Home / ڪور افيئر / ٻوڏ جي صورتحال: موسمياتي تبديليون ۽ ناقص حڪومتي ڪارڪردگي!
above article banner

ٻوڏ جي صورتحال: موسمياتي تبديليون ۽ ناقص حڪومتي ڪارڪردگي!

Nasir Panhwarخاص ڪري ٿر، ڪاڇو ۽ ڪوهستان جيڪي گذريل ڪيترن سالن کان ڏڪار جي حالت ۾ هئا اتي پلر جي پالوٽ ٿي آهي. جيتوڻيڪ موسميات کاتي پاران هن سال ملڪ جي ڏاکڻي حصي ۽ بلوچستان ۾ چوماسي جي گهٽ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي هئي ۽ ڏڪار جي شدت ۾ پڻ واڌ جي ڳالهه ڪئي وئي. اها پيشنگوئي سائوٿ ايشيا ڪلائيميٽ فورم پاران ڪئي وئي هئي، جنهن خطي ۾ موسمي تبديلين بابت سالياني تحقيق جاري ڪندي چولستان، ٿرپارڪر ۽ بلوچستان ۾ ڏڪار جي حوالي سان خراب حالتن جي باري ۾ آگاهي ڏني. جڏهن ته ساڳي تحقيق ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته ڪشمير، اپر پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ وڌيڪ برساتون پونديون جنهن جي نتيجي ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي. اهو بهرحال ممڪن ناهي ته موسم بابت ڪيل اڳڪٿيون سئو سيڪڙو صحيح ثابت ٿين. موسميات کاتي وٽ صرف ستن ڏينهن جي صحيح اڳڪٿي ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي.

بهرحال هن وقت تائين اترين علائقن خاص ڪري سنڌو درياهه جي ڪيچمينٽ ۾ شديد برساتن کان پوءِ سنڌو درياهه ۾ ٻوڏ آهي، جڏهن ته گليشيئر ڳرڻ جي ڪري به ٻوڏ جي شدت ۾ اضافو ٿيو آهي. خاص ڪري چترال ضلعي ۾ ٻوڏ ڪافي نقصان ڪيو آهي. چترال ۾ ٻوڏ جا ٻه بنيادي ڪارڻ آهن جنهن ۾ هڪ ته برساتون ۽ ٻيو گليشيئر ليڪ آئوٽ برسٽ فلڊ (گلاف) شامل آهن. موسمي تبديلين جي ڪري نه رڳو گليشيئرن تي منفي اثر پئجي رهيا آهن پر موسمن جي شدت ۾ پڻ واڌ ٿي رهي آهي، جنهن ۾ تيز ۽ اڻ مندائتيون برساتون شامل آهن.

سنڌ ۾ ٻوڏ جي صورتحال

2010ع ۾ وڏي ٻوڏ آئي، جنهن کي مها ٻوڏ به چئجي ٿو. ان ٻوڏ جي شروعات به مٿين علائقن کان ٿي پر سنڌ تائين پهچڻ ۾ ان کي چڱو وقت لڳي ويو پر هن دفعي چوماسي جون برساتون سنڌ ۾ به شرو ع ٿي ويون هيون ۽ گڊو بئراج وٽ سنڌو جو وهڪرو پنج لک ڪيوسڪ تائين پهچي چڪو هئو. ياد رهي ته سنڌ جي بئراجن جي صلاحيت ٻارهن لک ڪيوسڪ تائين آهي. سنڌو درياهه جي وهڪرن ۾ تيزيءَ سان اضافو ٿيو جيڪو حڪومت جي اندازي کان وڌيڪ هئو. ٻوڏ جي سنگيني کي محسوس ڪندي لاڳاپيل ادارن سنڌ ۾ ايمرجنسي جو اعلان ڪيو جنهن کان پوءِ ڪچي مان لڳ ڀڳ ٽي لک ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي پر ڪيترن هنڌن تي ڪچي جي ماڻهن سرڪاري ڪئمپن ۾ منتقل ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. مجموعي طور تي ٻوڏ ڪچي ۽ ڊيلٽا لاءِ فائديمند ثابت ٿيندي آهي. خاص ڪري ڪچي جي ٻيلن لاءِ پاڻي جو اهم وسيلو هر سال اونهاري ۾ ايندڙ ٻوڏ ئي آهي. درياءَ ۾ ايندڙ پاڻي جي گهربل مقدار سان ئي ٻيلن جي واڌ ويجهه ممڪن آهي ۽ ڪچي جي سموري ماحولياتي نظام جي بقا درياهه جي وهڪرن سان ڳنڍيل آهي.

juli  31-20 b

سنڌ ۾ ڪچي جا ٻيلا حڪومت جي غلط پاليسين سبب تباهه ٿي چڪا آهن، جڏهن ته سنڌ ۾ ٻيلن جا انگ اکر خود ٻيلي کاتي وٽ به ناهن ته ٻيلا ڪيترا بچيا آهن. آخري سروي ويهه سال اڳ ڪئي وئي. درياهه تي ڊيم ٺاهڻ جي ڪري به ڪچي ۾ ايندڙ سالياني پاڻي جي مقدار ۾ گهٽتائي آئي آهي، جڏهن ته سنڌو درياهه مان ڪيترائي ڪئنال ۽ لنڪ ڪئنال پڻ ڪڍيا ويا آهن جن ڪچي جي صورتحال کي ويتر خراب ڪيو آهي. درياهه جي پيٽ ۾ زمينداري بند ٺاهي درياهه جي فطرت کي تباهه ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻيلن جي جاءِ تي هاڻي مختلف فصل پوکيا پيا وڃن. بهرحال ٻوڏ جي ڪري ڪچي جي معيشت تي چڱا اثر ٿين ٿا ته فطري ماحول ۾ به بهتري اچي ٿي، خاص ڪري جر ٻيهر بحال ٿئي ٿو، اهو ئي سبب آهي ته ڪچي کي جر جي پاڻي جي بينڪ چيو وڃي ٿو. سو درياهه جيستائين بندن جي اندر وهي پنهنجي آخري منزل سمنڊ تائين پهچي ٿو تيستائين ته ڪو نقصان ناهي پر هاڻي اصل امتحان آبپاشي کاتي جو آهي ته کاتي پاران 2010ع جي مها ٻوڏ کان پوءِ انهن بندن کي ڪيترو مضبوط ڪيو ويو آهي. بندن جي مضبوطي لاءِ آبپاشي کاتي کي وڏي بجيٽ به ڏني وئي پر ڏٺو وڃي ته اڃا تائين ٻوڏ کي منهن ڏيڻ ۽ ڪمزور بندن جي مضبوطيءَ لاءِ گهربل قدم نه کنيا ويا آهن. ڪيتري عرصي کان آبپاشي کاتي جهڙي اهم کاتي کي بنا وزير جي هلايو پئي ويو، جنهن مان سنڌ سرڪار جي سنجيدگي ظاهر ٿئي ٿي.

مها ٻوڏ کان پوءِ سنڌ سرڪار ٻوڏ جي بچاءَ لاءِ گهربل قدم کڻڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. اڃا تائين درياهه مان خانگي زمينداري بند ختم ڪرڻ لاءِ ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي ۽ نه ئي انهن ماڻهن کي ڪا سزا ملي آهي.

جيتوڻيڪ هن وقت تائين حڪومت دعويٰ ڪري رهي آهي ته اها ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي ۽ 2010ع ۾ به ان وقت جي آبپاشي سيڪريٽري شجاع جوڻيجو اها دعويٰ ڪئي هئي ته بند مضبوط آهن ۽ ڪنهن به بند ٽٽڻ جو خطرو ناهي. پوءِ سندس اها دعويٰ غلط ثابت ٿي ۽ مها ٻوڏ جي ڪري سنڌ کي وڏو نقصان ڀوڳڻو پيو. تنهن جي ڪري هاڻي به اهو خطرو بهرحال موجود آهي. گذريل ٻوڏ جي نتيجي ۾ آبپاشي کاتي جي ڪيترن ئي ڪامورن کي معطل ڪيو ويو هئو پر بعد ۾ اهو چئي کين بحال ڪيو ويو ته 2010ع جي ٻوڏ قدرتي آفت هئي ۽ ان ۾ ڪا به انساني مداخلت نه هئي.

ٻئي طرف تيل ۽ گئس ڪمپنين پاران به درياهه ۾ غير قانوني بند ٺاهيا ويا آهن، جيڪي سنڌو درياهه جي قدرتي وهڪري ۾ وڏي رڪاوٽ ثابت ٿي رهيا آهن. او جي ڊي سي ايل پاران گهوٽڪي ضلعي جي قادرپور واري علائقي ۾ درياهه جي پيٽ ۾ گئس جي کوهه تائين پهچڻ لاءِ هٿرادو بند ٺاهيو ويو آهي، ساڳي طرح پي پي ايل پڻ ڪشمور ضلعي ۾ ڪي ڪي بند وٽان درياهه جي پيٽ ۾ اٽڪل هڪ ميل ڊگهو اپروچ بند ٺاهيو ويو آهي. ٻئي اپروچ بند درياهه جي قدرتي وهڪرن ۾ رڪاوٽون وجهي رهيا آهن. سنڌ حڪومت ان سلسلي ۾ وفاق سان رابطو ڪري هن اهم مسئلي جي نشاندهي پڻ ڪرائي چڪي هئي پر ان جي باوجود تيل ۽ گئس ڪمپنيون اهي بند ختم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون آهن.

شهرن ۾ ٻوڏ:

سنڌ جي شهرن تي آبادي جو دٻاءُ وڌي رهيو آهي، جنهن ڪري شهرن ۾ بنا رٿابنديءَ جي تيزيءَ سان واڌ ٿي رهي آهي. شهرن ۾ گندي پاڻي ۽ خاص ڪري برساتي پاڻي جي نيڪال جو مسئلو سنگيني اختيار ڪندو پيو وڃي. حيدرآباد ۾ تازو 70 ملي ميٽر برسات پئي ته قاسم آباد ٻڏڻ لڳو. جيڪڏهن برسات بند نه ٿئي ها ته شايد هتي به ٻيڙيون گهرائڻيون پون ها. سنڌ جي شهرن سان الميو اهو آهي ته رهائشي اسڪيمون پهرين ٺهن ٿيون ۽ ڊرينيج ۽ ٻيون سهولتون پوءِ ٺاهيون وڃن ٿيون. نتيجي ۾ پاڻيءَ جي نيڪال جا فطري گس بند ڪيا وڃن ٿا، جيڪي شهري فطرت جي اصولن جي ڀڃڪڙي ڪري ٺاهيا ويندا آهن، جنهن ڪري اهي ڪنهن به لحاظ کان پائيدار ناهن، تنهن جي ڪري ضروري آهي ته شهري رٿابنديءَ جي اصولن جي تحت شهر ٺاهيا وڃن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو