Home / سنڌ افيئر / چين پاڪستان اقتصادي ڪوريڊور ڇا سنڌ پنھنجي قديم سِلڪ رُوٽ راھداريءَ واري حيثيت وڃائي ويٺي ؟
above article banner

چين پاڪستان اقتصادي ڪوريڊور ڇا سنڌ پنھنجي قديم سِلڪ رُوٽ راھداريءَ واري حيثيت وڃائي ويٺي ؟

Naseer Ejazچين پاڪستان اقتصادي ڪوريڊور China Pakistan Economic Corridor CPEC رٿا تي لکڻ مھل سوچيان ٿو ته ھن ڀيري سنڌي ساڃاھه وندن کان سوال ڪريان ته ان رٿا تي عمل سان سنڌ ۽ سنڌين کي به ڪو فائدو ٿيندو؟ يا اسان سنڌي پاڻ انھيءَ رٿا مان ڪو لاڀ حاصل ڪرڻ لاءِ تيار آھيون يا اھڙي سگھه رکون ٿا؟ اھي سوال ڪيترن ئي سنڌين جي ذھن ۾ ولوڙ پيدا ڪري رھيا آھن ـ ڪن جا ذھن اڃا منجھيل آھن ته ڪن پنھنجي ذھن ۾ خاڪا ٺاھي ڇڏيا آھن ـ ڪي سنڌي ان رٿا جي سمورن پاسن کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن ـ اھڙي ڪوشش تازو سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جي صدر سيد جلال محمود شاھه به ڪئي جنھن ان رٿا بابت پنھنجي پارٽيءَ جي پاليسي ٺاھڻ لاءِ جھوني ڪاموري سيد محب الله شاھه کي CPEC متعلق بريفنگ ڏيڻ لاءِ حيدر منزل تي ڪوٺيو ھو ـ

ھن رٿا تي سنڌي توڙي ٻين ٻولين جي اخبارن ۽ رسالن ۾ گھڻو ڪجھه لکيو ويو آھي ۽ ٽي وي چئنلن تي بحث مباحثا ٿيا آھن، پر ھتي مختصر نموني ٻڌائڻ ضروري آھي ته چين پاڪستان اقتصادي ڪوريڊور اصل ۾ قديم زماني واري واپاري شاھراھه جي بحالي آھي جنھن کي سِلڪ رُوٽ يا سِلڪ روڊ Silk Route/Road چيو ويندو ھو ـ سنڌ وٽ پنھنجو سمنڊ ۽ زميني رستا ۽ مخصوص جاگرافيائي بيھڪ ھجڻ ڪري اُن جي وڏي اھميت رھي آھي ۽ انھيءَ ڪري ٻه اڍائي ھزار ورھيه اڳ به سنڌ سِلڪ رُوٽ جو اھم حصو رھي آھي، جتان چين جا ٻُڌ واپاري به سنڌ وارن سان توڙي سنڌ جي رستي باقي دنيا سان واپار ڪندا ھئا ـ

juli  31-30 b

سيد محب الله شاھه، جنھن وڏن اھم عھدن تي ڪم ڪندي وفاقي سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ رٽائر ڪيو ھو، تنھن پنھنجي ڳالھه ٻولھه جي شروعات به انھيءَ قديم زماني واري سِلڪ رُوٽ سان ڪئي جنھن چين کي زميني ۽ سامونڊي رستن جي ذريعي روم سان ڳنڍي ڇڏيو ھو ـ “ان واپاري شاھراھه ايشيا لاءِ وڏي خوشحالي آندي جنھن جو اندازو ان مان ڪري سگھجي ٿو ته پندرھين عيسوي صديءَ تائين دنيا جي اڌ دولت رُڳو ايشيا ۾ ھئي،” محب الله شاھه چيو ـ ايشيا ۽ يورپ کي واپار ذريعي ڳنڍيندڙ اھا شاھراھه ان وقت متاثر ٿي جڏھن تُرڪيءَ ۾ خلافت قائم ٿي ۽ زميني رستن ۾ رنڊڪ پئي ـ اُن وقت يورپ وارن سامونڊي رستا ڳولي جڏھن ايشيا ۾ پنھنجي مال لاءِ منڊيون ھٿ ڪرڻ ۽ ايشيا جي وسيلن کي پنھنجي لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو ته ايشيا جي اقتصادي حالت خراب ٿيڻ لڳي ـ ايئن پنج سئو ورھيه اڳ يورپ حاوي ٿي ويو ۽ ايشيائي وسيلن جي آڌار مچي مست ٿي ويو ـ

“ھاڻ ايشيا وري اقصادي شينھن بڻجي اُڀري رھيو آھي ـ اقصادي سگھه جي اھا منتقلي Power Shift ٻڌائي ٿي ته ايڪيھين صدي ايشيا جي آھي ۽ سِلڪ رُوٽ جي بحالي انھيءَ ڏَس ۾ ھڪ اھم قدم آھي،” محب الله شاھه پنھنجو خيال ڏيکاريو ـ

قديم زماني واري سِلڪ رُوٽ به اقتصادي مفادن خاطر قائم ٿيل ھئي ۽ اُن جي بحاليءَ پُٺيان به ساڳيا ئي مقصد ۽ مفاد آھن ـ نئين رٿا ۾ ناردرن يا اُتريون ڪوريڊور (سمرقند ۽ بخارا کان ويندڙ)، سينٽرل ڪوريڊور (ايران وٽان لنگھندڙ) شامل آھن جيڪي يورپ تائين واپاري رستي جو ڪم ڏيندا جڏھن ته ٽيون ڪوريڊور سدرن يا ڏاکڻو ڪوريڊور آھي جيڪو چين کي پاڪستان رستي عرب ۽ آفريڪي ملڪن سان ڳنڍيندو ـ اسان سنڌ وارن جو واسطو ان ٽئين يعني ڏاکڻين ڪوريڊور سان آھي جنھن ۾ وري ٽي رُوٽ تجويز ڪيا ويا آھن جن کي اُلھندو، وچون ۽ ڏاکڻو رُوٽ چئجي ٿو ۽ انھن مان به وري ڏاکڻو رُوٽ سنڌ کي ڇُھندو گوادر تائين وڃي ٿو جيڪا نئين واپاري راھداريءَ جي اصل منزل آھي ـ قديم زماني ۾ سنڌ راھداري فراھم ڪندي ھئي پر ھاڻي نئين نظام ۾ سنڌ کان اھا حيثيت کسجي وئي ـ گوادر کي توڻي جو ڪراچيءَ سان ڳنڍيو ويو آھي ۽ مٿان ايندڙ شاھراھون سنڌ جي ڪجھه حصن مان لنگھنديون پر توڙ ڪنديون گوادر تي ـ انھيءَ سموري رٿا مان وڏو فائدو ته چين کي ٿيندو پر چين ان فائدي خاطر پنھنجون صنعتون پاڪستان ۾ منتقل ڪندو جنھن سان ملڪ ۾ معاشي بھتري ته ٿيندي پر چين پاڪستان جي سستي پورھيت ۽ وسيلن مان لاڀ وٺي پنھنجو مال گھٽ خرچ تي تيار ڪري ٿوري وقت ۽ گھٽيل پنڌ جي ڪري ٽرانسپورٽيشن جي گھٽ خرچ تي عرب ۽ آفريڪي ملڪن جي مارڪيٽن ۾ موڪليندو ـ پاڪستان سان ڪيل ٺاھه موجب چين 46 ارب ڊالر ان رٿا تي خرچ ڪندو جنھن لاءِ ايشين انويسٽمينٽ اينڊ افرااسٽرڪچر بينڪ Asian Investment and Infrastructure Bank AIIB قائم ڪئي وئي آھي جنھن مان چيني ڪمپنيون فنڊ وٺي پاڪستان اندر توانائي ۽ ٻين شعبن جي رٿائن تي ڪم ڪنديون جيڪي گھڻو تڻو پنجاب ۾ ھونديون ـ

پر سوال آھي ته ان سموري رٿا مان سنڌ کي ڇا ملندو؟ سيد محب الله شاھه ان جو جواب ھن ريت ڏنو : “جڏھن سنڌ کي چيو ويو ته اوھان ڇھه صنعتي زون تجويز ڪريو ته سنڌ حڪومت ھڪ ھڪ زون سکر، خيرپور ۽ لاڙڪاڻي لاءِ تجويز ڪيو جڏھن ته ٽي زون ڪراچيءَ لاءِ رکيا جيڪو اڳئي ڳُتيل صنعتي شھر آھي ـ ڪراچيءَ ۾ وڌيڪ صنعتي زون قائم ڪرڻ بدران ڪوٽڙي، گھارو يا ٻئي ڪنھن ھنڌ تجويز ڪيا وڃن ھاـ”

سيد محب الله شاھه، جنھن شھيد بينظير ڀُٽو جي زماني ۾ شاھبندر ۽ ڪيٽي بندر کي جديد زماني جا بندر ٺاھڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ورتيون، تنھن جو خيال ھو ته پاڪستان واري ڏاکڻي راھداري سنڌ جي ڏاکڻي علائقي مان لنگھڻ گھرجي ھا ۽ گوادر سان گڏوگڏ شاھبندر ۽ ڪيٽي بندر کي انٽرنيشنل پورٽ طور ترقي وٺرائي وڃي ھا ـ “ڪراچي ۽ بن قاسم بندرن تي سٺ ستر ھزار ٽن وزني جھازن کان وڌيڪ وزن وارا جھاز لنگر نٿا ھڻي سگھن پر ڪيٽي بندر ۽ شاھبندر وٽ ٽي لک ٽن وزن تائين وارا جھاز به اچي سگھن ٿا ـ مون سورھن سال اڳ شاھبندر جي فزيبلٽي تيار ڪرائي ھئي ۽ اُھا اڄ به موجود آھي ـ جيڪڏھن سنڌ جي لاڙ واري علائقي مان راھداري لنگھي ھا ۽ اُھا شاھبندر سان ڳنڍجي ھا ته سنڌ کي وڏو فائدو ٿئي ھا ـ”

ان سموري مامري مان اندازو ٿيو ته چين کانپوءِ سڀ کان وڏو فائدو پنجاب کي ٿيندو ـ خيبر پختونخواھه وارا به زور بار وجھي راھداريءَ کي پنھنجي پاسي ڇڪي ويا ـ چين کان ايندڙ قراقرم ھاءِ وي (شاھراھه ريشم) ته ھونئن به خيبر پختونخواھه جي ھزاره ڊويزن مان لنگھندي اڳتي اچي ٿي ـ پر سنڌ ته پنھنجي قديم راھداريءَ واري حيثيت وڃائي ويٺي ۽ سنڌ جي موجوده حڪومت 2012-13 کان وٺي ڪجھه نه ڪري سگھي جڏھن CPEC جو فيصلو ٿيو ھو ـ

ھاڻي جڏھن سنڌ ويچاري بڻجي انھيءَ ٿورڙي حصي تي به الله جو شُڪر ادا ڪري راضي ٿي ويھي رھي آھي تڏھن وري سنڌين جي ذھنن ۾ انديشا اُڀرن ٿا ته شاھراھون ٺھڻ، صنعتون لڳڻ ۽ وڻج واپار وڌڻ جي نتيجي ۾ سنڌ اندر ڌارين جون لوڌون ڪاھي پونديون ۽ سنڌي ماڻھو اقليت ۾ بدلجڻ سان گڏ اقتصادي طور بدحال ٿي ويندا ـ تڏھن ڪي ماڻھو سوال پُڇن ٿا ته ڇا انھن انديشن جي ڪري ترقيءَ جون واٽون بند ڪري ڇڏجن؟ ھزارين ورھين کان ڌارين جون لوڌون سنڌ ۾ اينديون رھيون آھن ـ انگريز به آيا ته ھنن سنڌ کي جديد دنيا جي دڳ تي لاتو، روڊ رستا ٺھيا، ريل گاڏيون ھليون، ٽپال، ٽيليفون ۽ ٽيليگراف سرشتا رائج ٿيا ۽ تعليم جو جديد نظام مليو ـ سِلڪ رُوٽ قديم زماني ۾ به ھو ته ھاڻي اُن جي بحاليءَ ۾ ڪھڙو ھرج آھي ؟ قديم زماني کان جيڪي لوڌون سنڌ ۾ اينديون رھيون، انھن کي اسان ڪھڙو روڪي سگھياسين؟ اھڙا سوال ڪندڙن جو چوڻ ھو ته ته ترقيءَ جا رستا بند نه ڪرڻ گھرجن ـ “ٻيو ته ٺھيو، ڪراچي حيدرآباد موٽر وي ٺاھڻ واري رٿا سان ته سنڌ کي ئي فائدو ھو، پر سنڌ جي ڪن تنظيمن ته ان رٿا خلاف به ھڙتال ڪئي،” سندن چوڻ ھو ـ

انھيءَ سموري پسمنظر ۾ سنڌ جي سڄاڻ ڌُرين کي ڳُوڙھي ويچار کانپوءِ ڪو فيصلو ڪرڻو پوندو ـ جيڪڏھن اُھي پاڻ ۾ سگھه سمجھن ٿيون ته پوءِ سنڌ جي قديم راھداريءَ واري حيثيت بحال ڪرائڻ، شاھبندر ۽ ڪيٽي بندر کي انٽرنيشنل پورٽ طور ترقي وٺرائڻ ۽ ڌارين جي لوڌن کي روڪڻ لاءِ جاکوڙ ڪن يا ٻي حالت ۾ نئين سِلڪ رُوٽ واري رٿا جي روشنيءَ ۾ سنڌين کي پاڻ پنھنجي صنعت ۽ ڪاروبار ذريعي پنھنجي اقتصادي قوت وڌائڻ لاءِ تيار ڪن ـ

ليکڪ سينيئر صحافي ۽ دانشور آهي هي ليک خاص افيئر ميگزين لاءِ لکيائين

ِ nasiraijazpk@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو