Home / ڪئپيٽل افيئر / ڪالاباغ ڊيم: مئل گهوڙي کي جيئارڻ جا سانباها
above article banner

ڪالاباغ ڊيم: مئل گهوڙي کي جيئارڻ جا سانباها

عطا راڄڙ

ملڪ ۾ وري وڏي ٻوڏ جا خدشا ظاهر ڪيا پيا وڃن. چترال ۾ ٻوڏ وڏي تباهي مچائي آهي.خيبر پختونخواهه ۽ پنجاب جا ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ آهن.سنڌ ۽ پنجاب جو ڪچي وارو اٽڪل سڄو علائقو پاڻي هيٺ اچي ويو آهي، سنڌو نديءَ سوڌو ڪابل، جهلم، چناب، ستلج ۽ راويءَ ۾ ڪٿي وچولي ته ڪٿي وري وڏي درجي جي ٻوڏ آهي. ميڊيا جي ڪجهه حلقن پاران ته اهو چيو پيو وڃي ته هڪ پاسي ڀارتي وزير اعظم مودي روس جي شهر اوفا ۾ وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪري تڪراري معاملن تي ڳالهيون شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته ٻئي طرف وري ڀارت سڀني وڏين ندين ۾ تمام گهڻو پاڻي ڇڏي ”واٽر ٽيريرزم“ يا پاڻي ڇوڙ دهشتگردي ڪئي آهي.

سنڌ واسين کي چڱيءَ ريت خبر آهي ته جڏهن به پياري پاڪستان ۾ ٻوڏون اينديون آهن تڏهن ڪالاباغ ڊيم جي مئل گهوڙي ۾ ساهه وجهڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڌريون ميدان تي لهي اينديون آهن. پيپلزپارٽي جي گذريل دور ۾ لاڳيتو ٻن سالن، 2010ع، 2011 ع ۾ ٻوڏون اچڻ باوجود اهي ڌريون ايترو متحرڪ نه ٿي سگهيون پر هيل هڪ ته ٻوڏ ۽ مٿان وري وڏي ڀاءُ پنجاب سان تعلق رکندڙ ميان ڀائرن جي وفاق ۾ حڪومت انهن ڌرين کي متحرڪ ڪري ڇڏيو آهي.

اڳي ته گهڻو گوڙ پنجاب واٽر ڪائونسل وارا ڪندا هئا پر گذريل هڪ سال کان آمر مشرف جي پيداوار مسلم ليگ (ق) ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت لاءِ باضابطا مهم شروع ڪري ڇڏي آهي. نه رڳو پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا تي ان حوالي سان پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي پر ان سان گڏوگڏ پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ ڪيترائي سيمينار مذاڪرا ان حوالي سان ٿي چڪا آهن.

ڪجهه عرصو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت جي حوالي سان هڪ آئيني درخواست به داخل ڪئي وئي هئي جنهن تي وڏي صوبي جي عدالت سڳوري وفاقي سرڪار کي ان حوالي سان قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي هئي. اطلاع آهن ته ميان نواز شريف جي حڪومت لاهور هاءِ ڪورٽ جي هدايتن تحت ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت وارو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ به کڻي وئي هئي پر سي سي آءِ ۾ اتفاق راءِ نه ٿيڻ سبب هاڻي پاڻي ۽ بجلي واري وزارت اهو معاملو حتمي فيصلي لاءِ وزيراعظم کي موڪلي ڇڏيو آهي ۽ اهڙي آگاهي رمضان ۾ ٿيل قومي اسيمبلي جي هڪ اسٽينڊنگ ڪميٽي کي پڻ ڏني وئي.

july (a) 16

ان ڳالهه کان ته سنڌ سوڌو سڄي ملڪ جو ڪو به ساڃاهه وند انڪار نه ٿو ڪري ته پاڻي هڪ وڏي قدرتي نعمت آهي ۽ پاڻي کانسواءِ جياپو ناممڪن آهي تنهن ڪري ڪنهن به صورت ۾ پاڻي ضايع نه ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن اختلاف آهن ته اهي رڳو انهن معاملن تي آهن ته پاڻي ڪهڙن طريقن سان بچائجي. جيڪڏهن نئون ڊيم يا ذخيرو ٺاهجي ته اهو ڪٿي هجي؟ سمنڊ ڏانهن جيڪو پاڻي وڃي ٿو اهو سمورو زيان آهي يا سامونڊي چاڙهه کي روڪڻ توڙي ڪوٽڙي کان هيٺ وسندڙ سڀني جاندارن جي ضرورتن لاءِ پاڻي جو ڪجهه مقدار لازمي آهي؟

70ع واري ڏهاڪي ۾ تربيلا ۽ 60 جي ڏهاڪي ۾ منگلا ڊيمن جي اڏاوت کانپوءِ اٽڪل اڌ صديءَ جو عرصو گذري چڪو آهي پر ملڪ ۾ پاڻي جو ڪو وڏو ذخيرو تعمير نه ٿي سگهيو آهي، ان جي پويان ڪا سازش آهي يا وري اقتدار جي اصل مالڪن جي هوڏ؟ جيئن هڪ چوڻي آهي ته ”نه کيڏندس ۽ نه کيڏڻ ڏيندس“ تيئن وڏي صوبي ۽ خاص ڪري اقتدار جي اصل ڌڻين جو ان سڄي عرصي دوران اهو ضد رهيو آهي ته جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ٿيڻ نه ڏني ويندي ته پوءِ ملڪ ۾ ڪو ٻيو وڏو ڊيم به نه ٺهندو. سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه جي قومپرستن تي لاڳيتو اهي الزام لڳندا رهيا آهن ته اهي ڀارت کان پئسا وٺي ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪندا رهيا آهن. انهن عقل جي انڌن کان ڪير اهو پڇندو ته ڪالاباغ ڊيم کانسواءِ ٻين ڪيترين مناسب جاين جي آبپاشي ماهر نشاندهي ڪري چڪا آهن ته آخر 40 يا 50 سالن جي عرصي ۾ ڪنهن به ٻئي ڊيم جي اڏاوت ڇو شروع نه ڪئي وئي. اها ڳالهه بلڪل پڌري پٽ پيل آهي ته پنجاب حڪومت سنڌ کي ايترا سال ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت جي سزا ڏيندي رهي آهي: ٻوڏ اچي تڏهن به سنڌ وارا ڀوڳين ۽ سوڪهڙو ٿئي تڏهن به سنڌ جي پاڻي واري حصي مان ئي ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي.

پنجاب پاران ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت لاءِ جيڪو سڀ کان وزندار دليل ڏنو وڃي ٿو سو آهي ڪوٽڙي کان هيٺ ساليانو سراسري طور سمنڊ ڏانهن ويندڙ 35 ملين ايڪڙ فٽ! ڪنهن به شيءَ جي سراسري ڪٿ لڳائڻ جي حوالي سان سنڌ جو ناليوارو آبپاشي ماهر ادريس راڄپوت هڪ تمام سٺو مثال ٻڌائيندو آهي. سائين جي چوڻ آهي ته ”هڪ 6 فٽ ڊگهو همراهه ڪنهن واهه وٽ اچي بيٺو ٻئي پار وڃڻ لاءِ واهه ۾ لهڻ کانسواءِ ٻيو ڪو گس، پل يا روڊ نه هو. همراهه واهه جي ڀر ۾ بيٺل هڪ ڳوٺاڻي کان پڇيو ته ڀائو! ڪر خبر، واهه ڪيترو اونهو آهي؟ ڳوٺاڻي وراڻيس ته ادا! سراسري طور مڙئي ساڍا 5 فٽ اونهو ٿيندو. همراهه جو قد 6 فٽ هو، سو ساڍا 5 فٽن جو ٻڌي پاڻي ۾ لهي پيو، ڪناري تي هڪ فٽ، پوءِ ٻه فٽ، ايئن همراهه وچ تي پهتو ته 8 فٽ پاڻي ۾ ٻڏڻ لڳو، ويچاري کي ترڻ به نه پيو اچي سو اچي بچائڻ لاءِ دانهون ڪيائين، خير ڪناري تي بيٺل ڳوٺاڻن کيس بچائي ته ورتو پر همراهه ان ڳوٺاڻي تي ڏمرجي پيو ته ڀائو! آخر مون سان ڪهڙي دشمني پاڙڻ پيو چاهي جو ساڍا 5 فٽ اونهائي ٻڌائي مون کي 8 فٽ اونهي پاڻي ۾ لهڻ جي صلاح ڏنئي؟ ڳوٺاڻي چيو ته مون ڪا به غلط ڳالهه نه ڪئي آهي. تنهنجي سمجهه جو ڏوهه آهي، مون ته اهو چيو هو ته سراسري اونهائي ساڍا 5 فٽ آهي، هاڻي ڪٿي هڪ فٽ، ڪٿي ٻه يا ٽي فٽ ۽ ڪٿي وري 8 فٽ به ٿي سگهي ٿي“ سو پنجاب جي ڪامورن، آبپاشي ماهرن ۽ سياستدانن جو ساڳيوئي موقف آهي، اهي پنهنجو فائدو ڏسي اهو قطعي مڃڻ لاءِ تيار ناهن ته 35 ملين ايڪڙ فٽ سراسري پاڻي جي دستيابي جي بنياد تي اڄ جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم جهڙو ڪو به ذخيرو ٺاهيو ويو ته پوءِ پوڇڙيءَ ۾ رهندڙن جو ڪهڙو حشر ٿيندو. ملڪ ۾ پاڻي جا معاملا هلائينداڙ اداري انڊس ريور سسٽم اٿارٽي (ارسا) جا پنهنجا انگ اکر ظاهر ڪن ٿا ته ڪنهن سال ڪوٽڙي کان هيٺ 50 کان 60 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي به هليو وڃي ٿو ته وري ڪيترائي سال اهڙا آهن، جن ۾ هڪ ملين ايڪڙ فٽ کان به گهٽ پاڻي هيٺ ڇڏيو ويو هو. سنڌ کي ته اڳي ئي پنجاب جا هٿ لڳل آهن.

ماضي تي ٿوري نظر وجهبي ته سنڌ سان ٿيل ڏاڍاين جا ڊگها داستان آهن. اها ته سڀني کي ڄاڻ آهي ته سنڌ ۾ خريف جو فصل آڳاٽو ۽ پنجاب ۾ پاڇاٽو ٿيندو آهي. هر سال جڏهن سنڌ ۾ آڳاٽي خريف جي پوکي شروع ٿيندي آهي ته تڏهن پنجاب هڪ پاسي منگلا ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ شروع ڪندو آهي ته ٻئي طرف وري سنڌو نديءَ مان پنهنجا ٻئي تڪراري لنڪ ڪئنال چشملا جهلم ۽ تونسا- پنجند وهائڻ به شروع ڪري ڇڏيندو آهي. هاڻي ته تڪراري گريٽر ٿل ڪئنال جي اڏاوت کانپوءِ ڄڻ ته پنجاب چشما جهلم لنڪ ڪئنال وهائڻ کي پنهنجو حق تسليم ڪرائي ورتو آهي. سنڌ حڪومت پاڻي ڏيڻ لاءِ گهڻيون ئي دانهون ڪندي آهي پر ڪنهن به سال پنجاب پنهنجي اها هوڏ نه ڇڏي آهي سو جيڪڏهن سڀاڻي اربين ڊالرن جي خرچ سان اهڙو ڊيم ٺهيو ته وري به ڊيم ڀرڻ جي نالي ۾ سنڌ کي نالي ماتر ملندڙ پاڻي به کنيو ويندو.

اي اين جي عباسي جي سربراهي ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف پاران جوڙيل فني ڪميٽي جون بلڪل واضح سفارشون موجود آهن ته اهڙو ڪيري اوور ڊيم ٺاهيو وڃي، جتي ٻوڏ دوران سالن ۾ 20 کان 30 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي ذخيرو ڪجي ۽ کوٽ واري سالن ۾ وري اهو استعمال ڪيو وڃي، ان حوالي سان اسڪردو ڊيم، ڪتزره ڊيم ۽ ٻين ڪجهه جاين جي نشاندهي به ڪئي وئي آهي. ان کانسواءِ ڀاشا ڊيم جي اڏاوت جو به مشرف دور ۾ ئي اعلان ٿيو پر ڏهاڪو کن سال گذري وڃڻ باوجود ڀاشا ڊيم جي اڏاوت جي حوالي سان به موثر اڳڀرائي نظر نٿي اچي. هن وقت پنجاب ۽ خاص ڪري حڪمران مسلم ليگ (ن) اندر به ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت جي حوالي سان جيڪي تياريون ڪيون پيون وڃن، سنڌ جي ماڻهن کي نه رڳو انهن سرگرمين تي تيز نظر رکڻ گهرجي پر ان سان گڏوگڏ ڪائونٽر رٿابندي ڪرڻ به وقت جي اهم ضرورت آهي.

(attarajar@gmail.com)

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو