Home / ڪور افيئر / اسلام آباد ۾ ڌرڻا نواز شريف کي ڇاجي سزا ڏني پئي وڃي؟
above article banner

اسلام آباد ۾ ڌرڻا نواز شريف کي ڇاجي سزا ڏني پئي وڃي؟

Razak Khatiزميني حالتن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ان ڳالهه جي پڪ ٿئي ٿي ته جيستائين هي اکر ڇپجي اوهان تائين پهچن تيستايئن ملڪ جون سياسي حالتون يا کڻي ائين به چئي سگهجي ٿو ته نظام ئي تبديل ٿي چڪو هوندو، ان کان پوءِ ڇا ٿو ٿئي ، ڪنهن کي ڪيترو حصو ملي ٿو، ن ق ع کان پوءِ هڪ نئين مسلم ليگ “چ” به سامهون اچي سگهي ٿي، پر جيڪو به ٿيندو، ان جو اسڪرپٽ اڳ ئي تيار ٿي چڪو آهي، جنهن تي مختلف وقتن تي ڪم ٿيندو رهيوآهي، پر هن دفعي ڊائريڪٽر وڏي دانائي سان اهو سڀ ڪجهه ڪيو، آهي، جنهن جو کيس گهڻي وقت کان انتظار هو.

هن سياسي ڊرامي رچائڻ جا ٻه بنيادي مقصد آهن، هڪ ته سولين سيٽ اپ جو گهڻو هلي وڃڻ ۽ ماڻهن جو ان ڳالهه ۾ ويساھ پيدا ٿيڻ ته پاڪستان جهڙي مريض جو هوميو پيٿڪ جمهوريت ذريعي ئي علاج ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته مريض جي حالت اهڙي آهي، جنهن ۾ هاڻي خاڪي سرجري جي دٻ جهلڻ وس ۾ ناهي،ڪيئر ٽيڪر ايلوپيٿي مسئلن جو حل ناهي، ان ڪري مريض سور به کائي پر دوا اها ئي فرق ڪندي، وقت گهڻو لڳندو، پر مريض هلي پوندو، عوام جي ان ويساھ جي ڪري پاڪستان جي نظام کي سالن کان هلائيندڙن لاءِ پريشاني فطري هئي، طاقت جو سرچشمو عوام آهي، واري نعري ۾ ڀلي ڇڪ هجي، پر حقيقت جو تعلق گهٽ ۾ گهٽ هن ملڪ ۾ ناهي، ان ڪري هن دفعي حڪمت عملي تبديل ٿي، جيئن ته گذريل 15 سالن دوران پاڪستان ۾ طاقت جا توازن تبديل ٿيا آهن، اڳي رڳو جاگيردار سياستدان ۽ ڪامورا هوندا هئا، جيڪي پهرين ڏينهن کان پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ جا ٻڌا ٻانها رهيا آهن، پر انهن جي جاءِ تي سرمائيدارن ۽ ميڊيا جي وڏن گروپن ۽ عدليه جي صورت ۾ نيون طاقتون سامهون آيون آهن، جنهن ڪري پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ حالتن جي تبديلي سان پنهنجي پاليسين کي به تبديل ڪيو آهي، ايئن به ناهي ته ڪو هن کي عوام سان همدردي پيدا ٿي پئي آهي، ان ڪري هن پنهنجي طاقت جو حصو به انهن جي کاتي ۾ چاڙهي ڇڏيو آهي، پر هن دانائي سان اهو سڀ ڪجهه ڪيو آهي، هاڻي جيڪڏهن ملڪ اندر نظام جي تبديلي يا وزيراعظم جي تبديلي جهڙا معاملا سامهون اچن ٿا ته پوءِ اهو ئي ڪم شروع ٿيندو، جيڪو انهن ڊائريڪٽرن جي اسڪرپٽ ۾ لکيل آهي.

August 15, 2014   16

اداڪارن جي چونڊ

هن وقت پاڪستان جي گادي واري شهر جي ريڊ زون ۾ هزارين ماڻهو موجود آهن، جن ۾ عورتن جو به وڏو انگ آهي، پاڪستان عوامي تحريڪ جنهن جي اڳواڻي علامه طاهرالقادري ڪري رهيو آهي، ان جي لانگ مارچ واري ڌرڻي ۾ عورتن جو وڏو انگ ريڊزون ۾ ئي موجود رهي ٿو، اهو انگ ڪيڏانهن به نٿو وڃي، جڏهن ته تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ واري ڌرڻي ۾ عورتن جو وڏو انگ نظر اچي ٿو پر اهو رڳو رات جو ئي نظر ايندو آهي، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ 90 سيڪڙو عورتون مقامي آهن، پي ٽي آءِ جي ڌرڻي ۾ رات جو چار چنڊ لڳندا آهن،. جن کي ڏسڻ لاءِ شهر مان ٻيا نوجوان به اچي پهچندا آهن، اهڙن نوجوانن لاءِ هن وقت سڀ کان وڌيڪ تفريح جي پوائنٽ ريڊ زون ئي آهي ، سڀ ڪجهه آهي، جيڪو عام ڏينهن ۾ اسلام آباد ۾ ايڏي وڏي انگ ۾ نظر نٿو اچي، هاڻي ته ڊيٽس به اتي ئي فڪس ٿين ٿيون. قادري واري ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيندڙ ن کي کڻي آيل لاتعداد بسون شهر جي مختلف علائقن ۾ بيٺل آهن، جيستائين قادري جا مطالبا پورا نٿا ٿين تيستائين انهن جو ميٽر هلي ٿو، ڪيترائي اهڙا نواجون مليا ، جيڪي گهوٽڪي واري ڪچي جا هئا، کين 20 هزار رپيا مهيني جي پگهار تي آندو ويو آهي، روزانو هزارين ماڻهن کي ماني به کارائي وڃي ٿي، جيڪا گهٽ ۾ گهٽ ٻه ٽائيم تي ڏني وڃي ٿي، مولانا قادري جا انتظام وڌيڪ بهتر پر منظم انداز ۾ آهن، جڏهن ته عمران خان واري ڌرڻي ۾ ڪي پي ڪي جي نوجوانن جو انگ وڌيڪ آهي، باقي ڪجهه سنڌ جا ماڻهو به نظر اچن ٿا، بلوچن جو ڪٿي ڪو ڏس پتو ناهي، پنجاب جو ماڻهو آهي، پر ايترو ناهي، باقي پنڊي ۽ اسلام آباد جا مقامي ماڻهو آهن جيڪي رات جو ريڊ زون پهچي عمران خان جي انهي رنگين لانگ مارچي ڌرڻي کي چار چنڊ هڻن ٿا، اها رقم ڪٿان اچي ٿي، انهن ٻنهي پارٽين جيڪي اليڪشن ڪميشن وٽ پنهنجا اثاثا ڏيکاريا آهن، اهي ته منجهند جي ماني جي خرچ کان به گهٽ آهن.

هاڻي جيڪڏهن انهن لانگ مارچن جو ٿورو ويجهڙائي سان جائزو وٺجي ته اسان ڏسون ٿا ته 14 آگسٽ تي اهي ٻئي لانگ مارچ هڪ ئي ڏينهن لاهور مان نڪرن ٿا، ۽ هڪ ئي ڏينهن رات جو اسلام آباد پهچن ٿا، ان بعد انهن کي هڪ ٻئي سان گڏ ڌرڻي جي جاءِ الاٽ ڪئي وڃي ٿي، ان بعد جڏهن اهي ٻئي اڳواڻ پنهنجي هزارين ڪارڪنن سان گڏ ريڊ زون ڏانهن چڙهائي ڪن ٿا ته ان جو به هڪ ئي وقت طئه ڪيو وڃي ٿو، ان بعد اهي ڪنٽينر هٽائيندا ريڊ زون پهچن ٿا، ۽ گڏ ميدان لڳائي ويهن ٿا، پارليامينٽ جو ان وقت گهيرو ٿئي ٿو، جڏهن وزيراعظم قومي اسيمبلي ۾ اچي ٿو، ڌرڻي ۾ موجود هزارين ڪارڪنن مان هڪ ڊزن کن ڪارڪن صحافين کان پنهنجي منهن اها به پڇا ڪن ٿا ته پارليامينٽ جا ٻيا گيٽ ڪهڙا آهن، وزيراعظم هائوس ڏانهن ويندڙ ٻيا رستا ڪهڙا آهن، اهو سڀ ڪجهه هڪ حڪمت عملي تحت ٿئي پيو، ريڊ زون ۾ موجود سرڪاري عملو ڄڻ يرغمال آهي، فوج جا جوان انهن ادارن جي اندر موجود آهن. جڏهن ته سيڪيورٽي جا 3 تهه آهن، پهرين ۾ پوليس، ٻئي ۾ رينجرس ۽ ايف سي ۽ ٽئين ۾ فوج آهي، عمران خان هر روز رات جو سلطان راهي جو روپ ڪري وزيراعظم کي للڪاري ٿو، پارليامينٽ جي ميمبرن کي گهٽ وڌ ڳالهائي ٿو، ۽ ڪنهن مهل ته هو اهو سڪندر لڳي ٿو، جنهن سال کن اڳ ۾ جناح ايونيو تي پنهنجي زال سان گڏ سڄي انتظاميا کي يرغمال بڻائي ڇڏيو هو.

هاڻي اچو ته ان ڳالهه تي سوچيون ته اهو سڀ ڪجهه ڇو ٿي رهيو آهي، پاڻ هنن ئي ڪالمن ۾ مختلف وقتن تي اهو ذڪر ڪندا آيا آهيون ته ميان نواز شريف پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ سان دغا ڪئي ، عمران خان جي ڌاندلين وارن الزامن جي جيڪڏهن جاچ ٿئي ته اڇا ڪارا ڇڻي پوندا، پر ائين نٿو ٿئي، ميان صاحب جي نامزدگي ته 11 مئي 2013 ع کان بحيثيت وزيراعظم اڳ ئي ٿي چڪي هئي، عمران خان تي اسان جي ادارن گهڻو ڀروسو ان ڪري نٿي ڪيو ته ڪجهه ڪمپني فالٽ هئا، تنهن ڪري هن دفعي وري به ميان صاحب تي اعتبار ڪيو ويو، پر جنهن اڪثريت سان هو وزيراعظم ٿيو ته هن اچڻ ساڻ پنهنجا تيور ئي تبديل ڪري ڇڏيا، افغانستان جي صدارتي چونڊن جو معاملو آيو ته قومي سلامتي جي اجلاس ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته افغانستان ۾ صدارتي چونڊون ٿي رهيون آهن، جتي عبدالله عبدالله جي ڪاميابي يقيني ٿيندي پئي وڃي،جنهن تي وزيراعظم “ هاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي” وارو سوال ڪرڻ بدران مورڳو اها ڳالهه ڪئي ته اسان افغانستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪنداسين، اتان جو عوام جيڪو فيصلو ڪري اسان کي قبول هوندو، وزيراعظم جي اها ڳالهه “ انهن ” کي گهڻي خراب لڳي، ان کان اڳ ۾ مشرف واري معاملي تي به بد دلي پيدا ٿي چڪي هئي، مودي جي حلف برداري ۾ ميان صاحب جي شرڪت به ناگوار گذري، ان ڪري هاڻي صرف ٻه آپشن بچيا آهن يا ته ميان نواز شريف پنهنجي ڪرسي خالي ڪري پاڻ ان جاءِ تي جنهن کي چاهي ويهاري، يا سڀ ڪجهه ٻهاري نئين سر ڪو سيٽ اپ جوڙيو وڃي.

ان لاءِ حالتون پيدا ڪرڻ لاءِ عمران خان ۽ قادري جي چونڊ ان ڪري به فيوريٽ هئي ته اهي ٻئي ن ليگ جي سياسي لڇڻن جي ڪري ان هٿان ڏنگيل هئا، عمران خان هڪ سال کان چئن تڪن تي ٻيهر ڳڻپ جا مطالبا ڪندو رهيو، هن پاڻ قومي اسيمبلي ۾ اها ڳالهه ڪئي ، حڪومت پاران چيو ويو ته چار تڪ اوهان جا ۽ چار اسان جيڪي چئون ٿا انهن تي ٻيهر ڳڻپ ڪرايون ٿا، جنهن تي عمران خان هائوڪار به ڪئي پر سرڪار کي شايد خوف گهڻو هو يا مڳي وڌيڪ هئي ان ڪري هنن عمران جي ڳالهه کي اهميت ئي نه ڏني، ان دوران چوڌري نثار ۽ وزيراعظم وچ ۾ ويڇا وڌي ويا، جنهن ڪري فوج سان ويجهڙائي جو ذريعو پيدا ڪندڙ نثار به پري ٿي ويو، عمران خان کي چوڌري نثار روڪي پئي سگهيو، پر نثار جڏهن پاڻ پاسيرو ٿيو ته عمران خان کي اڳتي ڪيو ويو، ان دوران ماڊل ٽائون واري سانحي قادري لاءِ سامان پيدا ڪيو ۽ اهڙي ريت اهو سڄو ماحول تيار ٿيو جنهن جو اسٽِيج هن وقت اسلام آباد جي پارليامينٽ هائوس آڏو موجود آهي، عمران خان ڪنهن به صورت ۾ ميان نواز شريف جي استيعفا کان گهٽ ڪنهن به مطالبي تي نه بيهندو، جيڪڏهن هو وزيراعظم جي استعيفا کان سواءِ ڪنهن به ٻئي مطالبي کي مڃڻ لاءِ راضي ٿيو ته سندس پارٽي سياسي سگهه وڃائي ويهندي. حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته سول نافرماني جي تحريڪ جو اعلان هن پاڻ ذاتي طور تي ڪيو، ۽ ان لاءِ پارٽي جي ڪور ڪميٽي کي به اعتماد ۾ نه ورتو، هن پاران جڏهن ٻئي ڏينهن ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ ميمبرن جي استيعفا جو معاملو آيو ته مٿس شديد تنقيد ٿي ته هن پارٽي کي سول نافرماني واري معاملي تي اعتماد ۾ ڇو نه ورتو، جنهن تي کيس معذرت به ڪرڻي پئي، پر هن کي اهو به يقين ڏيارڻو پيو ته ان سڄي معاملي جي پويان ڪير به ناهي، جيتوڻيڪ اڪيلي سر عمران خان اهو فيصلو نٿو ڪري سگهي، اهو به انهي اسڪرپٽ جو حصو آهي.

هاڻي ٻه آپشن آهن، هڪ اهو ته يا ميان نواز شريف پاڻ استيعفا ڏئي پنهنجي جاءِ تي ڪوبه ٻيو ماڻهو وزيراعظم چونڊرائي، يا ڪنهن وڏي خوني منظر جي شروعات ٿئي ۽ ان دوران خاڪي اچي وڃن ۽ معاملو ويڙهي نئون سيٽ اپ ٺاهيو وڃي، ريڊ زون واري ڊرامي بعد هڪ ڳالهه ته طئي آهي ته ميان صاحب هاڻي اهڙيون ارڏايون نه ڪندو، شرط اهو آهي ته جيڪڏهن بچي وڃي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو