Home / بلوچستان / گريٽر بلوچستان ۽ تاريخي حقيقتون!
above article banner

گريٽر بلوچستان ۽ تاريخي حقيقتون!

ramzan chandoبلوچ به اسان سنڌين وانگر مظلوم قوم آهي. 1947ع کان سنڌين ۽ بلوچن سان ظلم ۽ ستم، ڏاڍ، جبر، ڦرلٽ، استحصال جاري آهي. ٻنهي قومن جو استحصال پنجاب ڪري ٿو. سنڌي ۽ بلوچ پنهنجن حقن لاءِ وڙهندا پيا اچن. ٻنهي قومن ڪيترائي پنهنجا ڪونڌر ڪهايا آهن.

اسان سنڌي، بلوچن جي حقن ۽ خودمختياري جا حامي آهيون پر بلوچ قومپرست اڳواڻن، سردارن ۽ قومي ڪارڪنن جي انهيءَ سوچ جا حامي نه آهيون ، جيڪو هو گريٽر بلوچستان يا ”عظيم تر بلوچستان“ جو نعرو هڻن ٿا.

بلوچ اڳواڻ اڪثر پنهنجن ڪتابن، رسالن، انٽرويوز، اخباري بيانن ۾ انهيءَ ڳالهه جو اظهار ڪندا رهندا آهن. بلوچ اڳواڻن جي ”عظيم تر بلوچستان“ جي نقشي ۾ سنڌ به شامل آهي. بلوچ اڳواڻ پنهنجي دعويٰ ۾ ڪڏهن سڄي سنڌ ته وري ڪڏهن ڪراچي، جيڪب آباد، سکر، شڪارپور، روهڙي، قمبر، شهدادڪوٽ ۽ کيرٿر جي ڪجهه ڀاڱن وغيره تي دعويٰ ڪندا رهندا آهن.

juli  31-40 b

بلوچ اڳواڻن جو اهو به چوڻ آهي ته اسان وٽ دستاويزي ثبوت آهن. جڏهن ته تاريخي سچائي اِها آهي ته ذري گهٽ هي سڄو ”ايشيا کنڊ“ ڪنهن وقت ۾ ملڪ سنڌ سڏبي هئي. هند-هندو-هفت هندو-هندڪو-هندي-هندستان-اند-انڊو-انڊس- انڊيا نالا سنڌ تان کنيل آهن.

هاڻوڪو سڄو پاڪستان قديم سنڌ جي ڌرتي تي ٺهيل آهي. اِن قديم سنڌ بابت هڪ راءِ اها به آهي ته بلوچستان-ايراني بلوچستان-اڌ ايران- افغانستان-هندستان-سريلنڪا-چين-انڊونيشيا-ڪشمير وغيره سنڌ آهي. قديم سنڌ جون سرحدون آسٽريليا تائين هيون. افغانستان-بلوچستان-ڪشمير-سرائيڪي بيلٽ-گجرات (ڀارت واري) ڪڇ ڀُڄ-راجستان مارواڙ جا قديم ماڻهو سنڌي نسل جا آهن.

خود بلوچستان جا اصل ۽ قديم رهاڪو سنڌي آهن. بلوچ ته خود بلوچستان ۾ چوٿين صدي عيسوي ۾ ٻاهران آيا آهن. پوءِ ”عظيم تر بلوچستان“ جو نعرو ڪيئن ٿا هڻن؟!! بلوچن جي چوٿين صدي عيسوي ۾ بلوچستان ۾ اچڻ بابت ڊاڪٽر الهه رکيو ٻُٽ لکي ٿو ته:

اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته بلوچ قبيلا بلوچستان جا اصلوڪا رهاڪو نه آهن پر انهن مڪران ۽ بلوچستان ۾ چوٿين صدي عيسوي کان اچڻ شروع ڪيو هو، بلوچ قبيلن جي اچڻ کان اڳ هن خطي ۾ دراوڙ، عرب، ايراني، بروهي، راجپوت ۽ جت گهڻي تعداد ۾ رهندا هئا.

(ڪتاب سماٽ ص نمبر 31)

مير رحيم داد خان مولائي شيدائي لکي ٿو ته:

تاريخ ٽالپرن جي بيان ڪرڻ کان اڳ پڙهندڙن کي معلوم هئڻ کپي ته سنڌ ماٿري ۾ جيڪي بلوچن جي وجود کي ٽالپرن جي دور کان تسليم ڪن ٿا اهو تصور غلط آهي. بلوچستان دراصل سنڌ جو حصو آهي. (ڪتاب تاريخ تمدن سنڌ ص نمبر 579)

ٻئي هنڌ مولائي شيدائي لکي ٿو ته:

بلوچستان ۽ خراسان ٻئي اقليم سنڌ جا صوبا آهن.

(ٽماهي مهراڻ اپريل-سيپٽمبر 1961ع)

احمد يار بلوچ لکي ٿو ته:

بلوچستان ۾ بلوچن جي آمد مختلف گروهن جي صورت ۾ مرحليوار ٿي، قديم مسڪن ”حلب“ وشام مان هجرت جو آغاز تقريبن چوٿين صدي عيسوي ۾ ٿيو.

(ڪتاب تاريخ بلوچ قوم و خوانين بلوچ ص نمبر 38)

صادق علي بلوچ لکي ٿو ته:

زابلستان بلوچن جو قديم وطن آهي.

(تاريخ بلوچان هند ص نمبر 40)

موسيٰ خان جلال زئي لکي ٿو ته:

تاريخ بلوچستان مان هي ڳالهه واضح ٿي ته جڏهن بلوچ قوم ڪرمان مان مڪران جي طرف مهاجر ٿي ته ان وقت انهن جو سردار جلال خان هو (تاريخ بلوچستان ص نمبر 16)

پيڪولين لکي ٿو ته:

اڪثر بلوچ پنهنجو پاڻ کي عربن جو اولاد سمجهن ٿا ۽ حلب (شام) کي پنهنجو پهريون وطن چون ٿا. انهي طرح سان حلب بلوچن جو پيدائشي وطن آهي. (ڪتاب ”بلوچ“ ص نمبر 30 م – پيڪولين مترجم ڊاڪٽر شاهه محمد مري)

ڪامران اعظم جنجوعه لکي ٿو ته:

هي قوم قديم دور ۾ عربستان ۾ ڪربلا، دجله، فرات جي گودي ۽ حلب جي مرغزارن ۾ ۽ ايراني سرحد سان گڏوگڏ آباد هئي. (ڪتاب بگٽي قبيلا ص نمبر 48)

ڪامران اعظم اڳيان لکي ٿو:

هڪ روايت مطابق جڏهن بلوچ حلب مان لڏپلاڻ ڪري ڪرمان ۾ آيا ته 44 فرقا هئا پر سڀ کان وڏو سردار اعلمش رومي هو (ساڳيو ڪتاب ص نمبر 55)

مٿيون سڀ ڳالهيون ثابت ٿيون ڪن ته بلوچ خود ٻاهران آيل آهن. بلوچستان انهن بلوچن جو اصل وطن ناهي. پوءِ ”عظيم تر بلوچستان“ جو نعرو ۽ نظريو غلط ۽ بي بنياد آهي. تاريخ ۾ بلوچستان جو نالو نادر خان افشار جي ڪاهه وقت سنه 1738ع ۾ ٻڌڻ ۾ آيو. اُن کان اڳ ته بلوچستان نالي ڪو ملڪ رهيو آهي ۽ نه ئي ڪو بلوچ بادشاهه رهيو آهي.

بلوچستان قديم سنڌ جو حصو رهيو آهي. موجوده بلوچستان اڳ ڪيچ مڪران، لسٻيلا، قلات، سيوي (سبي)، وغيره جي نالي سان سڏيو ويندو هو. ”مهر ڳڙهه جي تهذيب“ به اسان سنڌين جي آهي جيڪا 9 هزار سال پراڻي آهي. قلات ۽ لسٻيلا رياست جا حڪمران به بلوچ ڪون هئا. لسٻيلي جا حاڪم سما (سماٽ) رهيا آهن ۽ قلات جا حاڪم بروهي، جيڪي دراوڙي نسل جا سنڌي آهن. بروهين جو بلوچن سان ڪو به نسلي ۽ لساني تعلق نه آهي.

بلوچ اڳواڻن جو اهو موقف به درست نه آهي ته ڊيره غازي خان ۽ ڊيرا اسماعيل خان بلوچن جا آهن. ڊيره غازي خان ۽ ڊيره اسماعيل خان (گڏيل ڊيره جات) جاباني ”دودائي“ هئا، جيڪي بلوچ نه پر سومرا هئا/آهن. ڊيره غازي خان، ڊيره اسماعيل خان، بهاولپور، بهاول نگر، صادق آباد، رحيم يار خان، ڊيره نواب، سنجرپور، ڄامپور، حاصل پور، چينيوٽ، ماڇڪو، سبزل ڪوٽ، جاباني ۾ حڪمران سنڌي هئا. دودائي، هوت، دائودپوٽا، ماڇي، چڍڙ سنڌي آهن نه عرب ۽ نه ئي بلوچ آهن. بلوچ قومپرست سردارن جو اهو موقف پڻ غلط آهي ته:

جت به بلوچ آباد آهن اوستائين بلوچستان جي حد آهي ۽ مٿيون موقف به غلط آهي. ڇو ته بلوچ سعودي عرب، عمان ۾ به آباد آهن هندستان ۾ گجرات، لکنئو، دهلي ۾ به آباد آهن. ڇا پوءِ اهي سڀ علائقا عظيم تر بلوچستان جا ڀاڱا ٿي پيا….؟

ائين ته سڄي دنيا ۾ سنڌي رهن ٿا پوءِ اسان سنڌي به ائين چئون ته سڄي دنيا اسان سنڌين جي آهي.؟

بلوچن جيڪو 25 ڊسمبر 1932ع ۾ “عظيم تر بلوچستان” جو نقشو ٺاهيو آهي (ڏسو ڪتاب تاريخ بلوچستان مصنف موسيٰ خان جلال زئي) اهو ته عزيز ڪرد جو هٿ ٺوڪيو نقشو آهي پر وسيع سنڌ جا نقشا تاريخ جي ڪتابن ۾ ڀريا پيا آهن. ڪراچي کان بندر عباس تائين سمونڊ به تاريخ ۾ سنڌي سمونڊ يا سنڌو ساگر سڏبو هو نه ڪي بلوچي سمونڊ، سنڌي سمونڊ کان آر بي سمونڊ ۽ عربي سمونڊ سڏيو ويو آهي.

1975ع تائين بلوچستان جي پنهنجي الڳ ڪورٽ به ڪان هوندي هئي. 1964ع ۾ سنڌ جا ڪافي علائقا ڪٽي جهڙوڪ جهٽ پٽ، نصيرآباد، تعلقو اوستو، جعفرآباد، جهل مگسي، ڊيرا الهيار، مراد جمالي وغيره بلوچستان ۾ شامل ڪيا ويا. بلوچ اڳواڻن کي پنهنجي سوچ بدلائڻي پوندي. بلوچ اڳواڻن کي کپي ته سنڌي قوم سان سهڪار ڪن ۽ ٻيئي قومون گڏجي پنهنجن حقن لاءِ وڙهن. انهيءَ ئي ڳالهه ۾ سنڌين ۽ بلوچن جو ڀلو آهي. ”عظيم تر بلوچستان“ جي نعري مان سنڌي، بلوچ تضاد اڀرندا جيڪي ٻنهي قومن لاءِ ٺيڪ نه آهن. خود سنڌ ۾ آباد بلوچ جيڪي مڪمل سنڌي ۽ سنڌي قوم جو حصو آهن انهن تي به خراب اثر پوندا….

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو