Home / اسپيشل افيئر / بجرنگي ڀائي جان جي گيتا جو مندر
above article banner

بجرنگي ڀائي جان جي گيتا جو مندر

Akhtar Balochڪنهن به موڪل واري ڏينهن تي ڪراچي جي علائقي ميٺا در ۾ ڏاڍو سُڪون هوندو آهي. اُن ڏينهن ميٺا در جي علائقي ۾ توهان نهايت آرام سان وڃي سگهو ٿا. عام ڪاروباري ڏينهن ۾ ڪو ٻاهر وارو ڇا ويندو علائقي جا رهواسي به جيڪڏهن يارهين وڳي کان اڳ گهرن مان روانا ٿي وڃن ته گهر موٽڻ لاءِ رات جو 8 بجي يا ان کان پوءِ وارو وقت مناسب سمجهندا آهن.

اڄ مونکي ميٺا در ۾ هڪ اهڙي مندر جي ڳولا هئي جيڪو مسلمان جي گهر ۾ آهي، نه فقط اندر موجود آهي بلڪه ان جي حفاظت به ڪئي وڃي ٿي. مندر ۾ پوڄا ڪندڙ فقط هڪ ڇوڪري آهي، گهر جا ٻيا سمورا ڀاتي مسلمان آهن. مندر هڪ ڪمري ۾ آهي ليڪن گهر ڀاتي هجن يا ٻاهر جا ماڻهو، ڪو به اها جرئت نه ڪري سگهندو ته جوتن سميت اندر داخل ٿي وڃي. جيڪڏهن ڪو بي خياليءَ ۾ به ايئن ڪري ته گهر جي مالڪياڻي کيس چئي ڏيندي آهي ته “ڀائو جوتا لاهيو، اسان جي ڌيءَ ناراض ٿئي ٿي.” اِها عورت ٻي ڪا به نه بلڪه سماجي خدمت ۾ پاڻ مڃائيندڙ عبدالستار ايڌي جي گهرواري بلقيس ايڌي آهي. ان کي جيڪڏهن سماجي خدمتن جي حوالي سان خاتونِ اول چيو وڃي ته غلط نه ٿيندو. بلقيس بيبي خاتونِ اول ڪيئن ٿي، اها ڪهاڻي به توهان کي ٻڌائينداسين پر في الحال پاڻ ڳالهه ڪري رهيا آهيون سندن گهر ۾ مندر جي. هن جو ور مولانا آهي ۽ هن ايڌي صاحب سان ستر جي ڏهاڪي ۾ روڊ وسيلي حج ڪيو هو. آخر ڪهڙو سبب هو جو کين پنهنجي گهر ۾ مندر ٺاهڻو پيو؟

54  aug 15-2015

بلقيس ايڌي مُسڪرائيندي چيو ته “مون هي مندر گيتا لاءِ ٺهرايو آهي، گيتا اسان وٽ 11 سال اڳ ۾ آئي هئي لاهور جي بارڊر کان. تڏهن سندس عمر 11 سال هئي. هيءَ گونگي آهي ۽ ٻوڙي به آهي، جڏهن هوءَ هتي آئي هئي تڏهن سندس حرڪتن مان خبر پئي ته هوءَ مسلمان ناهي. هوءَ اشاري سان نراڙ تي تلڪ لڳائيندي هئي پوءِ آرٿي لاهڻ جو اشارو به ڪندي هئي، آئون سمجهي ويس ته هوءَ مسلمان نه بلڪه هندو آهي، پوءِ مون کيس ايڌي فائونڊيشن جي ٽين ماڙ تي هن کي مندر ٺهرائي ڏنو.”

“هاڻي هيءَ روزانو مندر ۾ ويندي آهي ۽ پوڄا ڪندي آهي، مون سان اشارن ۾ ڳالهائيندي به آهي. مون ڏاڍو سوچيو ته هتي ئي هن جي شادي به ٿي وڃي. آئون سندس اڳيان اشارن ۾ هٿن سان نراڙ تي سندور لڳائڻ جو اشارو ڪندي آهيان ليڪن هوءَ پنهنجي کاٻي هٿ سان هڪ اشارو ڪندي آهي ۽ پنهنجو هٿ هيٺ کان مٿي کڻي ويندي آهي، جنهن جو مطلب ٿئي ٿو هوائي جهاز. پوءِ هوءَ اشارن ۾ پنهنجي نراڙ تي سندور سجائيندي آهي، پوءِ شادي جا ڦيرا ڏيڻ جو به اشارو ڏيندي آهي.”

بلقيس ايڌي چيو ته “ڀارت وارن سان به سندس ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ليڪن سفارتخاني وارا چون ٿا ته جيڪڏهن هيءَ ڇوڪري ٻيهر ڀارت وئي ته پڪڙي ويندي. آئون هتي سندس لاءِ رشتو ڳولي رهي آهيان ليڪن هوءَ مڃي ئي نٿي. بس اشارو ڪري ٿي ته جهاز جو، پوءِ پنهنجي انداز مطابق انڊيا جو رخ ڪري ٿي، سندور به هڻي ٿي ۽ شادي جي ڦيرن جو اشارو به ڪري ٿي.” اڃا بلقيس ايڌي سان منهنجي ڳالهه ٻولهه ٿي رهي هئي ته منهنجي دوست فيصل ايڌي، عبدالستار ايڌي ۽ بلقيس ايڌي جي سڀ کان ننڍي پٽ مونکي چيو ته “ڀائو اختر 2 بجي انڊيا جي گرفتار ٿيل مهاڻن کي واپس وڃڻو آهي.” هن هڪ نوجوان کي چيو ته هو پنج هزار في ماڻهو جي حساب سان جلدي ۾ لفافا ٺهرائي وٺي. مون فيصل کي چيو ته “اڃا ته ساڍا ٻارنهن ٿيا آهن، 2 ٿيڻ ۾ اڃا ڪافي دير آهي.” فيصل چيو ته “163 ماڻهو آهن ۽ سڀني کي پئسا ڏيڻا آهن، جيڪڏهن هڪ منٽ هڪ ماڻهوءَ تي لڳائجي تڏهن به 3 ڪلاڪ لڳي ويندا.” مون چيو ٺيڪ آهي ٻئي ڀيري ايندس.

55  aug 15-2015

فيصل ڏاڪڻيون چڙهندي ٻڌايو ته “هي جيڪا فلم بجرنگي ڀائيجان ٺهي آهي اُها هن ٻارڙي گيتا جي ڪهاڻي تي ٺهيل آهي.” مون پڇيو اهو ڪيئن؟ تڏهن هن ٻڌايو ته هو گذريل ڪافي عرصي کان ڀارتي حڪومت ۽ غير سرڪاري تنظيمن سان رابطي ۾ آهي ليڪن هينئر تائين ڪجهه به ناهي ٿيو. منهنجو خيال آهي ته هي اسٽوري هوريان هوريان انهن تائين پهچي وئي هوندي ۽ پوءِ ان تي فلم ٺهي وئي. اسان وٽ ته هي اصل شڪل ۾ گيتا جي صورت ۾ موجود آهي. هاڻي گيتا جي اسٽوري کي ڪيش ڪرائڻ لاءِ ڪجهه سماجي ڪارڪن ميدان ۾ اچي ويا آهن پر انهن جو مقصد فقط نالو ڪمائڻ آهي.

بلقيس ايڌي منهنجي معلومات ۾ اهو به واڌارو ڪيو ته گيتا نماز به پڙهندي آهي. منهنجو اڳيون سوال اهو هو ته هن نماز ڪيئن سکي؟ تڏهن بلقيس ايڌي جو چوڻ هو ته جيئن ته ايڌي فائونڊيشن ۾ رهندڙ نياڻين ۽ عورتن جي اڪثريت مسلمان آهي ۽ فائونڊيشن ۾ نماز جي وقت ۾ نماز به پڙهنديون آهن، انهن کي ڏسندي ڏسندي گيتا به نماز شروع ڪري ڇڏي پر نماز کان پوءِ هوءَ پنهنجي ننڍڙي مندر ۾ پوڄا به ضرور ڪندي آهي. فائونڊيشن ۾ رهندڙ سموريون نياڻيون هُن جي مندر جو احترام ڪنديون آهن.

پوءِ بلقيس ايڌي ڏُکويل لهجي ۾ چيو ته “هاڻي هوءَ جوان ٿي وئي آهي، آئون چاهيان ٿي ته هتي ئي هن جي شادي ٿي وڃي پر ڇا ڪيان هن جي ٻولي ته فقط مان ئي سمجهان ٿي. هن جي ڳالهين مان لڳي ٿو ته انڊيا ۾ هن جو والد تمام گهڻو شاهوڪار آهي، ان ڪري هوءَ اشارن سان مونکي چوندي آهي ته هوءَ جهاز تي انڊيا ويندي. انڊيا وارن سان ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي، منهنجي نياڻي هتي رهندي يا اُتي، ان جو فيصلو ڪيئن ٿيندو، آئون بس اهو ئي سوچيندي رهندي آهيان.”

آئون نهايت هارايل دل سان ايڌي فائونڊيشن جي ٽين ماڙ کان هيٺ لهي آيس، مون کي گيتا جي ڪهاڻي نهايت مزيدار لڳي ليڪن پوءِ آئون سوچڻ لڳس ته ٿي سگهي ٿو ته پاڪستان ۾ ته بلقيس ايڌي پنهنجي گهر ۾ هڪ گونگي ۽ ٻوڙي نياڻي لاءِ مندر ٺاهيو، پوءِ سندس اشارن جي زبان سکي، ٿي سگهي ٿو ته ڀارت ۾ به ڪجهه ايئن ٿئي؟ سرحد جي هُن پار ۽ هِن پار لاتعداد گيتائون ۽ مُنا آهن جيڪي ڪنهن بلقيس ايڌي، فيصل ايڌي ۽ اهڙي ئي ڪنهن شخصيت جو انتظار ڪن ٿا جيڪي سندن اسٽوري تي فلم ٺاهڻ لاءِ نه بلڪه وڇڙيلن کي ملائڻ لاءِ ڪم ڪندا هجن.

آئون هي ڪٿا لکڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ به فيصل ايڌي سان ملڻ لاءِ ايڌي فائونڊيشن ويو هئس جتي گيتا سان منهنجي سرسري ملاقات به ٿي هئي. ان وقت مون سوچيو هو ته گيتا جي ڪهاڻي لکڻ ۽ سمجهڻ لاءِ ڊگهو وقت کپي ٿو. خير ڪجهه ڏينهن پوءِ آئون جڏهن گيتا جو انٽرويو ڪرڻ پهتس ته هن مُسڪرائيندي پنهنجي ساڄي هٿ جي پهرين آڱر سان هڪ گول دائرو ٺاهيو ۽ پنهنجي پيشاني تي هلڪو هٿ هڻندي پاڻ سان گڏ بيٺل هڪ بلوچ ڇوڪريءَ ڏانهن ڏٺو، آئون سمجهي ويس ته هوءَ مون بابت ڪجهه چئي رهي آهي. مون هُن ڇوڪريءَ کان پڇيو ته گيتا ڇا چئي رهي آهي. ته هن کلندي چيو ته “گيتا چئي رهي آهي ته هي وري اچي ويو.”

ان کان پوءِ گيتا پنهنجي ٻنهي هٿن سان هڪ مخصوص اشارو ڪيو. مون وري ڇوڪريءَ کان پڇيو ته هاڻي ڇا ٿي چوي؟ هن ٻڌايو ته گيتا چوي ٿي ته “هو ڏاڪڻيون چڙهندي لهندي ٿڪجي پئي آهي ۽ سندس پيرن ۾ سور ٿي رهيو آهي.” ڇوڪري موجب جڏهن گيتا جي ڪهاڻي منظر عام تي آئي ته ٽي وي چينلز ۽ صحافين جي اچڻ وڃڻ ۾ تمام گهڻو واڌارو ٿي ويو، جنهن ڪري کيس بار بار ٽين ماڙ کان گرائونڊ فلور تي اچڻو پوي ٿو.

ان موقعي تي عبدالستار ايڌي سان به ملاقات ٿي، هو ڪافي خوش نظر اچي رهيو هو. مون سندس خيريت پڇي ته هن مسڪرائيندي چيو “سئو سال جو ٿي ويو آهيان، بس سڀ ٺيڪ آهي.” هُن ڌيمي لهجي ۾ پنهنجي پٽ فيصل ايڌي کي به ڪجهه چيو. جڏهن مون فيصل کان پڇيو ته ايڌي صاحب ڇا چئي رهيو آهي، تڏهن فيصل مُسڪرائيندي ٻڌايو ته هو پڇي رهيو آهي ته انور مقصود ڇو آيو آهي؟ مون فيصل کي چيو ته تو کيس ڇا چيو؟ فيصل چيو ته مون کيس چيو ته هو رنگ جو ڀورو آهي ۽ هي بنهه ڪارو….!!

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو