Home / ڪرنٽ افيئر / تحريڪ ڊي سيٽ معاملو: سياسي بحران ٽري ويو!
above article banner

تحريڪ ڊي سيٽ معاملو: سياسي بحران ٽري ويو!

Razak Khatiجهموريت کي جهٽڪو لڳي ها يا حڪومت ڪنهن ٻئي ڏچي ۾ پوي ها، ان بابت واضح طور اڃا حڪومت وضاحت نه ڪئي آهي، پر ظاهري طور تي حڪومت پي ٽي آءِ کي ان ڪري قومي اسيمبلي مان ڊي سيٽ ڪرڻ کان بچايو آهي، جيئن تحريڪ انصاف اسيمبلي مان نڪري وري ڪنهن نئين ڌرڻي جي تياري نه ڪري! حڪومت جي ڪوششن سان اهو ڏچو في الحال ٽري ويو آهي، پر ايندڙ ڏينهن ۾ پي ٽي آءِ وري ارڏائي جي روايت ورجائيندي.

اپريل جي ٻئي هفتي ۾ ايم ڪيو ايم ۽ جي يو آءِ قومي اسيمبلي ۾ ڌار ڌار رٿون جمع ڪرايون هيون، ايم ڪيو ايم پاران محمد سلمان بلوچ ۽ جي يو آءِ پاران نعيمه ڪشور خان پنهنجي رٿن ۾ اهو موقف اختيار ڪيو هو ته تحريڪ انصاف جا 28 ايم اين اي لاڳيتو 40 ڏينهن ايوان مان غير حاضر رهيا آهن ، ان ڪري انهن ايم اين ايز جون سيٽون خالي قرار ڏنيون وڃن، پارليماني قائدن ۽ ضابطن موجب ڪوبه هڪ يا وڌيڪ ميمبر گڏيل طور رٿ جمع ڪرائي سگهن ٿا، اسپيڪر جي اختيار ۾ آهي ته ان رٿ کي ايوان جي ڪارروائي جو حصو بڻائي يا رد ڪري ڇڏي. تحريڪ انصاف هن وقت خيبر پختون خواھ ۾ جي يو آءِ ۽ سنڌ ۾ خاص ڪري ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم کي گهڻو ٽف ٽائيم ڏنو آهي، ان ڪري دشمن جو دشمن به دوست هوندو آهي واري چوڻي موجب هڪ ٻئي جي سياسي نظرئي جون شديد مخالف سياسي پارٽيون هن دفعي ان نڪتي تي گڏجي پيون ۽ ڌار ڌار رٿن جمع ڪرايون، اسپيڪر انهن رٿن کي خانگي ميمبرن واري ڏينهن تي ڪارروائي جو حصو بڻايو ۽ ٻن هفتن لاءِ انهن کي ملتوي ڪري ڇڏيو. اسپيڪر وٽ بظاهر ته اهو بهانو هو ته مئي جي پڇاڙي ۾ بجيٽ پيش ٿيڻي هئي ان ڪري انهن ڏينهن ۾ بجيٽ کانسواءِ ٻئي ڪنهن به معاملي کي ڪارروائي جو حصو نه بڻايو ويندو آهي، اسپيڪر کي خبر هئي ته بجيٽ بعد انهن رٿن جو فيصلو ڪرڻوپوندو، حڪومت اصل ۾ انهن رٿن ذريعي پي ٽي آءِ کي پريشان ڪرڻ چاهي پئي، پر اوچتو اسپيڪر جولاءِ جي پهرين هفتي ۾ تحريڪ انصاف جي ميمبرن کي پگهارون جاري ڪري ڇڏيون. اسپيڪر کي ايتري تڪڙ هئي جو هن مئي ۾ تحريڪ انصاف جي ميمبرن جي پگهار واري بجيٽ ۾ رکيل رقم به واپس ڪري ڇڏي هئي، پر ان باوجود اسيمبلي جي فنڊن جي مختلف مدن مان هِتان هُتان اها رقم ڪڍي جاري ڪري ڇڏي، اسپيڪر ان کان اڳ ۾ پي ٽي آءِ جي ميمبرن پاران ڏنل استيعفائن واري معاملي تي رولنگ ڏئي چڪو هو، ان ڪري استعيفائن وارو معاملو ته ٽري ويو هو پر غير حاضر ميمبرن ، جن خلاف اڳي ئي 2رٿون اسپيڪر جي رڪارڊ ۾ هيون ، ان هوندي پگهار جاري ڪرڻ سمجهه کان ٻاهر هو. بهرحال جولاءِ جي آخر ۽آگسٽ جي پهرين هفتي ۾ اهو معاملو رڪارڊ تي اچي ويو، هن دفعي حڪومت وٽ ٻه آپشن موجود هئا، جنهن مان پهريون آپشن اهو ته هو انهن رٿن جي حمايت ڪري انهن تي ووٽنگ ڪرائي تحريڪ انصاف جي سمورن ميمبرن کي ڊي سيٽ ڪرائي گذريل سال آگسٽ واري ڌرڻي جو پلاند وٺي ها، جڏهن ته ٻيو آپشن اهو هو جيڪو هن دفعي استعمال ڪيوويو، ن ليگ ڪنهن به صورت ۾ نٿي چاهيو ته پي ٽي آءِ کي ڊي سيٽ ڪرائي هو پنهنجي حڪومت لاءِ نئون ڏچو پيدا ڪري، ڇاڪاڻ ته پي ٽي آءِ کي جيڪڏهن قومي اسيمبلي مان نيڪالي ڏني وڃي ها ته هو نه رڳو حڪومت لاءِ نئون محاذ کڙو ڪن ها ، عمران خان ۽ ان جي ٽيم سمجهيو پئي ته جيڪڏهن کين ڊي سيٽ ڪيو ويو ته ننڍيون چونڊون نه پر پوءِ عام چونڊن لاءِ تحريڪ شروع ڪئي ويندي. پيپلزپارٽي ، پشتون خواھ ملي عوامي پارٽي ۽ ٻين جي اها خواهش هئي ته پي ٽي آءِ جو اسيمبلي ۾ موجود هجڻ بهتر آهي، اهو ئي سبب هو ته جولاءِ جي آخري هفتي ۾ وزيراعظم ميان نواز شريف فيصلو ڪيو ته هو پنهنجي اتحادي جي يو آءِ جو ساٿ ڏيڻ بدران تحريڪ انصاف کي ڪنهن به صورت ۾ ڊي سيٽ ڪرڻ نه ڏيندو. ان سلسلي ۾ آءِ ايم ايف سان دبئي ۾ رٿيل ڳالھين کان هڪ ڏينهن اڳ ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار قومي اسيمبلي ۾ حڪومت جو موقف پيش ڪندي اهڙو اعلان ڪيو، حڪومت آخري حد تائين ڪوشش ڪئي ته ڪنهن به صورت ۾ انهن تحريڪن تي ووٽنگ ڪرائڻ جو مرحلو نه اچي.

juli  31-12 b

“اسان کي خبر آهي ته اسان وٽ ايترا ووٽ ئي ناهن جنهن جي ذريعي اسان جي تحريڪ ڪامياب ٿئي، جيڪڏهن تحريڪ انصاف وارا رڳو 40 ڏينهن جي غير حاضري جي درخواست ڏين تڏهن به اسان جي رٿ ختم ٿي ويندي. پر اسان تحريڪ انصاف پاران ڏنل استيعفائن واري معاملي کي ڪنهن به صورت ۾نه ڇڏينداسين ” مولانا فضل الرحمان “افيئر” کي ٻڌائي رهيو هو. رٿ تان هٿ کڻڻ کان هڪ ڏينهن اڳ هن ايوان ۾ دونهيندار تقرير ڪئي هئي، اسان سندس تقرير تي حال احوال ڪرڻ لاءِ مولانا جي آفيس ۾ موجود هئاسين. مولانا گهٽ پورهئي تي وڌيڪ نفعو حاصل ڪرڻ جو ڪاريگر رهيو آهي، ان ڪري جي يو آءِ ڳچ عرصي کان ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ اقتدار جو حصو رهندي ٿي اچي. 7 آگسٽ تي وزيراعظم قومي اسيمبلي ۾ پنهنجي خطاب دوران جي يو آءِ ۽ايم ڪيو ايم کي اسيمبلي جي فلور تان اپيل ڪئي ته هو انهن رٿن تان هٿ کڻن. ان ڏينهن وزيراعظم جي تقرير بعد جڏهن مولانا تقرير ڪئي ته اها تقرير نه رڳو منطق سان ڀرپور پر وزيراعظم، اسپيڪر ۽ تحريڪ انصاف مٿان زبردست تنقيد سان ڀرپور به هئي، مولانا جي تقرير دوران وزيراعظم سيد خورشيد شاھ کي چيو ته “ اوهان ڪنوينس ٿيو پيا” خورشيد شاھ وچٿري مُرڪ سان وزيراعظم کي جواب ڏنو هو، مولانا پاڻ اسان کي اها ڳالهه ٻڌائي هئي. انهن ٻن ڏينهن دوران ايم ڪيو ايم ۽ جي يو آءِ حڪومت جي نگاھ جو مرڪز بڻيل هيون.

هن سڄي منظر نامي ۾ ٻه واقعا ۽ انهن جو وقت انتهائي اهم هو، جنهن ڏينهن سپريم ڪورٽ جي لارجر بينچ جو18هين ۽ 21 هين ترميم جي حق ۾ فيصلو آيو هو، ان ڏينهن پارليمنٽ ۾ موجود وزيراعظم ۽ مخالف ڌر ان فيصلي کي پارليمنٽ جي فتح قرار ڏنو هو( اها ٻي ڳالهه آهي ته فتح اڃا ڪنهن ٻئي جي ٿي هئي) ان ڏينهن ئي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق الطاف حسين کي لنڊن فون ڪري منٿ ڪئي ته هو سندن تحريڪ واپس وٺن. ذريعا ٻڌائين ٿا ته جڏهن وزيراعظم اسيمبلي ۾ کين اپيل ڪئي ته ايم ڪيو ايم جي ميمبرن اسپيڪر کي ٻڌايو ته جيڪڏهن وزيراعظم فون نٿو ڪري ته گهٽ ۾ گهٽ اسپيڪر پاڻ الطاف حسين کي فون ڪري، ان کانسواءِ ٻيو رستو ناهي.

“ مونکي الطاف حسين کي فون ڪرڻ جو ڪوبه شوق نه هو، مون پارليمينٽ ۾ تماشو لڳائڻ نٿي چاهيو”

“هن وقت جنهن شخص کي غدار قرار ڏنو پيو وڃي، ڇا اوهان جو اهو مينڊيٽ هو ته حڪومت بدران اوهان پاڻ الطاف سان ان معاملي تي رابطو ڪيو” واري سوال جي جواب ۾ هو “افيئر” کي ٻڌائي رهيو هو. اسپيڪر الطاف حسين سان رابطو ڪيو، پهرين فون ڪال 10 منٽن جي هئي، جڏهن ميڊيا کي ٻڌايو ويو ته اها ڪال 10 منٽن جي هئي ته سڀ حيران هئا، پر ان ئي رات پيپلزپارٽي جي ايم اين اي نذير ٻگهئي جي دعوت ۾ اسپيڪر رات جي ماني تي دعوتيل هو، ان دوران اسپيڪر الطاف حسين سان ٻيو ڀيرو رابطو ڪرڻ جي ڪوششن ۾ ناڪام ٿي دعوت تي پهتو هو. رات جو ٻارهين وڳي بعد اوچتو الطاف حسين جو فون اچي ويو، ذريعا ٻڌائين ٿا ته اها فون ڪال ذري گهٽ هڪ ڪلاڪ جي هئي، اسپيڪر ڪجهه گهڙين بعد فون جو اسپيڪر کولي ڇڏيو، ۽ پوءِ سڀن اهي ڳالھيون ٻڌيون، اسپيڪر اسيمبلي جي فلور تي ٻئي ڏينهن اهو بيان ضرور ڏنو ته هن الطاف حسين پاران فوج ۽ رينجرس خلاف ڏنل بيان تي پنهنجو چٽو موقف اختيار ڪيو، پر هن اسيمبلي جي فلور تي الطاف حسين جي فرمائش تي هن جو موقف به بيان ڪيو ته فوجي ۽ رينجرس وارا سندس ڀائر آهن، ذريعا اهو به ٻڌائين ٿا ته الطاف حسين اسپيڪر کي چيو ته زرداري جرنيلن خلاف ڳالھائي ٿو ته ان کي ڪجهه به نٿو ڪيو وڃي، پر منهنجي خلاف ڀنڊي ٻاري ڇڏي اٿن، پي پي پي وارن جو مهمان هجڻ جي ناتي هن ان معاملي تي پنهنجي ميزبان جي قائد بابت ڪوبه تبصرو نه ڪيو.

تحريڪ انصاف کي ڊي سيٽ ڪرڻ واري معاملي گهڻو سبق سيکاريو آهي، پاڪستان ۾ جهموريت کي خطرو هجڻ جي نالي ۾ رڳو پاڻ کي مسئلن کان بچائڻ لاءِ حڪومت اسپيڪر کي نه رڳو استعمال ڪيو پر اهڙي سياسي اڳواڻ سان رابطو ڪرڻ تي به مجبور ٿيڻو پيو، جنهن مٿان غداري جا الزام لڳن پيا. ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته حڪومت ان معاملي تي ايم ڪيو ايم سان ڪابه اهڙي سوديبازي نه ڪئي آهي جنهن سان سندس سياسي ساک کي نقصان رسي،پر هن پنهنجي اسپيڪر کي ضرور داغدار بڻائي ڇڏيو آهي، هن وقت ايم ڪيو ايم جو اڳواڻ الطاف حسين ملڪ ۾ غداري جي الزام جي حوالي سان سڀ کان وڌيڪ بحث هيٺ آهي، اهو ئي سبب آهي ته قومي اسيمبلي جي هن اجلاس ۾ حڪومت ۽ پيپلزپا رٽي به ان معاملي تي چپ نه چوريا آهن پي ٽي آءِ وارا ته اهو چئي ايوان مان هليا ويا ته جيستائين انهن رٿن جي حوالي سان ڪو فيصلو نٿو ٿئي تيستائين هو ايوان ۾ نه ايندا، ان ڪري هن وقت ايم ڪيو ايم اسيمبلي ۾ مخالفن جي تيرن کان بچيل آهي،

آخري ڳالهه !

پاڪستان ۾ فوج ۽ عدالت تي تبصرو ڪرڻ سدائين ڏوھ تصور ڪيو ويو آهي، ۽ انهن ٻنهي ادارن جي هٿان ئي ملڪ جي نظام کي نه رڳو شديد نقصان پهتو آهي، پر ملڪ جي سياسي ڪلچر کي به متاثر ڪيو آهي، سياسي ايجنڊا رکندڙ جرنيلن کي عدالت جي غير سياسي ججن طاقت بخشي ۽ سياسي جج، سياسي جرنيل جي حڪم مڃڻ کان انڪار ڪيو جسٽس چوڌري جي انڪار بعد ملڪ ۾ هڪ نئين تصور جنم ورتو،ڪروڙين پڙهيل لکيل ماڻهن جي ذهنن ۾ ان وقت هڪ دفعو وري ان سياسي رومانس جنم ورتو، جيڪو 70ع جي ڏهاڪي ۾ سياسي ڪارڪنن لاءِ عقيدي جي صورت ۾ نظر ايندو هو. انهي ئي ڏهاڪي جي آخر ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏني وئي ته انهي رومانس ۾ اضافو ٿيو، ايندڙ ڏينهن ۾ اهو رومانس سياسي ڪاروبار ۾ تبديل ٿيو، اميدن مرڻ شروع ڪيو، جيئن آهي جهڙو آهي جي بنيادن تي ماڻهن پاڻ کي هيرائي ڇڏيو، مشرف جي دور ۾ جسٽس چوڌري جو انڪار ان اميد کي جيئارڻ جو سبب بڻيو هو، پر پوءِ وقت ثابت ڪيو ته اها به خام خيالي هئي،

انڪوائري ڪميشن ۽ 18هين ۽ 21 هين ترميمن خلاف داخل ڪيل ڪيسن جا فيصلا اچي چڪا آهن، حڪومت ته انهن ٻنهي فيصلن کي جمهوريت جي فتح قرار ڏنو آهي، 21 ترميم جنهن جي ڪري فوجي عدالتن جو قيام عمل ۾ آيو هو ، اهي هاڻي پنهنجو ڪم شروع ڪنديون، سياسي ڌرين ان ڳالهه جو اظهار ڪيو آهي ته ملڪ جي اعلي عدالت پارليامينٽ جي فيصلي تي توثيق جي مُهرهنئي آهي، پر انهن سياسي ڌرين کي به خبر آهي ته ڪنهن جي فيصلي تي توثيق جي مُهر لڳي آهي؟

razak.khatti@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو