Home / سنڌ افيئر / ڇا سنڌ هن ڀيري به انتظاميه نااهلي سبب ٻوڙ ٻوڙان جو شڪار ٿيندي؟
above article banner

ڇا سنڌ هن ڀيري به انتظاميه نااهلي سبب ٻوڙ ٻوڙان جو شڪار ٿيندي؟

Razak Khatiجيستائين هي اکر ڇپجي اوهان تائين پهچندا، تيستائين سانوڻي جو برساتون پنهنجا جوهر ڏيکاري چڪيون هونديون ، موسميات کاتي پاران ٿيل اڳڪٿي موجب سنڌ جي شهري توڙي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ وڏي ٻوڏ جا امڪان آهن، جيڪڏهن موسميات کاتي جي اڳڪٿي صحيح ثابت ٿي ته سنڌ هڪ گٽر ۾ تبديل ٿي چڪي هوندي، مالي نقصان جو اندازو لڳائڻ لاءِ گهڻا ڏينهن گهربل هوندا. ان ٻوڏ دوران سنڌ حڪومت ڇا ڪندي ؟ ان بابت اندازو لڳائڻ لاءِ ڪنهن به عربي فارسي پڙهڻ جي ضرورت ناهي، هي ظالم، ان بربادي جي منظرن اندران به کانچا ڳوليندا، اها ٻوڏ هڪ دفعو وري هنن لاءِ مال ميڙڻ جو بهانو بڻبي. هي اسلام آباد ۾ ٻڌائي ويا آهن ته “ وٽن سڀ خير آهي”

جولاءِ جي پهرين ۽ ٻئي هفتي دوران فيڊرل فلڊ ڪميشن جا ٻه اجلاس ٿيا آهن. پهريون اجلاس ايندڙ امڪاني ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪوٺايو ويو هو، جڏهن ته ٻيو اجلاس سپريم ڪورٽ جي هدايت تي ٿيو هو. هن اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي نمائندي طور ماروي ميمڻ خصوصي طور شرڪت ڪئي ، ۽ ماروي ميمڻ جي دلچسپي جي ڪري اهو اجلاس ڪافي ڊگهو به ٿي ويو، اجلاس کانپوءِ ماروي ميمڻ واضح طور چيو ته هو سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجي رپورٽ جمع ڪرائيندي، هن چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان اڃا تائين ڪجهه به نه ڪيو آهي. سپريم ڪورٽ پاران جيڪي اعتراض اٿاريا ويا آهن، صوبن ۽ وفاقي حڪومت انهن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪابه سنجيدگي نه ڏيکاري آهي. سنڌ حڪومت جي نمائندي هن اجلاس ۾ ان ڳالهه جو به اعتراف ڪيو ته ريور ايڪٽ منظور ٿيڻ باوجود ان تي ڪوبه عمل نه ٿيو آهي، 2010ع جي ٻوڏ جي ذميوارن جو تعين ڪرڻ لاءِ قائم ڪيل ڪميشن اڳوڻي آبپاشي جي سيڪريٽري شجاع جوڻيجي سميت سمورن کي آجو ڪري ڇڏيو جن مٿان الزام هو ته سندن نااهلي جي ڪري ٻوڏ آئي ۽ وڏي تباهي ٿي .

july (a) 38

ماروي ميمڻ 2010 ع جي ٻوڏ ۾ ٿيل تباهي کانپوءِ سپريم ڪورٽ وئي هئي، هي ڪيس اڃا تائين هلي پيو، هن ڪيس ۾ 2010ع ۽ 2014ع دوران آيل ٻوڏ بابت سپريم ڪورٽ 52 اعتراض اٿاريا هئا، جنهن ۾ صوبائي حڪومتن کي هدايت ڪئي وئي هئي ته انهن اعتراضن کي حل ڪيو وڃي. پر فيڊرل فلڊ ڪميشن جي اجلاس ۾ اها ڳالهه چٽي ريت سامهون آئي ته سنڌ ۽ بلوچستان پاران ان سلسلي ۾ ڪوبه تحرڪ نه ورتو ويو هو، پنجاب ۽ خيبر پختون خواھ پاران پنجاھ پنجاھ سيڪڙو سپريم ڪورٽ پاران اٿاريل اعتراضن کي حل ڪرڻ لاءِ اڳڀرائي ڪئي وئي ، هن اجلاس جو مشاهدو ڪاوڙ ڀريل حيرت جو سبب ضرور بڻيو هو، ڇاڪاڻ ته هن اجلاس ۾ اين ڊي ايم اي، ارسا، تربيلا ۽ منگلا ڊيم، واپڊا، ريلوي، اين ايڇ اي، موسميات کاتي، انڊس واٽر ڪميشن جي اعلي عملدارن سميت پاڻي ۽ بجلي جو وفاقي سيڪريٽري ۽ وفاقي وزير خواجا آصف به موجود هئا، اهو اجلاس سپريم ڪورٽ جي ڏنل تاريخ موجب 13 جولاءِ تي ٿيڻو هو، پر وزير صاحب جي مصروفيت سبب اهو اجلاس هڪ ڏينهن بعد منعقد ڪيو ويو ، اجلاس ۾ وفاقي وزير خواجا آصف هڪ ڪلاڪ دير سان پهتو ۽ منو ڪلاڪ ويهي واپس هليو ويو، ان مني ڪلاڪ دوران به هو اجلاس ۾ گهٽ پر موبائيل فون ۾ وڌيڪ مصروف هو، ان ڪري انتهائي اهم اجلاس ۾ وزير صاحب جي سنجيدگي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هن جي ترجيح ڪهڙي هئي؟ فون يا ٻوڏ!!

ٻوڏون اچڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي، ٻوڏن جي ڪري ايندڙ تباهين کي روڪڻ به دنيا جي ڪنهن به طاقت ور ملڪ جي وس جي ڳالھ ناهي، آمريڪا ۽ چين ۾ ٻوڏن وڏيون تباهيون آنديون آهن، پر انهن ٻوڏن بعد انهن ملڪن جي حڪومتن بحالي جي ڪمن کي سائنسي انداز سان پورو ڪيو آهي، جڏهن ته ٻوڏن کان اڳ ۾ به اهڙا اپاءَ ورتا ويندا آهن جيئن امڪاني تباهين کي گهٽ کان گهٽ ڪري سگهجي، پاڪستان ۾ ائين نٿو ٿئي، ٻوڏ وارين آفتن ۾ موسميات کاتي جو ڪردار انتهائي هم هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته برساتن ۽ ان جي شدت جي اڳڪٿي جي تمام گهڻي اهميت هوندي آهي، پاڪستان ۾ هن وقت موسميات کاتي پاران خيبر پختون خواھ، بلوچستان ۽ فاٽا ۾ هڪ به ريڊار لڳل ناهي، ڪراچي ۾ جيڪو ريڊار لڳل آهي اهو پراڻو ٿي چڪو آهي، وفاقي سرڪار گذريل مالي سال جي بجيٽ ۾ پي ايس ڊي پي ۾ ريڊار لاءِ رقم به رکي هئي پر اهو خريد نه ڪيو ويو، موسميات کاتي جي چيف ميٽرولاجسٽ حضرت مير جو چوڻ آهي ته هو برساتن جي هڪ هفتي تائين اڳڪٿي ڪري سگهن ٿا، ڇاڪاڻ ته برساتن جو سلسلو بي آف بنگال کان پاڪستان جي حدن اندر داخل ٿيندو آهي، جڏهن ته پاڻي ۽ بجلي واري وزارت جو جوائنٽ سيڪريٽري مهر علي شاھ حضرت مير جي موقف کي رد ڪندي چوي ٿو ته موسميات کاتي وٽ صرف 24 ڪلاڪ اڳ ۾ اڳڪٿي ڪرڻ جي صلاحيت آهي، هن جو چوڻ هو ته موسميات کاتي جي 24 ڪلاڪ واري اڳڪٿي به 80 سيڪڙو حقيقت تي ٻڌل هوندي آهي.

فلڊ ڪميشن جي جولاءِ جي پهرين هفتي دوران ٿيل اجلاس ۾ سنڌ جي چيف انجينئر سنڌ جي بندن جي صورتحال جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ مونکي ٻڌايو هو ته سنڌ جا سمورا بند مڪمل طور تي مضبوط آهن، انهن جي لاڳيتي مانٽيرنگ به ٿي رهي آهي، ان ڪري ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿيڻ باوجود سنڌ جي بندن کي ڪوبه خطرو ناهي، جڏهن ته فلڊ ڪميشن جي 14 جولاءِ واري اجلاس ۾ سنڌ جي آبپاشي سيڪريٽري سيد ظهير حيدر شاھ به اهڙي ڪابه ڳالهه نه ڪئي آهي، جنهن مان ڪنهن ڳڻتي جو اظهار ٿئي، فلڊ ڪميشن جا جولاءِ وارا ٻئي اجلاس اتي موجود چند مبصرن جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي هئا، هن اجلاس ۾ موسميات کاتي جو چوڻ هو ته هندستان پنهنجي علائقي مان جيڪو پاڻي پاڪستان ڏانهن ڇڏي ٿو، ان جي اڳواٽ آگاهي نٿو ڏئي جڏهن ته اتي ئي موجود انڊس واٽر ڪمشنر ان ڳالهه کي رد ڪندي چيو ته سنڌ طاس جي 10 نقاطي معاهدي موجب انڊيا روزانو انگ اکر فراهم ڪري ٿو، خيبر پختون خواھ جي آبپاشي واري سيڪريٽري جو چوڻ هو ته پاڻي وهڪرن جي قدرتي لنگهن تي ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو آهي، پر ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿيڻ باجود گهڻو نقصان نه ٿيندو، اهڙي ريت بلوچستان جي آپباشي جي سيڪريٽري کي گذريل مالي سال دوران رکيل رقم به جاري نه ڪئي وئي جنهن مان هو ڪم ڪرائي سگهي، ان باوجود به هن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن سيلابي ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿي ته گهڻو نقصان نه ٿيندو، ڏٺو وڃي ته حقيقت ڪجهه ٻي ئي نظر اچي ٿي. چترال ۾ ٻوڏ اچي چڪي آهي، ملڪ جي مٿين علائقن ۾ برساتن جو سلسلو جاري آهي، ۽ ان ڳالهه جا امڪان آهن ته اهو سلسلو آگسٽ تائين جاري رهندو ، جنهن ڪري مٿان کان جيڪو به پاڻي ايندو اهو سنڌ ڏانهن ئي ايندو، سنڌ وارا اسلام آباد ۾ اها دعويٰ ڪري واپس موٽي ويا آهن، ته وٽن ڪوبه خطرو ناهي، جڏهن ته سنڌ جي شهرن جي صورتحال انتهائي خراب ٿي چڪي آهي، سنڌ جي ننڍن توڙي وڏن شهر ۾ ڊرينيج سسٽم جي ڪاغذن ۾ ته صفائي ٿي وئي هوندي پر سرزمين تي ڪابه صفائي نه ٿي آهي، سڄو سسٽم ناڪاره ٿي چڪو آهي، موسميات کاتي جي اڳڪٿي درست ثابت ٿي ته سنڌ ۾ هڪ وڏي تباهي جا امڪان چٽا نظر اچن ٿا، سنڌ ۾ ڪجهه وقت اڳ ۾ حد دخلين خلاف آپريشن ڪيو ويو هو، پر اڪثر شهرن ۾ حد دخليون هٽائڻ بعد جيڪو ملبو ٻاهر نڪتو اهو اتي ئي ڇڏيو ويو ، جنهن ڪري اهو ملبو آهستي آهستي اتي ئي ڄمي ويو، تيز برساتن جي ڪري رستا ٻڏندا پر اهو پاڻي نيڪال ٿيڻ به ممڪن نه رهندو، ڇاڪاڻ ته پاڻي جي نيڪال واريون رڪاوٽون ختم ئي نه ڪيون ويون آهن،

اسان جي حڪمرانن کي هيلي ڪاپٽر مان ويهي پاڻي ۾ ٻڏل گهر ڏسڻ ۽ ان بعد ڪجهه متاثرن کي خطاب ڪرڻ ، چيڪ ڏيڻ ۽ روانو ٿي وڃڻ ۾ مزو اچي ٿو، فلڊ ڪميشن جا ٻئي اجلاس ان ڪري ڪو فيصلو ڪرڻ کانسواءِ ختم ٿي ويا موسميات کاتو صرف هڪ هفتي جي اڳڪٿي ڪري سگهي ٿو، ان ڪري جڏهن شديد برساتن جي اڳڪٿي ٿيندي ۽ جڏهن ٻوڏ ايندي تڏهن ڏسبو، پاڪستان ۾ هڪ ته ادارا قائم گهٽ ٿين ٿا ۽ جيڪڏهن قائم ٿين ٿا ته اهي پنهنجو ڪم نٿا ڪن، ادارن جي وچ ۾ رابطي جي کوٽ سبب ڪي اهم فيصلا ۽ ان تي عمل نٿو ٿي سگهي، پاڪستان ۾ سدائين هنگامي حالتن پيدا ٿيڻ وقت تحرڪ ورتو وڃي ٿو ۽ حالتون جڏهن واپس نارمل صورت اختيار ڪن ٿيون ته ڪنهن کي به ڪجهه ياد نٿو رهي،

پاڻ جنهن خطي ۾ جيئون ٿا، اتي گهر ٺاهڻ زندگي جي سڀ کان وڏي خواهش هوندي آهي، پنهنجي وس ۽ ،مالي حالت آهر هن معاشري ۾ هڪ ڀيرو گهر ٺهي وڃي ته اها ئي وڏي ڳالهه آهي، جيڪي ماڻهو سڄي ڄمار ڪک پن گڏ ڪري گهر جوڙين ٿا ، ۽ جڏهن ماڻهن جون گهڙيل آفتون انهن جا اجها اجاڙي وڃن ته پويان باقي ساھ کڻڻ رهجي وڃي ٿو. اها زندگي ان وقت ٻوجهه بڻجي وڃي ٿي جڏهن بي گهر ماڻهو ڪئمپن جي حوالي ٿين ٿا،

razak.khatti@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو