Home / سياسي افيئر / اعتراضن جو جواب جي ايم سيد جو سوشلزم ۽ ڀُٽي جو اسلامي سوشلزم
above article banner

اعتراضن جو جواب جي ايم سيد جو سوشلزم ۽ ڀُٽي جو اسلامي سوشلزم

Naseer Ejaz“افيئر” ميگزين جي 15 جولاءِ واري شماري ۾ منھنجي مضمون “جي ايم سيد ۽ شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي سوشلسٽ نظرين جي ھڪجھڙائي” وڏو بحث ڇيڙي وڌو آھي ـ رسالي جي 15 آگسٽ واري شماري ۾ ان تي ٻه مضمون ڇپيا آھن ـ ڇپيل جوابي مضمون محترم عبدالخالق جوڻيجي ۽ محترم عبدالغني منگيءَ جا آھن ـ افسوس آھي ته مضمون جي روح تائين پھچڻ ۽ سمجھڻ بنا گھڻو ڪجھه لکيو ويو آھي ـ منھنجي ليک جا بنيادي نقطا ھن ريت ھئا : سائين جي ايم سيد جا ڀُٽو خاندان سان ذاتي يا خانداني تڪرارنه بلڪ سياسي ۽ نظرياتي نوعيت جا ھئا؛ ھن سر شاھنواز ڀُٽي سان گڏ سياست ڪئي ۽ مختلف وقتن تي سنڌ پيپلز پارٽيءَ جي نالي سان پارٽي به ٺاھي؛ اھڙي ئي سنڌ پيپلز پارٽيءَ (سنڌي عوامي جماعت) جو منشور سوشلزم تي ٻڌل ھو، جنھن جو ذڪر سائين جي ايم سيد 1953 ۾ اليڪشن جي موقعي تي پارٽيءَ جي پاليسي ۽ پروگرام بابت لکيل مضمون ۾ ڪيو آھي (ڪتاب: چونڊ سياسي مضمون _ جي ايم سيد ـ صفحو 65 کان 70)؛ ذوالفقار علي ڀُٽي جو سنڌ پيپلز پارٽيءَ واري طرز تي پاڪستان پيپلز پارٽي ٺاھڻ ۽ پنھنجي پارٽيءَ لاءِ ساڳيو سوشلسٽ پروگرام اختيار ڪرڻ جنھن ۾ صنعتن ۽ ٻين وڏن ادارن کي قومي تحويل ۾ وٺڻ، بي زمين ھارين ۾ زمين ورھائڻ ۽ اَٽي، لٽي ۽ اَجھي جو نعرو شامل ھو ـ اھو ٻڌائڻ جو مقصد ھو ته ڀُٽي صاحب پنھنجي سياست لاءِ سائين جي ايم سيد جي سوشلسٽ پروگرام کي موزون سمجھيو ـ مون ون يونٽ مخالف محاذ ۾ ڀُٽي صاحب جي ھجڻ کانسواءِ ٻه ٻيون ڳالھيون به لکيون ھيون ته سائين جي ايم سيد ولي خان کي چيو ھو ته ھو ڀُٽي صاحب جي حمايت ان ڪري به ڪري رھيو آھي جو راجا ڏاھر کانپوءِ اھو پھريون سنڌي آھي جيڪو ڪراچيءَ کان ڪشمير تائين راڄ ڪري ٿو؛ ۽ ٻيو ته ھن شھيد بينظير ڀُٽو جي پھرين حڪومت ۾ سندس غيرمشروط حمايت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ھو ـ

عبدالخالق جوڻيجي صاحب منھنجي نقطن جي جواب ۾ رسالي جي ٽن صفحن تي مشتمل مضمون ۾ ھيءُ موقف اختيار ڪيو : 1948 ۾ سنڌ پيپلز پارٽي ٺھي ئي ڪانه ھئي بلڪ پاڪستان پيپلز آرگنائيزيشن جي نالي سان ملڪي سطح جي پارٽي ٺاھي وئي ھئي جنھن ۾ سر شاھنواز ڀُٽو ھيو ئي ڪونه؛ مون (خالق جوڻيجي) ڪٿي به ڪونه پڙھيو آھي ته سر شاھنواز جي اليڪشن ھارائڻ تي سائين جي ايم سيد کيس پنھنجي سيٽ جي آڇ ڪئي ھئي؛ ذوالفقار علي ڀُٽو ون يونٽ مخالف تحريڪ کان ڪوھين ڏُور ھو؛ سائين جي ايم سيد ڀُٽي صاحب جي چوڻ تي ھندستان ڪونه ويو ھو؛ سڀ کان وڌيڪ غلط بياني اھا آھي ته سائين جي ايم سيد 1973 جي آئين جي حمايت لاءِ ڪردار ادا ڪيو ۽ ولي خان کي حمايت لاءِ چيو ـ ھن درستي ڪندي لکيو ته 1972 واري عبوري آئين لاءِ سائين ولي خان سان مليو ھو، پر جوڻيجو صاحب اھو مڃڻ لاءِ تيار ڪونھي ته سائين جي ايم سيد ڀُٽي صاحب لاءِ ايئن چيو ھوندو ته ھو انھيءَ ڪري سندس حمايت ڪري ٿو جو ھُو راجا ڏاھر کانپوءِ ڪراچيءَ کان ڪشمير تائين راڄ ڪندڙ پھريون سنڌي آھي ـ ھن اھو به لکيو ته “ڀُٽي ڪارخانا حڪومتي تحويل ۾ وٺي وڏيرن ۽ چوڌرين جي حوالي ڪيا” ـ

ان سموري مضمون ۾ مون ڪٿي به سائين جي ايم سيد جي حيثيت گھٽائي ڀُٽي صاحب کي مٿاھون ڪري پيش نه ڪيو ھو ۽ نه ئي ڀُٽي صاحب جي سياسي چالبازين، پاليسين، انھن جي ڪاميابي ۽ ناڪاميءَ تي بحث ڪيو ھو ڇو ته اھو بلڪل الڳ موضوع ھو جنھن تي گھڻو ڪجھه لکي سگھجي ٿو ـ مون پنھنجي ليک ۾ ڪوشش ڪئي ته تاريخي ڳالھين جا حوالا ڏئي سائين جي ايم سيد بابت ان غلط پرچار کي رد ڪريان ـ مون تاريخي حوالن سان ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڀُٽي صاحب جو سوشلزم وارو پروگرام، جنھن کي ھن پنھنجي ملڪي سياست جي حساب سان اسلامي سوشلزم جو نالو ڏنو، اصل ۾سائين جي ايم سيد جو پروگرام ھو ـ ان حساب سان جيڪڏھن لکجي ته سندن سوشلسٽ پروگرام ۾ ھڪجھڙائي ھئي، ته ان سان ڪھڙو آسمان ڪري پيو ـ اسلامي سوشلزم بيشڪ ڪوبه وجود نٿو رکي جنھن کي ھرڪو سمجھي ٿو ۽ سائين جي ايم سيد به پنھنجي ڪتاب “سنڌ ڳالھائي ٿي” ۾ صفحي نمبر 335 تي ان کي رد ڪيو آھي ـ پر جيڪڏھن لفظ “اسلامي” ڪڍي ڇڏجي ته باقي پروگرام ساڳيو سائين جي ايم سيد وارو آھي ـ خُود سائين جي ايم سيد ڀُٽي صاحب ڏانھن موڪليل سندس تجويزن جو ذڪر ڪندي ساڳئي ڪتاب جي صفحي نمبر 284 تي لکيو آھي : “جيڪڏھن ھن وقت صاف گوئيءَ کان ڪم نه ورتو ويو ته ترقي پسند گروھن کي اڳتي ھلي رجعت پسند طاقت کي منھن ڏيڻ مشڪل ٿي پوندو ـ ان ڪري صدر صاحب (ڀُٽو) کي عرض ڪجي ٿو ته ان بابت صاف ذھن کان ڪم وٺي سيڪيولر نظام حڪومت واري پاليسي مرتب ڪري نه ته اھي قوتون سندس سوشلزم ۽ عوامي مفاد جي پروگرام ۾ چپي چپي تي مذھب جي نالي ۾ رنڊڪون وجھنديون رھنديون ـ” ھن پيراگراف ۾ سائين جي ايم سيد پاڻ ان کي سوشلزم ۽ عوامي مفاد جو پروگرام سڏيو آھي ـ صفحي نمبر 285 تي لکن ٿا : “ھن وقت مس مس عوامي طرح چونڊيل صدر اقتدار ۾ آيو آھي ـ سندس پارٽيءَ جي پروگرام ۽ واعدن ڪري مستقل مفاد کي ڪُک ۾ ڪان ھوندو ـ ممڪن آھي ته ھو سندس ھٽائڻ لاءِ ڪي طريقا استعمال ڪن، تنھنڪري اھو نھايت ضروري آھي ته سندن استحصال ختم ڪرڻ کان اڳ سندن وري اقتدار ۾ اچڻ جا رستا ۽ ذريعا ختم ڪيا وڃن ـ”

اصل ۾ 1972 جي شروعاتي حصي تائين سائين جي ايم سيد ڀُٽي صاحب جي ڀرپور مدد ڪئي جنھن ۾ ولي خان ۽ ٻين سياستدانن کي عبوري آئين جي حمايت لاءِ راضي ڪرڻ به شامل آھي ـ ان عرصي ۾ سائين جي ايم سيد ۽ ڀُٽي صاحب وچ ۾ خطن جي ڏي وٺ سان گڏ ملاقاتون به جاري رھيون جنھن جو ذڪر سائينءَ پنھنجي ڪتاب “سنڌ ڳالھائي ٿي” ۾ مختلف ھنڌن تي ڪيو آھي ـ

مان عبدالخالق جوڻيجي جي ان ڳالھه سان سھمت آھيان ته سائين جي ايم سيد 1973 واري آئين جي حوالي سان نه پر 1972 واري عبوري آئين جي حمايت لاءِ ولي خان سان ملاقاتون ڪيون ھيون ـ اصل ۾ ھڪ ڪچھريءَ ۾ دوست قمر راڄپر، جيڪو جوڻيجي صاحب جيترو ئي، ۽ شايد ان کان به پراڻو سياسي ڪارڪن رھيو آھي، ۽ نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ ۾ به شامل رھيو، ڀُٽي صاحب لاءِ ولي خان کي چيل سائين جي ايم سيد جا اھي جملا ٻُڌايا ھئا، جيڪي خُود ولي خان جا ساڻس بيان ڪيل ھئا ـ اھو ٻڌائيندي ممڪن آھي ته بي ڌيانيءَ ۾ قمر راڄپر 1973 جي آئين جي ڳالھه ڪئي ھجي يا مون ان کي غلط سمجھيو ھجي ـ

40  aug 15-2015

ڪجھه ڏينھن اڳ حيدر منزل تي سيد جلال محمود شاھه سان ڪچھري ٿي ته ھن به ٻڌايو :“1972 واري عبوري آئين لاءِ سائين تمام گھڻو سرگرم ھو ـ سائينءَ جي 1995 ۾ وفات کانپوءِ اسان تاريخي دستاويز ھٿ ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪوششن جي نتيجي ۾ راولپنڊيءَ جي ھڪ جھوني شخص سان رابطي ۾ آياسين جيڪو عبوري آئين واري ڪميٽيءَ جي ڪم جي ڊرافٽنگ ڪندو ھو ـ سندس چوڻ ھو ته سائين تمام گھڻو سرگرم ھو ۽ ڪافي ڀيرا اسان گڏجي ولي خان سان به ملياسين ـ”

جلال محمود شاھه ڀُٽي صاحب لاءِ ولي خان کي چيل سائين جي ايم سيد جي جملي بابت لاعلمي ڏيکاري پرجوڻيجو صاحب راجا ڏاھر کانپوءِ پھرين سنڌي حڪمران ھجڻ ناتي ڀُٽي صاحب جي حمايت واري ڳالھه کي رد ڪندي چوي ٿو :“سيد عالمگير انساني قدرن ۾ يقين رکندڙ مدبر ھو ڪو نسل پرست ڪونه ھو جو رُڳو سنڌي ھئڻ جي ناتي ڀُٽي جي حمايت ڪري ھا ـ”

جوڻيجي صاحب سان ته منھنجي ٽيھه پنجٽيھه سال پراڻي نيازمندي رھي آھي پر ٻيو نالو منھنجي لاءِ نئون آھي ـ ٻنھي دوستن ۽ خاص طور منگي صاحب تمام گھڻو جذباتي ٿي لکيو آھي ـ جوڻيجو صاحب پراڻو قومي ڪارڪن رھيو آھي، تنھنڪري سندس ليک ۾ اُھي شيون نظر به اچن ٿيون، پر منھنجي گذارش ھيءَ آھي ته سائين جي ايم سيد جي حياتي اٿاھه سمنڊ جيان ھئي، جنھن کي ھن ڪيترن ئي ڪتابن جي شڪل ۾ آندو ۽ ڪيتريون ئي ڳالھيون تحريري شڪل ۾ نه اچي سگھيون ۽ اڃا به انھن تي ڪم ڪرڻ جي گھرج آھي ـ مثال طور جيڪڏھن ون يونٽ مخالف محاذ ۾ ڀُٽي صاحب جي ڪردار تي لکبو ته يقينن جوڻيجي صاحب جي ڳالھه صحيح ثابت ٿيندي پر ڪنھن ٻئي پھلوءَ سان لکيل مضمون ۾ حوالو ڏبو، جيئن مون ڏنو، ته پوءِ منھنجي ڳالھه کي به رد نٿو ڪري سگھجي ـ ان لاءِ مان سيد جلال شاھه جو حوالو ڏيندس جنھن موجب حيدر منزل تي جڏھن ون يونٽ مخالف محاذ جي سلسلي ۾ سائين جي ايم سيد جي صدارت ۾ گڏجاڻي ھلي رھي ھئي ته ڀٽُو صاحب بي اچي نڪتو ـ گڏجاڻيءَ ۾ حيدر بخش جتوئي ۽ محمودالحق عثماني به موجود ھئا ـ حيدر بخش جتوئيءَ ڀُٽي صاحب جي موجودگيءَ تي اعتراض اُٿاريندي چيو ته ون يونٽ مخالف محاذ ۾ شامل ٿيڻ کان اڳ ڀُٽو پنھنجي آقائن کان ته اجازت وٺي ـ سائين جي ايم سيد بھرحال صدر جي حيثيت ۾ اختيار استعمال ڪندي ڀُٽي صاحب کي شريڪ ٿيڻ جي اجازت ڏني ۽ کيس ڪميٽيءَ جو ميمبر به ڪيو ويو، پر اُھا ٻي ڳالھه آھي ته بعد ۾ ڀُٽي صاحب خط لکي سرگرم ٿيڻ کان عذر ڏيکاريو ـ

بلڪل ايئن، مان اھو چوندس ته 1972 ۾ ولي خان سان ٿيل ملاقاتن ۾ خالق جوڻيجو صاحب موجود ڪونه ھو تنھنڪري وٽس ولي خان کي ڀُٽي صاحب بابت سائين جي ايم سيد جي چيل جملن کي رد ڪرڻ لاءِ ڪو ٺوس ثبوت ڪونھي ـ ان جو ثبوت مون وٽ به ڪونھي، پر بقول قمر راڄپر اھي جملا ولي خان ساڻن ڪچھريءَ ۾ ٻڌايا ھئا ۽ مان نٿو سمجھان ته ولي خان جھڙي وڏي ليڊر کي پنھنجي دل مان اھو جملو ٺاھي ٻڌائڻ جي ڪا ضرورت ھئي ـ ٻيو ته جيڪڏھن سائين جي ايم سيد ڀُٽي صاحب لاءِ اھي لفظ استعمال ڪيا ته ان سان ڪھڙو نسل پرستيءَ جو ٺپو لڳي ٿو، جيئن جوڻيجي صاحب لکيو آھي ـ بيشڪ سائين جي ايم سيد نسل پرست ڪونه ھو، پر ھُو سنڌي پرست ۽ سنڌ پرست به ھو ـ سيد کي سر شاھنواز ڀُٽي جي سياست جي به خبر ھئي جيڪو انگريز آقا جو وفادار ھو ۽ ذوالفقار علي ڀُٽي جي به ڄاڻ ھئي ته ڪيئن ھُو اسٽئبلشمينٽ جي سھاري سياست ڪري اقتدار تائين پھتو پر تڏھن به ھن ڄاتو ٿي ته دشمن قوتن جي رستا روڪ ڪرڻ لاءِ ڀُٽي صاحب جي حمايت ضروري آھي ـ انھيءَ ڪري سيد پاڻ ھيءَ تجويز ڏني ھئي ته جمھوريت جي بحاليءَ ۾ رنڊڪن کي منھن ڏيڻ لاءِ سڀ کان اول صوبائي حڪومتون ٺاھيون وڃن ـ “مرڪزي اسيمبليءَ سڏڻ ۾ دير ٿئي ته پرواھه ناھي ـ پر صوبائي وزارتون جلد ٺاھڻ ڏنيون وڃن ۽ ان اصول ھيٺ سنڌ ۽ پنجاب ۾ پيپلز پارٽيءَ وٽ حڪومت جون واڳون ھجن ۽ سرحد ۽ بلوچستان ۾ حڪومت ڪوليشن پارٽين حوالي ڪرڻ گھرجي (سنڌ ڳالھائي ٿي ـ صفحو 284) ـ سموريون ڪوششون ناڪام ٿيڻ کانپوءِ جڏھن سائين جي ايم سيد ڀُٽي صاحب مان نااُميد ٿي ويو ۽ محسوس ڪيائين ته ملڪ جي موجوده سرشتي ۾ قومي ۽ صوبائي حق ملڻ ممڪن ڪونھي، تڏھن ھن جُون 1972 ۾ سنڌو ديش جي تحريڪ شروع ڪئي (حوالو: ڪتاب “سنڌ ڳالھائي ٿي” صفحو 304 ۽ 305) ـ

سائين جي ايم سيد جي ھندستان وڃڻ جي حوالي سان مونکي به شڪ ھو ته ھو تڏھن ڪونه ويو ھو پر ڪنھن ھمعصر دانشور ان ڳالھه تي زور ڀريو، تڏھن به مون اھو لکندي “شايد” لفظ استعمال ڪيو ھو جنھن مان ھرگز اھو مطلب نٿو نڪري جيڪو جوڻيجي صاحب ورتو ـ باقي سيد کي ڀُٽي صاحب جا خط لکڻ ۽ کيس خاص ايلچي ڪري ھندستان موڪلڻ جي آڇ ڪرڻ، وري خاموش ٿي وڃڻ ۽ وري ھندستان جي دوري ۾ سائينءَ کي وفد ۾ شامل ڪرڻ ۽ سيد جي انڪار بابت ھر ڳالھه سائينءَ پاڻ رڪارڊ تي آڻي ڇڏي ھئي ـ

نيشنلائيزيشن بابت ڀُٽي صاحب تي جوڻيجي صاحب جو اھو الزام ته ھن ڪارخانا وڏيرن ۽ چوڌرين کي ڏئي ڇڏيا، وڏو ڀوڳ آھي جيڪو صرف ڀُٽو دشمنيءَ تي ٻڌل نظر اچي ٿو ـ ان تي الڳ لکڻ جي ضرورت آھي ۽ ان لاءِ رسالي جا ڪيئي صفحا کپن ـ

جوڻيجو صاحب منھنجي مضمون ۾ بينظير صاحبه لاءِ سائين جي ايم سيد جي ڏنل سوچ تي ماٺ رھيو آھي ـ کيس ان تي به ضرور خيالن جو اظھار ڪندي ڪجھه ٻڌائڻ گھرجي ھا، ڇوته بينظير صاحبه به پنھنجي شھيد پيءُ جيان سائينءَ سان رابطي ۾ رھندي ھئي ۽ سائين به کيس ھڪ اڌ ڀيرو ڪَيڪ سوکڙيءَ طور موڪلي چُڪو ھو ـ سيد جي سوچ وسيع ھئي، ھُو “جيھا جي تيھا، مون مارُو مڃيا” ۾ يقين رکندو ھو ـ

(خاص “افيئر” ميگزين لاءِ لکيل)

nasiraijazpk@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو