Home / سنڌ افيئر / ڪراچي نيو ڪليئر ري ايڪٽرز: شهر جي تباهيءَ جو سامان!
above article banner

ڪراچي نيو ڪليئر ري ايڪٽرز: شهر جي تباهيءَ جو سامان!

سنڌ اِنوائرنينشل پروٽيڪشن ايجنسي (E P A) ٻه ڪروڙ جي آبادي رکندڙ ۽ پاڪستان جي وڏي شهر ڪراچي ويجهو ٻه وڏا نيو ڪليئر پاور پلانٽ تعمير ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. ان پراجيڪٽ جي هي ٽيون ڀيرو منظوري آهي، ڇو ته ٻه ڀيرا اڳ مليل منظوري شهرين جي سيفٽي ۽ ٻين مسئلن سبب عمل ۾ نه اچي سگهي هئي. ماحولياتي ايجنسي اهو فيصلو ڪندي پنهنجا ٺاهيل ضابطا ۽ قانون ٽوڙيا آهن، پنهنجي طئي ڪيل طريقئه ڪار کي نظرانداز ڪيو آهي. جڏهن ته پنهنجي مقصد ۽ مشن کي پورو ڪرڻ ۾ پڻ ناڪام رهي آهي، جنهن هيٺ ان کي مقامي شهرين جي تحفظ سان گڏ ماحوليات جو پڻ تحفظ ڪرڻو آهي.

juli  31-36  b

اها ڪهاڻي 2008ع کان شروع ٿئي ٿي جڏهن پاڪستان، چين جو ٺهيل پاور پلانٽ خريد ڪرڻ بابت معاهدو ڪيو، جنهن کي پاڪستان ايٽامڪ اِنرجي کي هلائڻو هو. ان جي لاءِ سائيٽ ڪراچي کان ٻاهر چونڊي وئي، ڪميشن کي ان سلسلي ۾ انوائرنمينٽل اِمپيڪٽ اسيسمينٽ سنڌ جي ماحولياتي ايجنسي وٽ جمع ڪرائڻ لاءِ چيو ويو، جيڪا اُن 2009 ۾ جمع ڪرائي.

واضح هجي ته اها اَسيسمينٽ رپورٽ نه ته عوام آڏو آندي وئي نه وري ان تي عوام کان رايا ورتا ويا، حالانڪه اهو ان مرحلي لاءِ ضروري شرط آهي. ٽن مهينن کان پوءِ سنڌ انوائرنمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي (E P A) ان منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان وقت شهري حڪومت ان منصوبي کي عوام آڏو نه آڻڻ سبب ان جي تعميرات نه ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو.

ڪراچي ۾ هڪ ٻيو ري ايڪٽر هڻڻ لاءِ انرجي ڪميشن 2013ع ۾ روائيز ٿيل اسيسمينٽ جمع ڪرائي. ٽن مهينن کان پوءِ سنڌ انوائرنمينٽل ٻئي ري ايڪٽر جي به منظوري ڏئي ڇڏي. هن ڀيري به اسيسمينٽ رپورٽ نه ته عوام آڏو آندي وئي نه وري عوام کان راءِ ورتي وئي. ليڪن هن ڀيري عوام طرفان ان تي اعتراض اُٿاريا ويا ۽ ان حوالي سان سنڌ هاءِ ڪورٽ جو در کڙڪايو ويو، جنهن ماحولياتي ايجنسي جي اڳواٽ ڏنل منظورين کي رد ڪندي تازي اسيسمينٽ رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. گڏوگڏ ماحولياتي ايجنسي کي ان لاءِ به پابند بڻايو ويو ته اها ماڻهن کان نه رڳو ان سلسلي ۾ رايا وٺي بلڪه اها رپورٽ ماڻهن ۾ عام پڻ ڪئي وڃي.

عدالت جي هدايتن کان پوءِ ڪميشن ڪراچي ري ايڪٽرس بابت نئين اسيسمينٽ رپورٽ جمع ڪرائي. 2400 صفحن تي مشتمل ان رپورٽ ۾ سائيٽ جي زميني صورتحال، زلزلن، سونامي جي تاريخ، مقامي ماحوليات تي پوندڙ اثرن، ري ايڪٽر جي اثرن کان بچاءَ بابت تفصيل ڏنل آهن.

ان رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ايندڙ 60 سالن تائين ڪراچي جي شهرين کي انهن ري ايڪٽرس مان ڪو به نقصان پهچڻ جو انديشو ناهي. ماحولياتي ايجنسي اهي سفارشون قبول ڪري ورتيون ۽ اهي پڻ سوال اٿاريا ته ايتري تفصيلي رپورٽ جنهن ۾ سائنسي محاورا استعمال ڪيا ويا آهن، ان جو جائزو وٺڻ ڪيئن ممڪن آهي. ڇو ته ماحولياتي ايجنسي وٽ سائنس سان لاڳاپيل ايترو اسٽاف موجود نه آهي. واضح رهي ته پاڪستان ايٽامڪ انرجي ڪميشن جي اها سفارش ڪيل آهي ته انهن شعاعن جا اثر پلانٽ کان 80 ڪلوميٽرن اندر پئجي سگهن ٿا پر ڪميشن جا اهي نتيجا رپورٽ ۾ شامل نه ڪيا ويا آهن. جڏهن انهن ري ايڪٽرز جي نقصان بابت خدشا موجود آهن ته پوءِ ماحولياتي ايجنسي انهن جي آخر ڪيئن ٿي منظوري ڏئي سگهي؟

آخر ماحولياتي ايجنسي ان رپورٽ کي مڪمل ڪيئن ٿي چئي سگهي؟ جڏهن ته رپورٽ ۾ ري ايڪٽرز جي پاڻي جي استعمال دوران ان جي باقي خطرناڪ تابڪاري اثرن بابت ڪا وضاحت ئي موجود ناهي. باوجود ان جي ماحولياتي ايجنسي اها رپورٽ قبول ڪري ورتي. گڏوگڏ ماڻهن جا رايا گهرائڻ لاءِ اخبارن ۾ اشتهار پڻ هلايا پر اهي اشتهار اهڙين غير معروف اخبارن ۾ هلايا ويا جو ڪراچي جا ماڻهو ان سڄي صورتحال کان بي خبر رهيا، جڏهن ته 2400 صفحن جي رپورٽ پڙهڻ لاءِ ماڻهن کي فقط 15 ڏينهن جو وقت ڏنو ويو.

ٻئي پاسي سنڌ جي ماحولياتي ايجنسي ان معاملي تي عوامي راءِ وٺڻ لاءِ ڪوٺايل عوامي شنوائي جو هنڌ به ري ايڪٽر پروجيڪٽ جي سائيٽ تي رکيو جيڪو هڪ ته پري آهي ٻيو سواريون نه هجڻ ۽ ٽيون اُتي سيڪيورٽي سخت هجڻ سبب عام ماڻهن جو پهچڻ محال هو. اتي بس اهي ماڻهو پهچي سگهيا جن کي ماحولياتي ايجنسي ٽرانسپورٽ مهيا ڪئي هئي. هال ۾ مقامي ماڻهن ۽ ڪميشن جي ملازمن جو انگ 200 جي لڳ ڀڳ هو، فقط اهي ماڻهو شريڪ ٿيا، جن کي ري ايڪٽر ٺهڻ جي صورت ۾ ملازمتن جو آسرو ڏنو ويو هو. ڪراچي شهر سان واڳيل ماڻهن جو انگ نه هئڻ برابر هو، جڏهن ته ماحولياتي ايجنسي کي ٻي عوامي شنوائي ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو پر انهن اهو مشورو قبول نه ڪيو. انهي حد تائين جو هاءِ ڪورٽ طرفان ڏنل اهڙي هدايت کي پڻ نظر انداز ڪيو ويو. ان کان پوءِ ڪجهه ماڻهن سنڌ جي ماحولياتي ايجنسي کي درخواستون لکي ڪيل اسيمينٽ تي اعتراض اُٿاريا پر ماحولياتي ايجنسي پنهنجي اصولن جي ڀڃڪڙي ڪندي انهن اعتراضن کي نه ته شامل ڪيو نه وري انهن جو ڪٿي ذڪر ڪيو ته اهي اعتراض رد ڪيا ويا ته انهن جو بنياد آخر ڇا هو. جيئن ته پاڪستان وڌيڪ ايٽمي ري ايڪٽرز ٺاهڻ جو ارادو رکي ٿو، ان ڪري سنڌ جي ماحولياتي ايجنسي توڙي ٻين صوبن جي ماحولياتي ايجنسين کي وڌيڪ ذميواري سان ۽ اثرائتي نموني سان ماڻهن جي صحت ۽ ماحوليات جو ايٽمي اثرن کان تحفظ ڪرڻو پوندو.

ليکڪ فزڪس جا ڄاڻو، نيو ڪليئر هٿيارن ۽ نيو ڪليئر انرجي جا ماهر آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو