته ٽيڪسلا جي مختصر سفر تي هلون ٿا.

ٽيڪسلا جنهن کي اسان پٿرن جو شهر چئون ٿا. ماضي ۾ اهو سينٽرل ايشيا وڃڻ لاءِ شاندار لنگهه هو. اهو هڪ اهڙو شهر هو، جتي سڪون، امن ۽ زندگي جا فلسفا جنم وٺندا هئا. ان ڪري اهو شهر اهڙي جاءِ تي ٺهيل هو جتي حملو ڪندڙن کي گهڻي محنت ڪرڻي نه پوندي هئي ۽ اهي نهايت سولائي سان قبضو ڪري وٺندا هئا.

اهو سڀ شاندار ان لاءِ هو جو جتي زندگي علم ۽ فلسفي جي گهاٽن ڇانورن ۾ گذري هجي، اتي هٿيار ٺاهڻ ۽ انهن جي ڌار کي تکو ڪرڻ جي سوچ هوندي آهي نه وقت. سلمان رشيد لکي ٿو ته “موهن جو دڙو” ۽ “هڙاپا” جن قديم عراق جي شهر ” اُر” ۽ نينوا” کي اڄ کان ڇهه هزار ورهيه اڳ گهڻو ڪجهه سيکاريو. انهن کي جيڪڏهن ڇڏي به ڏجي ۽ رڳو ٽيڪسلا جي ڳالهه ڪجي تڏهن به ان بابت سڪندر جي تاريخدانن کان گهڻي خبر پوي ٿي. انهن ۾ ڪجهه ته اهي هئا جيڪي سڪندر سان گڏ آيا هئا، جن گهڻو ڪجهه لکيو ۽ جن کي بنياد بڻائي پوءِ تاريخ جا ماخذ لکيا ويا.

انهن ۾ سڪندر جو جرنيل نيارڪس (Nearchus) هو جنهن جي لکڻين جا ڪجهه حصا اسان تائين پهتا. ان کانسواءِ يوناني سفارتڪار ميگا سٿينز (Megasthenes) هو، جيڪو سڪندر کان فقط 25 ورهيه پوءِ چندر گپت موريا جي درٻار ۾ سفير بڻجي آيو هو ۽ هتي 15 ورهيه رهيو. ان ڊگهي عرصي ۾ هن هي سڄو ملڪ گهمي ڦري ڏٺو ۽ پنهنجي ملڪ واپس ٿيڻ تي “Indika” نالي ڪتاب لکيو. جيڪو ٽيڪسلا بابت وڏو خزانو آهي.

ٽيڪسلا جي نالي جي حوالي سان اسان کي ڪيتريون ئي روايتون پڙهڻ لاءِ ملن ٿيون. چون ٿا ته ٽيڪسلا جو پراڻو نالو “ٽڪسا شيلا” آهي. “ٽڪسا” سنسڪرت ۾ ڪاريهر کي چوندا آهن. نانگ جي پوڄا هتان جي قديم ماڻهن جي روايت رهي آهي. آريائي روايت ناهي. نانگ کي ديوتا سمجهي پوڄا ڪندڙ قومون ڪنهن زماني ۾ ٽيڪسلا جي ڀرپاسي موجود هيون. امڪان آهي ته ٽيڪسلا آرين کان اڳ اڪثريتي نانگ کي پوڄيندڙن جي وستي رهي هجي ۽ ان تي آرين اچي قبضو ڪيو. بلڪه آرين پوءِ جيڪي شهر آباد ڪيا انهن ۾ سڀ کان وڏو مرڪز ٽيڪسلا هو ۽ ٽيڪسلا کي واپار جو مرڪز بڻائڻ جو اهم سبب موجود آهي.

“پاڪستان ۾ تهذيب ڪا ارتقا”جو ليکڪ سبط حسن لکي ٿو ته: “ اڍائي کان ٽي هزار ورهيه اڳ هي جاءِ ٽن مک واپاري رستن جو مرڪز هئي. هڪ رستو يورپ کان ايندو هو. جيڪو موريا دور کان اڄ تائين بنگال کان پشاور ويندڙ رستي طور استعمال ٿي رهيو آهي. ٻيو رستو اولهه ايشيا کان بافت ۽ پشڪلاوتي (چارسده) کان گذرندو ۽ سنڌو درياهه پار ڪندو ٽيڪسلا وٽ اچي ختم ٿيندو هو ۽ ٽيون رستو سرينگر، باره ملا ۽ هريپور مان ٿيندو ٽيڪسلا پهچي ٻين رستن سان ملي ويندو هو”

جيئن انسان جي خوشبختي ۽ بدبختي ٿئي ٿي، اهڙي ريت زمينن، خطن ۽ ماٿرين جا به پنهنجا نصيب ۽ بدنصيبيون هجن ٿيون. اهي رستا ڄڻ ته ٽيڪسلا لاءِ آبياري جون نهرون بڻجي ويا ۽ ٽيڪسلا جو ڀاڳ جاڳي پيو.

“هخامنشي” خاندان جي “داريوش” (486-522) ق-م پهرين قنڌارا تي قبضو ڪيو ۽ ان کانپوءِ سنڌو ماٿري کي پنهنجي قبضي ۾ ورتو. جيڪا 7.5 ملين ڪلو ميٽرن تي پکڙيل هئي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته “هندوش” (پنجاب ۽ سنڌ) ان سلطنت جو هڪ ڀاڱو ڏن (خراج) “سپت سنڌو” مان وصول ٿيندو هو. ان لحاظ کان هندوش هخامنشي سلطنت جو سڀ کان دولتمند صوبو هو. سنڌو ماٿري لڳ ڀڳ 200 ورهين تائين ايران جي ڏن ڀرو رهي. ٽيڪسلا ان دور ۾ ترقي ڪئي. سبط حسن لکي ٿو ته: “سلطنت جي سڀ کان دولتمند صوبي جي راڄڌاني جي حيثيت سان ٽيڪسلا کي ٽن تهذيبن، هندستاني، ايراني ۽ يوناني مان فيضياب ٿيڻ جو موقعو مليو”.

ڊاڪٽر ٻڌا پرشاد لکي ٿو ته: “هي اهو زمانو هو، جڏهن ٽيڪسلا جي شهرت سموري اتر هند ۾ ڦهلجي چڪي هئي. مگڌ (بهار) تائين جا شاگرد ڊگهو پنڌ ڪري هتي جي درسگاهن ۾ تعليم پرائڻ ايندا هئا. ڪاشي جي راجا جي پروهت جو پٽ “جوتي پال” ٽيڪسلا ۾ ئي جنگي علم سکيو ۽ پوءِ راجا جو سپهه سالار مقرر ٿيو. ان ئي هنڌ مگڌ جي راجا ”بمبسار” ۽ گوتم ٻڌ جو مشهور طبيب “جيوڪا” ٽيڪسلا جي بيدن کان حڪمت سکي “ڪوشل” جو روشن خيال راجا “پراسينه جيت” هتي جي درسگاهن ۾ تعليم حاصل ڪئي.

هخا منشي فرمانروائن ”آرامي” ٻولي کي پنهنجي سلطنت جي سرڪاري ٻولي قرار ڏنو، جنهن ڪري ان هتي به ترقي ڪئي. سڪن جو رواج به ان ئي زماني ۾ هتي متعارف ٿيو. انهن ٺپي دار سڪن کي پائني “قرش پان” لکي ٿو. “قرش” قديم پهلوي ٻولي جو لفظ آهي جيڪو مخصوص وزن کي ظاهر ڪري ٿو. اهڙي قسمس جا ٺپي دار سڪا نندراجائن ۽ پوءِ مورين سڄي ملڪ ۾ رائج ڪيا. انهن سڪن جي سڀ کان وڏي ٽڪسال ٽيڪسلا ۾ هئي.

اسان جيڪڏهن سڪندر اعظم جي حملي کانپوءِ ٿورو پوئتي مڙي ڏسون ته بهتر ٿيندو. ڇو ته تاريخ ۾ پئدا ٿيڻ ۽ مرڻ، حڪومتن جي قائم ٿيڻ ۽ ختم ٿيڻ جا سن پاڻ ۾ اهڙي طرح وچڙيل آهن جو تصور جي ميدان ۾ رڳو ڌوڙ اڏامندي ئي نظر اچي ٿي. مستند تاريخ جي ڪتابن کي ڇڏي هر ڪنهن پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي آڌار لکيو آهي. آءُ اوهان کي اهو ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته ويدڪ زماني (جنهن کي ٻن دورن ۾ ورهايو ويو آهي، هڪ رگ ويدڪ دور (1500-1000) ۽ هاڻي اهو ويدڪ دور آهي (1000-600) قبل مسيح ۾ سپت سنڌو ديش ۾ ستن اٺن رياستن جا آثار ملن ٿا، جن ۾ هڪ سنڌ ۽ جهلم وچ ۾ گنڌارا هئي.

آرين پوءِ جيڪي شهر آباد ڪيا، انهن ۾ سڀ کان وڏو مرڪز ٽيڪسلا هو. سبط حسن لکي ٿو: “مها ڀارت سان گڏ سنڌو ماٿري ۾ آريائي تهذيب جو دورو ختم ٿيو جيڪو رگ ويد کان شروع ٿيو هو، ليڪن اهو ضرور هو ته جيڪي به نوان فاتح آيا ۽ جيڪي روايتون آرين قائم ڪيون هيون، انهن کي ٻيا ميساري نه سگهيا. خاص طور “خروشٽي” ۽ شورميني” کي اهميت حاصل آهي. اڳتي هلي اهو ئي پراڪرتون اسان جي ٻولين جو بنياد بڻيون”.

هي اهو ئي زمانو هو جڏهن مگڌ سلطنت ڏکڻ هند جي هڪ تهذيب يافته سلطنت هئي. مهاوير (599-527) ق-م جين مت ۽ سڌارٿ (536-483) ق-م ۾ ٻڌ مت جو بنياد وجهي چڪا هئا.

فارس جي حاڪمن جو اڳ ۾ ئي مختصر ذڪر ٿي چڪو آهي. 327 قبل مسيح ۾ هخامنشي سلطنت، ننڍين ننڍين رياستن ۾ ورهائجي وئي. ان دور ۾ سڪندر اعظم پنهنجي طاقت جي ز ور تي پنهنجي حڪومت قائم ڪئي.

ٽيڪسلا جي راجا امبي، سڪندر جي اطاعت ڪئي. جڏهن ته پنڊت اطاعت جي حق ۾ نه هئا.

آريان (Arian) (ٻي صدي جو يوناني تاريخدان) لکي ٿو ته: جهلم درياهه ۽ سنڌ وچ ۾ موجود ٽيڪسلا تمام وڏو شهر آهي. سلمان رشيد لکي ٿو ته: “چوٿين صدي قبل مسيح ٽيڪسلا ۾ ٽي مذهب رائج هئا، ٻڌ مت، هندو مت ۽ زرتشت، هي هڪ پرسڪون شهر هو. هتي وڻج واپار لاءِ ڪو معاهدو نه ٿيندو هو، بس زبان ئي سڀ ڪجهه ڪئي، ان جو احترام سڀ ڪجهه هو.”

چندر گپت موريا (322-298 ق-م) بابت تمام گهڻيون ڪٿائون آهن، جيڪي ان بابت ڪڏهن مثبت راءِ قائم ڪن ٿيون ته ڪڏهن منفي. ڪجهه به هجي هو تيز دماغ ۽ مضبوط ارادي جو مالڪ بادشاهه هو. نند خاندان، جيڪو مگڌ حاڪم هو، ڪڏهن به ان کي سک جو ساهه کڻڻ نه ڏنو. ايئن ان شايد ”ڪوٽليه چاڻڪيه” سان به ڪيو هو، جيڪو هڪ برهمڻ هو ۽ هن پنهنجا وار کولي قسم کاڌو هو ته جيستائين مگڌ سلطنت کي برباد نه ڪندو تيستائين پنهنجا وار نه ٻڌندو”. چندر گپت مگڌ کان هزارين ميل پري ٽيڪسلا ۾ تعليم حاصل ڪئي، هتي ويهي ڪوٽليه جيڪو ٽيڪسلا ۾ سياست ۽ معيشت جو ماهر استاد هو، اهو چندر گپت جو صلاحڪار بڻيو ۽ گهٽ فوج باوجود ڪوٽليه جي حڪمت عملي سبب مگڌ سلطنت کي تاراج ڪري ڇڏيو.

ڊاڪٽر معين الدين “قديم مشرق” ۾ لکي ٿو ته:

“مورين سموريون برهمڻ ريتون رسمون ختم ڪري ڇڏيون آهن، اهي برهمڻ جي بالادستي کي نه مڃيندا هئا. اهي هندو مذهب جي روايتي، سماجي، مذهبي ۽ سياسي نظرين جي مخالفت ڪندا هئا ۽ ذات پات کي به نه مڃيندا هئا. جيڪڏهن پاڻ 265 ق-م جو نقشو ڏسون ته پاٽلي پتر کان افغانستان، افغانستان کان ٽيڪسلا تائين، ٽيڪسلا کان وٺي بلوچستان، حيدرآباد سنڌ ۽ ڪڇ تائين موريا سلطنت پکڙيل نظر ايندي..

چندر گپت آخري وقت ۾ جين مت قبول ڪري ورتو هو ۽ حڪومت پنهنجي پٽ بندوسار (273-298 ق-م) کي ڏني، جنهن 25 ورهين تائين حڪومت ڪئي. ان کانسواءِ سندس پٽ اشو (237-232 ق-م) جو زمانو آيو. ڪلنگا جي جنگ ۾ ماريل لکين انسانن جي رت جا ڇنڊا اڄ به سندس دامن تي نظر اچن ٿا. ليڪن اهو به آهي ته هن جنگ کيس بددل ڪري ڇڏيو ۽ هن پنهنجي ڪشادي حڪومت ۾ ٻڌ مت هلڻ ڏنو، اشور مشهور ڀڪشو ڌرما راجيڪا کي ٽيڪسلا ۾ يوناني بيٺڪن ۾ تبليغ لاءِ موڪليو.

ٻڌ مت سنڌو ماٿري مان افغانستان ۽ وچ ايشيا ۾ داخل ٿيو، پوءِ چين رستي جاپان ۽ ڪوريا تائين پهتو. هوريان هوريان ڀڪشوئن لاءِ وهاڙ ۽ اسٽوپا تعمير ٿيڻ لڳا ۽ اهي جايون تعليم ۽ عبادت جو مرڪز بڻجي ويون، انهن ۾ سڀ کان وڏو مرڪز ٽيڪسلا هو. اهي پاٽ شالائون جيڪي وير جي ڀڄن ۽ اپنشد جي اشلوڪن سان پيون گونجنديون هيون، هاڻي اهي ٻڌ مت جي درسگاهن ۾ تبديل ٿي ويون.

اشوڪ کانپوءِ موريا سلطنت جو زوال آيو ته باختر ۽ يوناني نسل جي بادشاهن سنڌو ماٿري تي قبضو ڪري ورتو پر پوءِ هتي جا ٿي رهي پيا. يونانين جي اقتدار جو سج پهرين صدي ۾ هميشه لاءِ لهي ويو. “ساڪائن” آخري چڙهائي دوران يونانين کي شڪست ڏئي گنڌارا تي قبضو ڪري ورتو ۽ هوريان هوريان سندن سلطنت پنجاب ۽ سنڌ کان مٿرا تائين ڦهلجي وئي (90- ق-م کان 25ع) انهن جو جهڪاءُ ٻڌ مت پاسي هو پر ٻين مذهبن سان به سندن رويو رواداري ۽ نرمي وارو هو. “ساڪائن” کي ٽيڪسلا تي راڄ ڪندي 100 سال گذريا هئا. ته “پارٿين” جو ريلو آيو جيڪو ساڪائن جي اقتدار کي لوڙهي ويو.

سبط حسن لکي ٿو” پارٿي ايراني نسل جا نهايت مهذب ماڻهو هئا، گنڌارا آرٽ جي شروعات ۾ سندن دور ۾ ٿي. پارٿين هتي 53 سالن تائين حڪومت ڪئي. پارٿين کانپوءِ “ڪش” قوم ڪنڌ کنيو ۽ سنڌو ماٿري تي قبضو ڪري ورتو. ڪشن ٻه سئو ورهين تائين حڪومت ڪئي. جيئن ته سلطنت جو مرڪز گنڌارا جو علائقو هو، ان ڪري گنڌارا کي ترقي جو سٺو موقعو مليو. گنڌارا آرٽ انهي تهذيبي ترقي جو واضح ثبوت آهي”

آرين، يوناني، ساڪا، پارٿين ۽ ڪشن تهذيبن جو نچوڙ آهي. گنڌارا آرٽ جو ايئن ته مرڪز ٽيڪسلا هو ليڪن ان جي سحر جون پاڙون پشاور، مردان، سوات، افغانستان بلڪه وچ ايشيا تائين پکڙيل هيون.

جيئن هر عروج جو زوال به هوندو آهي، هتي به ايئن ٿيو. 460ع ۾ ظالم وحشي ۽ بيرحم “هَنن” پنهنجي وحشت ۽ دهشت سان شهر تباهه ڪري ڇڏيا. اسٽوپائن ۽ وهاڙن ۾ باهيون ڏئي ڇڏيون. هزارين بيگناهه ماري ڇڏيا ۽ گنڌارا جو فن ايئن ميسارجي ويو جو وري ڪڏهن به ان ۾ ساهه نه پئجي سگهيو.

مشهور چيني سياح هو انگ سانگ ”هَنن” جي آخري ڏينهن 629ع ۾ هتي آيو. سوات جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو ته“هتي ڪنهن زماني ۾ ارڙهن هزارين ڀڪشو رهندا هئا، پر هاڻي وهاڙ ۽ اسٽوپا ويران پيا آهن. جڏهن ته هندن جا 10 مندر ٺهي ويا آهن: “ٽيڪسلا جو حال به لڳ ڀڳ اهڙو ئي ٻڌايو ويو آهي”.

سبط حسن لکي ٿو ته : حقيقت هي آهي ته پنجين ڇهين ستين صدي جو زمانو هن تهذيب جو اونداهو دور آهي. انهن ٽنهي صدين ۾، علم ۽ فن ڪا ترقي نه ڪئي. ڏهين صدي ۾ “ڪتاب الهند” جي ليکڪ ابو ريحان البيروني (1048-943ع) ٽيڪسلا کي ڏٺو هو، تڏهن هي شهر بلڪل ويران ٿي چڪو هو. اها ان شهر جي عروج ۽ زوال جي ڪهاڻي هئي پر اهو ضرور آهي ته اهڙو عروج گهٽ علائقن جي نصيب ۾ ايندو آهي. اهو تهذيبن کي جوان ڪرڻ جو يادگار دور هو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو