Home / شوبز / اڀيشيڪ ايشوريا کي جذبه ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ راضي ڪري ورتو
above article banner

اڀيشيڪ ايشوريا کي جذبه ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ راضي ڪري ورتو

August 31, 2014   8بالي ووڊ ڊائريڪٽر سنجي گپتا چيو آهي ته منهنجي نئين ايندڙ فلم ”جذبه“ ۾ ايشوريا راءِ کي ڪم ڪرڻ لاءِ راضي ڪرڻ لاءِ اڀيشيڪ بچن وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. ايشوريا جي ايندڙ فلم ”جذبه“ جي شوٽنگ ايندڙ سال جنوريءَ ۾ شروع ٿيندي. ايش هن فلم ذريعي بالي ووڊ ۾ چئن سالن کان پوءِ واپس ايندي. فلم جي ڊائريڪٽر سنجي گپتا ٻڌايو ته اڀيشيڪ اڪثر کيس ايش کي فلم ۾ واپسي جي لاءِ ڪنهن سٺي ڪردار جي انتظار جو ذڪر ڪندو رهندو هو ۽ هڪ وقت جڏهن کيس فلم ”جذبه“ جي اسڪرپٽ بابت ڳالهه ٻولهه ٿي ته اڀيشيڪ کي هن فلم جو اسڪرپٽ تمام وڻيو ۽ هن چيو ته ايشوريا هن فلم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ راضي ڪري وٺندس. هاڻ اڀيشيڪ پنهنجي گھر واريءَ کي فلم ”جذبه“ ۾ ڪم لاءِ راضي ڪري ورتو آهي.

هاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر فلمساز روهت شيٺي ساڳي مشهور جوڙيءَ کي پنهنجي فلم ۾ آڻڻ لاءِ ڪوششن ۾ رڌل آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو