Home / پروفائيل / ڇا ته شخص هو- سيد اڪبر شاهه…!
above article banner

ڇا ته شخص هو- سيد اڪبر شاهه…!

Yousif Sindhi

هر دؤر ۾ وڪجڻ کان بچڻ ڳالهه وڏي آ

حق لاءِ وڙهڻ، وڙهندو رهڻ ڳالهه وڏي آ

(سيد اڪبر)

موت ڀلي جسماني طور تي دوست اسان کان کسي وٺي، پر هو اسان کان انهن دوستن جون يادگيريون کسي نٿو سگهي. هن جهان ۾ ايندڙ هر انسان ڪو نه ڪو ڪردار ادا ڪري ٿو، پر پنهنجي ڪردار جي حوالي سان ڪي اهڙا ماڻهو به هوندا آهن، جيڪي ڊگهو عرصو ياد رکيا ويندا آهن، جو هنن جي ڪمن ۽ عملن مان پنهجي قوم، ملڪ، پنهنجي ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جي ماڻهن کي ڀلائي پلئه پوندي آهي. انهن جي ڪم، عمل ۽ شخصيت جي ڇاپ ڊگهي عرصي تائين رهندي آهي. اسانجو دوست سيد اڪبر شاهه به اهڙن شخصن ۽ ڪردارن مان هو، پر سندس وڇوڙو اڄ به تلسي داس جي لفظن ۾:

ساجن بچهڙي دو دن هوئي، مين جانون برس پچاس

بهولي پوچهي پنڊت سي، دن مين کتني ماس.

سيد اڪبر شاهه جي شخصيت جا ڪيترائي پهلو هئا، پيشي جي لحاظ کان هو پرائمري استاد هو، هڪ اهڙو استاد جيڪو متحرڪ، ڄاڻو، پنهنجي ڪاز کي سمجهڻ وارو، هن پنهنجي پيشي سان ايئن نڀايو ته نه رڳو ٻارن کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪيائين. پر سماج ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ، هارين، مزدورن ۽ استادن ۾ شعور پيدا ڪري نه رڳو کين پنهنجن مسئلن ۽ حقن کان به واقف ڪيائين، استادن ان جدوجهد جي صلي ۾ سندس اڳواڻي واري گڻ کي مان ڏيندي کيس 1973ع ۾ آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري چونڊيو. ان وقت پ _ ٽ_ الف جو صدر باباءِ استاد مرحوم جان محمد جمالي هو. سيد اڪبر ان عهدي تي رهي، سنڌ جي تعليم ۽ استادن جي حقن لاءِ جيڪا جدوجهد ڪئي، اهو تاريخ جو هڪ باب آهي.

july (a) 52

گذريل صديءَ جي ستر واري ڏهاڪي ۾ جڏهن سنڌ ۾ قومي تحريڪ پنهنجو نئون رخ وٺي رهي هئي ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي زرعي سڌارن ۽ اڌ بٽئي جي تحريڪ زورن تي هئي، رسول بخش پليجي، فاضل راهو، حفيظ قريشي، ڊاڪٽر فيروز احمد، قاسم پٿر ۽ ٻين گڏجي مائوزي تنگ جي فڪر کان متاثر ٿي ”سنڌي عوامي تحريڪ“ جو بنياد رکيو ته سيد اڪبر شاهه انهيءَ جي مهڙين دستي ۾ شامل هو ۽ تحريڪ جي اندروني معاملن جون ڪيتريون ئي اهم ذميواريون سيد اڪبر جي حوالي هيون ۽ هن پنهنجي ساٿين سان گڏ ”سنڌي عوامي تحريڪ“ کي سڄي سنڌ ۾، جهر جهنگ، ڳوٺ ڳوٺ، واهڻ واهڻ ۽ وستي وستي ۾ منظم ڪرڻ ۾ اهم ۽ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. سيد اڪبر پنهنجو سياسي سفر قاسم پٿر جي صحبت ۾ اختيار ڪيو ۽ پوءِ ساڻس گڏ ”عزيز سلام بخاريءَ“ واري ڪميونسٽ گروپ ۾ شامل ٿيو. پوءِ جڏهن قومي سوال تي همراهن جا ڪميونسٽ پارٽيءَ سان اختلاف ٿيا ته گهڻن دوستن ڌار ٿي ”سنڌي عوامي تحريڪ“ جو بنياد رکيو. پوءِ جڏهن 1979ع ۾ ”سنڌي عوامي تحريڪ“ فقط ”عوامي تحريڪ“ جي شڪل اختيار ڪئي ته سيد اڪبر ان کان پاسيرو ٿي ويو. سنڌي عوامي تحريڪ جي جدوجهد جي نتيجي ۾ ميرپور بٺوري تعلقي کي ”سنڌ جو ويٽنام“ ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ ”آگاڻي“ کي چين جي صوبي هونان سان ڀيٽيندي ”سنڌ جو هونان“ سڏيو ويندو هو. هارين ڪيتريون ئي تحريڪون هلايون، خاص ڪري اڌ بٽئي جي تحريڪ ۽ انهن ۾ ڪاميابيون ماڻيون ۽ نتيجي ۾ وڏيرن کي مجبور ٿي پنهنجن هارين کي اڌ بٽئي جو حق ڏيڻو پيو. ان جدوجهد دوران ميرپور بٺوري ۽ ڀرپاسي ڪيترائي اهڙا عوامي ڪردار پيدا ٿيا، جن اڳتي هلي قومي، انقلاب، جمهوري ۽ طبقاتي جدوجهد ۾ وڏو نالو ڪڍيو. انهن ۾ علي محمد پرويز، سيد عالم شاهه، شير خان لنڊ، علي محمد سوڍو، حاجي عباسي، محمد يوسف ڪيڙانو، رسول بخش ڏيٿو، ابو ملاح وغيره، ان سڄي جدوجهد ۽ انهن ڪارڪن پيدا ڪرڻ ۾ سيد اڪبر شاهه جو ليڊنگ ڪردار ڪنهن کان ڳجهو نه آهي.

سيد اڪبر جو جنم 1943ع ۾ دڙي لڳ ڳوٺ در ملوڪ شاهه ۾ ٿيو، سندس والد سيد الهڏنو شاهه تر جو وچولي ڪلاس جو زميندار هو ۽ سندس بنگلو ”لکي محل“ جي نالي سان سڏبو هو. ٻيو اهڙو ”لکي محل“ بلڙي شاهه ڪريم ۾ ٺهيل هو، جن سان سيد الهڏني شاهه جي مٽي مائٽي ۽ اچ وڃ هئي. سيد اڪبر شاهه شروعاتي تعليم، ڪانڌڙا، در ملوڪ شاهه ۽ دڙي ۾ ۽ مئٽرڪ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان پاس ڪئي. بي اي 1969ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان خانگي طور پاس ڪيائين، جنهن ۾ سڄي سنڌ ۾ فرسٽ ڪلاس آيو، پاڻ 1962ع ۾ پرائمري استاد طور ڀرتي ٿيو ۽ 2003ع ۾ رٽائرڊ ڪيائين. سيد اڪبر شاهه دڙي ۾ 68-1967ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جي سرگرمين جي شروعات ڪئي، ان وقت سندس ٻين ساٿين ۾ ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ (اڳوڻو وائيس چانسلر زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام) مرحوم نجم الدين ميمڻ، محسن عباسي، علي محمد پرويز ۽ سيد عالم شاهه وغيره هئا. سنڌي ادبي سنگت دڙو جي پليٽ فارم تان 1970ع ۾ دڙي ۾ عاليشان ”جشن لطيف“ ملهايو ويو، جنهن ۾ سنڌ جي نالي وارين شخصيتن شرڪت ڪئي ان جشن لطيف کي آرگنائيز ڪرڻ جو سهرو اڪبر شاهه جي سر هو.سيد اڪبر جون لکڻيون، شاعري ۽ نثر سٺ واري ڏهاڪي ۾ روح رهاڻ، بادل، مهراڻ، نئين زندگي ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپجڻ لڳيون. اڳتي هلي عوامي تحريڪ جو ترجمان رسالو ”تحريڪ“ جاري ٿيو ته سندس شاعري، ڪهاڻيون وغيره ان ۾ ڇپجڻ لڳا. سيد اڪبر اڳتي هلي عملي سياست کان ڪنارا ڪش ٿي ويو، طويل جدوجهد ۽ ان ۾ دوستن جي بي وفائين، انائن ۽ موقعي پرستين اڪبر شاهه کي تمام گهڻو ڏکارو ڪيو ۽ کيس ڄڻ ٽوڙي ڇڏيو. جنهن جو ذڪر پنهجي هڪ خط ۾ جيڪو سندس ڪتاب ”سارون ۽ سنڀارون“ ۾ ڇپيو آهي، هيئن ڪيو اٿس، ”آئون شاعر آهيان، وڌيڪ حساس ۽ جذباتي، يارن جون بي وفايون باهيون ٻارين ٿيون، ڦٽ ڦٿڪائين ٿا، سور ناسور آهن، ويساهه ٽٽل آهي، ڀيڻي بلو نٿو سُجهي، واچوڙن ۾ اڏامندڙ آهيان، هوائون پنهنجي پٺيءَ تي چاڙهيو ڀٽڪائينديون ٿيون وتن. ڪئين پوڄياسين. سن کان بخارا تائين وڃي نڪتاسين، چونڪه، چنانچه کان وٺي اصل تي وڊا ڏٺاسون، پر مڙيئي ٿيا خير.. رڳو ڦوڪون، سڀ جادوگر، سڀني وٽ ڪمال ڪاريگري، لفظن جي هيرا ڦيري ڳالهين جون هڙون پٺن تي..“ ڪيترائي سال اڳ سيد اڪبر جي لکيل مٿين لفظن جي اندر ۾ جيڪو درد ۽ ڪرڀ سمايل آهي ۽ جيڪا حالتن جي عڪاسي ڪئي ويئي آهي، اها اڄ به جيئن جو تيئن موجود آهي.

july (a) 53

سيد اڪبر نه رڳو بهترين تنظيم ڪار ۽ قومي ورڪر هو، پر هڪ سٺو شاعر ۽ بهترين نثر نويس به هو، سندس هڪ وائي ”جهانگياڻي اٿي ڀريون جهول، موڪ پٽڻ جي مُند اچي ويئي،“ علڻ فقير، شيخ اياز جي وائي سمجهي ڳائي ۽ علڻ فقير جي جڏهن ان ڳايل وائيءَ واري ڪيسٽ رليز ٿي ته ڪيسٽ ڪمپنيءَ پاران ان وائي جي سامهون شاعر جو نالو ”شيخ اياز“ ڏنو ويو. اها وائي، سيد اڪبر جي شعري مجموعي ”ڪرڪي ڪائي ڪونج“ ۾ ڇپيل آهي، جيڪو سندس وفات کانپوءِ ڇپيو. ”ڪرڪي ڪائي ڪونج“ ۾ بيت، وايون، غزل، نظم، چئوسٽا وغيره شامل آهن. اهو مجموعو اسانجي يار قادر بخش طالباڻيءَ ڇپرايو، پر طالباڻي جي اتڙائپ سبب ان ۾ سيد اڪبر جا ڪجهه نظم ۽ چئوسٽا اچڻ کان رهجي ويا. تنهن کانسواءِ ان ڪتاب ۾ هڪ سنگين غلطي اها ٿي، ان جي بيتن واري ڀاڱي ۾ غلطيءَ سان شاهه لطيف ڀٽائي جا ٻه مشهور بيت ڇپجي ويا. طالباڻي کان ته اها نظر چُڪ ٿي پر ڪتاب جو مهاڳ لکندڙ ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ جي به انهن تي نظر پئجي نه سگهي. سيد اڪبر پنهنجي سڀاءَ ۾ بهترين طبيعت جو ڌڻي هو، پاڻ نثر ۾ به گهڻو ڪجهه لکيائين، پر ان مان گهڻو محفوظ رهي نه سگهيو ۽ جيڪو ڪجهه محفوظ رهيو، اهو مون وٽائنس هٿ ڪري، سهيڙي، ڪمپوز ڪرايو، جيڪو پوءِ ”لفظ ڳالهائين ٿا“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيو. ان ڪتاب جا پروف به گڏجي ڏٺاسين ۽ پاڻ ان لاءِ ليکڪ پاران به لکي ڏنائين، پر بدقسمتي سان منهنجي ڪوشش هوندي به اهو ڪتاب سندس زندگيءَ ۾ ڇپجي نه سگهيو، جيڪو پوءِ سندس پهرين ورسيءَ جي موقعي تي ڇپجي پڌرو ٿيو.

”لفظ ڳالهائين ٿا“ ۾ سنڌ جي اهڙن عام ڪردارن تي لکيل خاڪا،پروفائيل ۽ مضمون شامل آهن، جن جون سنڌ جي تعليم، ادب ۽ موسيقي ۾ اهم خذمتون آهن، پر هو سدائين گمنام رهيا. سيد اڪبر اهڙن ڪردارن تي لکي تاريخ جي ورقن ۾ کين سدائين جي لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيو. سندس اهو ڪتاب اهڙي ته زبردست نثر ۾ لکيل آهي جو هند ۽ سنڌ جي نالي واري ليکڪ ڊاڪٽر موتي پرڪاش ڪتاب پڙهي، ان بابت مونکي هڪ خط ۾ لکيو“، سيد اڪبر جي مضمونن مونکي ڏاڍو متاثر ڪيو، سندس لکڻي لاجواب، ڏاڍي پياري ۽ ڇڪيندڙ آهي“، ڪتاب جو مهاڳ سندس ئي سياسي استاد ۽ قومي ورڪر قاسم پٿر کان سندس ئي خواهش تحت لکرايم. سيد اڪبر پاران دوستن کي لکيل خطن ۽ سيد اڪبر ڏانهن دوستن جي لکيل خطن جو مجموعو به محترم قادر بخش طالباڻيءَ وڏي محنت ۽ محبت سان سهيڙي، ”سارون ۽ سنڀارون“ جي نالي سان ڇپرائي نه رڳو سيد اڪبر سان پنهنجي دوستيءَ جو حق نڀايون، پر سنڌي ادب ۾ خطن جي صنف ۾ اهم واڌارو ڪيو. انهن خطن ۾ پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن، سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ ادبي معاملن وغيره تي بحث ٿيل آهي ۽ انهن بابت سيد اڪبر جي خيالن ۽ يادگيرين کي محفوظ ڪيو ويو آهي.

ڪتاب جو مهاڳ محترم شوڪت حسين شوري لکيو آهي، تنهن کانسواءِ قادر بخش طالباڻيءَ ئي سيد اڪبر تي لکيل دوستن جي مضمونن، تاثراتن ۽ سندس وفات کانپوءِ تڏي تي ايندڙ ساٿين جي تعزيت نامن کي سهيڙي، ”هيرن جهڙو ماڻهو“ جي نالي سان ڪتاب ڇپرائي پڌرو ڪيو. سچي ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن قادر بخش طالباڻي جي محبت، محنت ۽ جستجو شامل نه هجي ها ته سيد اڪبر جو گهڻو مواد هِتي هُتي رلي وڃي ها. سيد اڪبر سان منهنجي دوستي محبت، عزت ۽ احترام واري هئي، سيد اڪبر ئي مون کي سنڌي ادبي سنگت سان واقف ڪرايو ۽ سنگت دڙي جي مئل مڙهه ۾ ساهه وجهڻ ۽ ان جون ٻيهر سرگرميون شروع ڪرڻ ۾ سيد اڪبر وڏيون ڪوششون ڪيون، هو سنگت دڙي جي بنيادي ميمبرن مان هو. سيد اڪبر تحرير توڙي تقرير جو شاهه ڪاريگر هو، لفظ سندس زبان مان ايئن نڪرندا هئا، جيئن تسبيح جا داڻا ورد ۾ هڪٻئي جي پويان ايندا آهن، جن به دوستن اڪبر جي ڪا لکڻي پڙهي يا تقرير ٻڌي هئي، سي سندس تحرير توڙي تقرير جا مداح بنجي ويا. سيد اڪبر کي لطيف سائين جو به سٺو مطالعو هو، سندس واتان لطيف سرڪار کي ٻُڌڻ جو سرور ئي پنهنجو هوندو هو ۽ ٻڌڻ وارو شاهه لطيف جي شاعريءَ کي پنهنجي روح جي گهراين ۾ لهندو محسوس ڪندو هو. سيد اڪبر 27 جون 2003ع تي هيپاٽائيٽس جي موذي مرض سبب اسان کان وڇڙي ويو، هاڻ سندس فقط ڳالهيون آهن، جيڪي ڳائيندا رهنداسين.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو