Home / ڪرنٽ افيئر / اولهه جي ملڪن سان ايران جو معاهدو؛ دنيا جي امن ڏانهن موٽ!
above article banner

اولهه جي ملڪن سان ايران جو معاهدو؛ دنيا جي امن ڏانهن موٽ!

aijaz20 جولاءِ 2015ع تي گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل دنياجي ڇهن طاقتور ملڪن جن ۾ آمريڪا، روس، فرانس، برطانيه چين ۽ جرمني شامل آهن، ايران سان ٿيل معاهدي جي توثيق ڪري ڇڏي آهي. هاڻي گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل پاران مڙهيل سموريون پابنديون آهستي آهستي ختم ٿي وينديون ۽ ايران واپس دنيا جي ملڪن سان سياسي، ثقافتي سماجي ۽ واپاري لاڳاپا بحال ڪري سگهندو.

اهو معاهدو گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي پنجن ملڪ جيڪي ويٽو پاور جي حيثيت رکن ٿا. انهن ۽ جرمني سان ٿيو آهي. سيڪيورٽي ڪائونسل جي 15 ملڪن (جيڪي نان ويٽو پاورس) ۾ اچن ٿا انهن به ان جي توثيق ڪئي آهي.

انهي معاهدي جي ڊاڪيومينٽ ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي ته ايران پنهنجي سمورين نيوڪليئر سهولتن کي باقاعده معائني لاءِ کوليندو ۽ پر امن حيثيت ۾ امن نيوڪليئر ٽيڪنالاجي تي ڪم ڪندو. انٽرنيشنل ايٽامڪ انرجي ايجنسي (IAEA ) کي اهو اختيار هوندو ته اها ڪنهن به وقت ايران جي سمورن نيوڪليئر هنڌن جو معائنو ڪري سگهندي. ۽ IAEA سرٽيفيڪٽ جاري ڪندي ته ايران جو نيو ڪليئر ٽيڪنالاجي تي هلندڙ ڪم پر امن آهي.

دنيا جي لڳ ڀڳ ملڪن ان معاهدي سان سک جو ساهه کنيو آهي ۽ فقط اسرائيل انهي معاهدي کي هڪ تاريخي غلطي قرار ڏنو آهي. اسرائيل جي وزيراعظم بينجن نيتن ياهو چيو آهي ته ايران ٺاهه جي ڀڃڪڙي ڪندو ۽ پنهنجي نيوڪليئر پروگرام کي جاري رکندو.

گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي معاهدو پاس ٿيڻ کان پهرين يورپين يونين جي پرڏيهي وزير پنهنجي هڪ گڏجاڻي ۾ ايران سان ٿيل ڇهن ملڪن جي معاهدي جي توثيق ڪئي آهي. انهي سان ايران تي يورپين يونين طرفان مڙهيل سموريون پابنديون آهستي آهستي ختم ڪيون وينديون.

july (a) 14

ايران سان ٿيل انهي معاهدي جو سڀ کان اهم مرحلو آمريڪا جي ڪانگريس مان منظوري آهي. آمريڪا جي ڪانگريس کي اهو معاهدو 20 جولاءِ تي موڪليو ويو آهي، جيڪو ضروري آهي ته 60 ڏينهن اندر پاس ڪيو وڃي، جيڪڏهن پاس نه ٿيو ته آمريڪا جي صدر براڪ اوباما کي ڪانگريس جي فيصلي کي ويٽو ڪرڻ جو حق حاصل آهي. ياد رهي ته آمريڪا مسلسل گذريل ٻن سالن کان ايران سان معاهدي جي حق ۾ ڪوششون ڪندو رهيو.

دنيا جي 6 طاقتور ملڪن آمريڪا، برطانيه، فرانس، جرمني ، روس ۽ چائنا سان ايران جي طاقتور ٽيم جي لڳاتار 18 ڏينهن گڏجاڻين کان پوءِ اهو تاريخي معاهدو طئي ٿيو آهي.

ياد رهي ته انهي ڊيل جو هڪ اهم حصو اهو آهي ته ايران جيڪڏهن پابندي سان معاهدي تي عمل نه ڪيو يا ڪنهن به قسم جي ڀڃڪڙي ڪئي ته پوءِ ايران کي وڌيڪ سخت پابندين کي منهن ڏيڻو پوندو.

انهي ڊيل کانپوءِ برطانيه، جرمني، فرانس ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ايران سان پنهنجا سفارتي لاڳاپا ٻيهر بحال ڪرڻ تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.

ايران جي صدر آيت الله علي خامنه اي انهي ڊيل کي ايران ۽ ايران جي عوام لاءِ فائديمند قرار ڏنو آهي. ياد رهي ته انهي ڊيل کي ايران جي پارليامينٽ مان به پاس ٿيڻو آهي ۽ انهي کانپوءِ ايران جي سپريم ڪائونسل جي توثيق پڻ ضروري آهي.

ايران جي عوام انهي معاهدي تي ڏاڍي خوشي نظر اچي ٿي پر ايران جا سخت گير سوچ رکندڙ سياستدان انهي ڊيل جي خلاف نظر اچن ٿا. اهو وقت ٻڌائيندو ته ايران جي حڪومت انهي ڊيل کي پارليامينٽ مان ڪيئن ٿي پاس ڪرائي ۽ سخت گير موقف رکندڙ سياستدانن کي ڪيئن ٿي منهن ڏي.

سعودي عرب به انهي ڊيل تي پنهنجا ڪجهه خدشا ضرور ظاهر ڪيا آهن پر ڊيل جي آجيان ڪندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته ايران انهي ڊيل تي پابند رهندو ۽ نار ۾ پر امن ملڪ جي حيثيت سان ڪم ڪندو.

هڪ طرف ميصرن جو اهو به خيال آهي ته آمريڪا نار جي ملڪن جي مسئلن مان جند ڇڏائڻ لاءِ اهو رسڪ کنيو آهي. آمريڪا ويٽنام جي جنگ کانپوءِ هڪ دفعو ٻيهر دنيا جي مختلف جنگين جو حصو بڻجي ڌٻڻ۾ ڦاسندو پيو وڃي ۽ هاڻ انهي ڌٻڻ مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

پاڪستان انهي ڊيل کي پنهنجي پاڙيسري ملڪ ايران لاءِ فتح قرار ڏنو آهي ۽ اميد ظاهر ڪئي آهي ته انهي ڊيل سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ بهتر ٿيندا ۽ پاڪستان ايران گئس پائيپ لائين تي جلد ڪم شروع ڪيو ويندو.

ايران سان ٿيل ڊيل جو وڌ ۾ وڌ فائدو اسلامي ملڪن کي ٿيندو ۽ نار جي ملڪن کي امن ڏانهن وڌڻ جو هڪ موقعو ملندو. ايران جو خطي ۾ وڌيڪ مضبوط ڪردار سامهون ايندو ۽ ايراني عوامي جا باقي دنيا سان رابطا بحال ٿيندا. ايران باقي دنيا سان گڏجي گلف ملڪن ۾ اڀرندڙ مختلف تحريڪن کي منهن ڏيندو. ايران جي لاءِ انهي ڊيل تي عمل ڪرڻ تمام ضروري آهي.

ايران سان ٿيل معاهدي جا خاص نُڪتا!

 آمريڪا ۽ يورپين يونين معاهدي کانپوءِ ايران تي مڙهيل پابنديون ختم ڪندا.

 پابنديون ايران سان مختلف ملڪن جي ٿيندڙ واپار، تيل ۽گئس جي درآمد تان هٽايون وينديو

 گذريل ٽن ڏهاڪن کان ايران جي جهاز راني تي مڙهيل پابنديون ختم ٿينديون ۽ قومي ايرانين تيل ڪمپنين، ايرانين شپنگ لائنز، ايران جهاز ڪمپني ۽ ٻين ادارن سان گڏ عوام جي چر پر تي بندش ختم ٿيندي.

 ايران دنيا جي مارڪيٽ مان ڪي به شيون خريد ڪري سگهندو

 ايران جا لڳ ڀڳ هڪ سئو بلين ڊالر جيڪي مختلف بينڪن طرفان فريز ڪيا ويا هئا اهي ايران کي واپس ڪيا ويندا.

 ايران تي هٿيارن جي مسئلي ۾ خريد و فروخت تي 5 سال کان وڌيڪ پابنديون لڳائي وئي آهي، پر ايران جي گذارش تي هٿيارن جي ڊيل لاءِ ڪيس ٽو ڪيس جي بنيادن تحت اجازت ڏني ويندي.

 ايران پنهنجي سموري نيو ڪليئر اثاثن جو باعائده معائنو ڪرائيندو ۽ IAEA کان سرٽيفڪيٽ حاصل ڪندو. ايٽامڪ انرجي ايجنسي IAEA معاهدي کانپوءِ تقريبن 24 ڏينهن اندر معائنو ڪرڻ شروع ڪندي.

 ايران يورينيم سينٽريفيوجز جو 2 ڀاڱي 3 حصو 10 سالن اندر ختم ڪندو.

aakhuwaja@gmail.com

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو