Home / بلوچستان / برهمداغ بگٽي جو انٽرويو سرينڊر يا حڪمت عملي؟
above article banner

برهمداغ بگٽي جو انٽرويو سرينڊر يا حڪمت عملي؟

Naseer Memonڪيئي ورهيه اڳ مون هڪ دڪان تي لکيل ڏٺو “ڪشمير ڪي آزادي تڪ اڌار بند هي.” بلوچ اڳواڻ برهمداغ بگٽي جو تازو بيان پڙهي مون کي اهو جملو ياد اچي ويو، برهمداغ بگٽي جي بيان تي ٻن انتهائن وارا بيان ٻڌڻ ۾ آيا، سرڪاري ڌر سان واسطو رکندڙن ان بيان جي آجيان ڪئي ۽ ان کي بلوچستان مسئلي جي حل لاءِ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو، جڏهن ته بلوچستان اندر ويڙهاند ۾ رڌل يا سندن موقف جي حمايت ڪندڙ ڌرين ان بيان کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ ۽ آڻ مڃڻ سان ڀيٽيندي ان بيان کي ننديو.

برهمداغ جي بيان کي غور سان پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ڳالهه ايڏي سادي به ناهي جيتري نظر اچي ٿي. برهمداغ نهايت هوشياري سان پنهنجي ڳالهه ڪئي آهي، هن جي بيان ۾ ٻه اهم ڳالهيون آهن، هڪ ته هن چيو ته مان آزاد بلوچستان جي مطالبي تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار آهيان، جيڪڏهن بلوچ عوام ايئن چاهي ته، ٻي ڳالهه هن اها ڪئي آهي ته مان ڳالهين ٻولهين لاءِ تيار آهيان جيڪڏهن بلوچستان مان آپريشن ختم ڪري فورسز کي ڪڍيو وڃي. اهڙيءَ ريت هن هڪ طرف ڳالهين جا دروازا کوليا آهن ته ٻئي طرف اهڙا شرط لاڳو ڪري ڇڏيا آهن جيڪي اسٽيبلشمينٽ لاءِ مڃڻ سولا ناهن. برهمداغ هاڻي اهو چئي سگهي ٿو ته اسان ته ڳالهين لاءِ وک وڌائي آهي هاڻي اهو پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ تي ڇڏيل آهي ته اها ڪهڙي ورندي ٿي ڏئي.

جڏهن کان ڊاڪٽر مالڪ جي حڪومت آئي آهي سندس ڪوشش رهي آهي ته بلوچ آزادي پسندن سان ڳالهيون ٿي سگهن. ساڳي وقت هو پرڏيهه ۾ رهندڙ جلاوطن بلوچ اڳواڻن سان پڻ لڳاتار لهه وچڙ ۾ رهيو آهي. اهي ڳالهيون ان ڪري اڳتي نه وڌي سگهيون جو بلوچستان ۾ ٻه طرفي رتو ڇاڻ جا واقعا ساڳي شدت سان جاري رهيا آهن. بلوچ اڳواڻن جو موقف رهيو آهي ته هڪ طرف آپريشن هلي رهيو هجي ۽ گم ٿيل بلوچن جا لاش ڦٽا ڪرڻ جو سلسلو به جاري هجي ته پوءِ ڳالهيون ڪيئن ممڪن آهن. ٻئي پاسي سرڪار ان ڳالهه کي ورجائيندي رهي آهي ته بلوچستان ۾ ٿيندڙ واقعن ۾ ڀارت ۽ افغانستان جو هٿ آهي، جيڪي حالتون خراب ڪري رهيا آهن تنهن ڪري ڳالهين ۾ اڳڀرائي نه پئي ٿئي. ايئن ويڙهاڪ بلوچن ۽ حڪومت وچ ۾ معاملا بهتر ٿيڻ بجاءِ بگڙجندا رهيا. ويجهڙ ۾ حڪومت پاڻمرادو جلاوطني اختيار ڪيل خان آف قلات سان پڻ رابطو ڪيو ۽ کيس واپس بلوچستان آڻڻ تي راضي ڪرڻ لاءِ به ڪوششون جاري آهن. برهمداغ پاران جاري ڪيل ان بيان بابت هڪ اندازو اهو به آهي ته ويجهڙ ۾ پاڪستان ۽ برطانيا حڪومت وچ ۾ سيڪيورٽي جي حوالي سان رابطي ۾ تيزي آيل آهي. هي بيان جنهن ڏينهن سامهون آيو ان وقت به چوڌري نثار برطانيا جي دوري تي هو. چيو وڃي ٿو ته برطانيا پاران پاڪستان کان ايم ڪيو ايم جي ان ڪارڪن جي ٻانهن گهري وئي آهي جيڪو سندن سر زمين تي عمران فاروق جي قتل واري ڪيس جو اهم مهرو آهي، موٽ ۾ پاڪستان حڪومت يورپ ۾ رهندڙ بلوچ اڳواڻن کي سندن حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهي آهي، ممڪن آهي ته ان وڌندڙ دٻاءُ جي نتيجي ۾ برهمداغ ڪجهه لچڪ وارو موقف پڌرو ڪيو هجي ته جيئن ڏهن سالن کان هلندڙ خوني ويڙهاند کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪو رستو ڪڍي سگهجي. ڪارڻ کڻي ڪجهه به هجي پر ان لچڪ کي موقعي طور استعمال ڪري حڪومت کي بلوچ اڳواڻن سان لهه وچڙ ۾ اچڻ گهرجي.

21  aug 15-2015

بلوچ اڳواڻن جا مطالبا بنهه بي بنياد به ناهن، ان حقيقت کان انڪار ڪرڻ ممڪن ناهي ته گذريل ستن ڏهاڪن دوران بلوچستان ۾ اختيار ڪيل پاليسين جي نتيجي ۾ اڄ اها صورتحال پيدا ٿي آهي. بلوچ ان انتها تي ڇو پهتا آهن، ان جو حقيقت پسنديءَ سان تجزيو ٿيڻ گهرجي ته جيئن آئيندي جا رستا ڪڍي سگهجن. سرڪاري اسٽيبلشمينٽ جا اهي مغرور حلقا جيڪي ان موقعي کي مثبت طريقي سان اڳتي وڌائڻ بجاءِ ان کي بلوچ آزادي پسندن جي شڪست قرار ڏئي سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ کي آپريشن تيز ڪرڻ جا مشورا ڏئي رهيا آهن، اهي ڪهڙي به طرح ملڪ جا سڄڻ ناهن. ان انتهاپسندي ۽ تعصبي ذهنيت 1971ع ۾ ملڪ کي ورهايو ۽ بلوچستان ۾ هن جنگي ممڻ کي مچايو. جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ ان موقعي کي بلوچن جي ڪمزوري سمجهي پنهنجي ساڳي رويي کي برقرار رکيو ته پوءِ بلوچ ويڙهاڪن لاءِ سمورا رستا بند ٿي ويندا ۽ ويڙهاند وڌيڪ ڀوائتو رخ اختيار ڪري ويندي، جن انتهاپسند حلقن جو چوڻ آهي ته بلوچن رياست خلاف هٿيار کنيا آهن، تنهن ڪري هو پهرين هٿيار ڦٽا ڪري معافي وٺن، اهي ساڳيا همراهه رياست سان وڌيڪ خوني ويڙهاند ڪندڙ طالبان سان شروع ڪيل ڳالهين واري ڪميٽيءَ ۾ اڳڀرا ٿيا ويٺا هئا. طالبان جهڙي طرح قانون لاڳو ڪندڙ ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن ۽ معصوم شهرين جو قتل عام ڪيو آهي، اهو ڀلا رياست خلاف ڪو گهٽ سنگين جرم آهي؟ جيڪڏهن امن لاءِ انهن سان ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون ته پوءِ بلوچ اڳواڻن سان ڳالهيون ڇو نه ٿيون ٿي سگهن. بلوچستان جو مسئلو ته وري به سياسي نوعيت جو آهي جنهن جي حل لاءِ رستا ڪڍڻ نسبتن آسان آهي، ڏهه سال اڳ جڏهن اڪبر بگٽيءَ ان ويڙهاند جي شروعات ڪئي هئي ته ان کان اڳ اڪبر بگٽي سڄي زندگي ملڪي اسٽيبلشمينٽ جي سڀ کان وڌيڪ وفادار بلوچ سردار طور سڃاتو ويندو هو، ڀٽي جي دور ۾ هن جڏهن گورنريءَ جو عهدو قبوليو ته ان وقت به هڪ تمام وڏي ويڙهاند هلي رهي هئي ۽ بلوچ قومپرست ته اڪبر بگٽيءَ کي غداريءَ جا مهڻا ڏيندا هئا. جنرل مشرف سندس دور ۾ شروع ٿيل ويڙهاند واري باهه تي پاڻي بجاءِ پئٽرول هاري اڪبر بگٽيءَ کي رياست جي وفادار مان بلوچن جي تاريخ جو ديومالائي ڪردار بڻائي ڇڏيو، سندس قتل بلوچ تحريڪ ۾ هڪ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو ۽ اڄ هزارين جانيون وڃڻ جي باوجود اها ويڙهاند ماٺي نه ٿي سگهي آهي. ٻنهي ڌرين طاقت جو وڌ کان وڌ ممڪن استعمال ڪري ڏٺو آهي پر حالتون ضابطي هيٺ نه اچي سگهيون آهن.

بلوچستان ۾ انساني حقن واري صورتحال بين الاقوامي فورمن تي ملڪ لاءِ بدناميءَ جو ڪارڻ پڻ بڻجندي رهي آهي. بلوچ تحريڪ بين الاقوامي سطح تي پنهنجو ڪيس اهڙي طرح اڀاريو آهي جو سندن خلاف هلندڙ آپريشن کي دهشتگردي مخالف آپريشن طور مڪمل طور تسليم نه پيو ڪيو وڃي. ان ويڙهاند جو اينگهجڻ ملڪ جي سياسي ۽ معاشي مفادن کي لڳاتار نقصان پهچائي رهيو آهي. دنيا جي وڏي ۾ وڏي جنگ جو نبيرو به ٽيبل تي ئي ٿيندو آهي. برهمداغ بگٽي جي ان بيان کي ٿڏڻ بجاءِ ان مان امن ڏانهن ويندڙ واٽون تلاش ڪرڻ جي ضرورت آهي، البته اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته بلوچستان سان ٿيل زيادتين جي تدارڪ کان سواءِ ڪو به حل وقتي ثابت ٿيندو، پوءِ ڀلي اهو حل بندوق جي طاقت وسيلي ڇو نه حاصل ٿيندو هجي.

memon2004@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو