Home / اسپيشل افيئر / بيمار سول سوسائٽي مائنڊ سيٽ ۽ سماج ۾ حقيقي تبديليءَ جو سوال
above article banner

بيمار سول سوسائٽي مائنڊ سيٽ ۽ سماج ۾ حقيقي تبديليءَ جو سوال

Zahid Murtazaحيدرآباد سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اهڙا ڪيترائي سيمينار، ڊائلاگ، ورڪشاپ ۽ ٻيا پروگرام ٿيندا رهن ٿا جن ۾ “مخصوص سول سوسائٽي” جا ڪرتا ڌرتا اسٽيج تي رکيل ڪرسين تي براجمان ٿين ٿا ۽ جڏهن انهن جو وارو اچي ٿو ته انهن جا ڀاشڻ ٻڌڻ جهڙا هوندا آهن. اهي “مخصوص سول سوسائٽي مائنڊ سيٽ” انساني حقن، جمهوريت، لبرل ازم تي وڏي واڪي ڳالهائيندا آهن ۽ ڀاشڻن مان خبر پوندي آهي ته انهن جو مطالعو تمام زبردست آهي، هال ۾ ويٺل ماڻهو ڀاشڻ ٻڌڻ کان پوءِ طعام جي ٽيبل تي انهن مخصوص سول سوسائٽي جي ماڻهن جي اڳيان پويان ڦرندي پيا گد گد ٿيندا آهن، انهن غريب ۽ اٻوجهه ماڻهن کي ڏسندي ڏاڍي ڪرڀ ٿيندي آهي ۽ حيرت به ته آخر اهي وڏا ڀاشڻ انهن ڳوڀ ماڻهن کي ٻڌائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، انهن وٽ ڪهڙا ۽ ڪيترا وسيلا آهن جو اهي انهن تي عمل ڪندا….

پاڪستان کان اڳ جا واقعا، اهي سماجي ڪم جيڪي هندو ۽ ٻين مذهبن جا ماڻهو ڪندا هئا پوءِ چاهي اهي انسانن لاءِ هجن يا جانورن لاءِ، مذهب جي مثبت ڳالهين کي پروموٽ ڪرڻ لاءِ هجن يا بهترين عمارتن لاءِ، صحت ۽ تعليم لاءِ ڪي نت نوان ادارا هجن يا انسان جي عزت ۽ نفس کي اڃا به وڌيڪ اتم رکجي، اهي سڀ اهڙيون ڳالهيون هيون جيڪي پاڪستان کان اڳ هن ملڪ ۾ آباد ٻين مذهبن جا ماڻهو بنا ڪنهن پرڏيهي امداد جي پنهنجي ڪاروبار ۽ کيسي مان ڪندا هئا ۽ اهي سڀ ڳالهيون اڄ جي دور ۾ اسان کي اهي مخصوص “سول سوسائٽي مائنڊ سيٽ” وڏن هوٽلن ۽ ننڍين ننڍين گڏجاڻين ۾ ٻڌائيندي نظر ايندا آهن.

اسان وٽ هاڻي اهو رواج ٿي ويو آهي ته ٻين جا عمل، ڳالهيون، انهن جون ڪاميابيون وڏي شد مد سان انهن ڳوڀ ماڻهن کي ٻڌائبيون جيڪي هلڻ کان هلاڪ، ڪرڻ کان لاچار ۽ انهن عقل ڪل لاءِ جاهل ۽ ڪجهه نه ڪرڻ واري مخلوق بڻيل آهن.

وڏين گاڏين ۾ چڙهي اچبو ۽ گهمبو، وڏن گهرن ۽ هوٽلن ۾ ويهي انهن ڳوڀ ماڻهن تي طنز ڪبي ۽ تذليل ڪري انهن کي اڃا به ڪمتر بڻائبو، آن لائن شاپنگون ڪبيون، ٻاهرين ملڪن جا دورا ڪبا ۽ مشڪوڪ مخصوص جاين تي گڏ ٿي اعليٰ قسم جا جام نوش ڪبا، ڪنوارين نينگرين کي گهرائبو، انهن کان ڊانس ڪرائبي، رات جو دير سان بي چين ننڊ ڪبي، وري صبح جو اٿي ڪرپٽ آفيسر شاهي سان مختلف هيلن بهانن سان ميل ملاقات جو سلسلو وري جاري و ساري ڪبو، قوم تي ڳالهائبو، سماج کي ويهاڻي وانگر هيٺيان ڪري ان کي شد مد سان گاريون ڏبيون ۽ وري ساڳي ڪرت کي ورجائبو، جام پي قوم جي درد ۾ اهڙو ته نوش ٿبو ڄڻ هندن جي ڇڏي وڃڻ کان پوءِ اهي ئي آهن جن ڇڏيل نيڪ ڪم کي اتان کان شروع ڪيو هجي جتان انهن هندن کان مذهب جي نالي تي ڇڏرايو ويو هيو.

aug-31-2015 (44)

فيس بڪ کي اپ ڊيٽ ڪبو ۽ پوءِ اها ڊوڙ لڳي وڃي ٿي ته انهن تصويرن کي ڪيترن لائيڪ ڪيو ۽ ڪيترا ان تي ڪمينٽ آيا….. ۽ جڏهن ملبو ته وري سرهائي ۾ هڪٻئي کي ٻڌائبو….. سياسي پارٽين کان پوءِ هي ٻيو مائنڊ سيٽ آهي جيڪو هن سڄي نظام کي جيڪو ڌپ ڪري ويل آهي ان کي اسٽيٽسڪو ۾ رکڻ گهري ٿو، جيڪو اندر ۾ ۽ ذهني طور هاڻي تيار ناهي ته هي نظام ڪو تبديل ٿئي، ڇو جو ان وڏيرا شاهي، پير پرستي ۽ جاگيرداري نظام ۽ مذهبي خطرناڪ سوچ وانگر هي به هڪ ذهني عياشي آهي جيڪا اسان جهڙن سماجن ۾ اهڙن مخصوص سول سوسائٽي مائنڊ سيٽ ماڻهن کي وندر مهيا ڪري ٿي ۽ اِها وري انهن جي مجبوري آهي جو اهي ان اسٽيٽسڪو کي برقرار رکن ته جيئن انهن جي لئه لست ۽ عزت ۾ بجاءِ گهٽتائي جي اڃا به واڌارو ٿئي، پوءِ چاهي اِها لئه لست قوم جي سامهون وڌائي چڙهائي پيش ڪجي ۽ رات جي اونداهي ۾ وري شراب تي ان قوم جي ماءُ ۽ ڀيڻ کي هڪ لائين ۾ بيهاري ڇڏجي.

اڄ جا وڏا وڏا قلمڪار، پاڻ کي تبديلي جا باني چوندڙ قوم جا هڏ ڏوکي ۽ اهي هاڻي جيڪي سماجي تنظيمن جا “بابا” بڻيل آهن اهي پاڻ پنهنجي سوشل آڊٽ ڪن ته اهي اڄ کان ويهه يا پندرهن سال اڳ ڇا هئا ۽ اهي هن وقت ڪٿي بيٺل آهن، ڪجهه عرصو اڳ پاڻ کي هن بدنصيب قوم جو سماجي اڳواڻ سڏائيندڙ ۽ هڪ قلم ڌڻي سان ملاقات ٿي. ملاقات دوران همراهه عبدالستار ايڌي کي گاريون ڏيڻ شروع ڪيون ۽ چوي ته اهو ايڌي اردو ڳالهائڻ وارن جو حامي ۽ ايمبولينس ۾ منشيات ٿو سپلاءِ ڪري ۽ بقول ان نام نهاد سنڌي سماجي اڳواڻ جي ته هن دور ۾ ايڌي جو ڪردار غير ضروري آهي……!!

مان ان قلمڪار کي ذاتي طور سڃاڻان، نه ته ان ڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي الله نانو ماني کارائي آهي ۽ نه وري سماج ۾ ڪو مثبت ڪردار اٿس، هن وقت به اهو نام نهاد قلمڪار هڪڙي مادر علمي ۾ سڻڀي پوسٽ تي براجمان آهي، ڪير ان کان پڇي ته توهان پگهار لکن ۾ کڻو ٿا، ڀلا ڪڏهن ڪنهن مردي کي ڪفن ڀي وٺي ڏنو اٿوَ يا ڪنهن بيواهه جي سار لڌي اٿوَ يا ڪنهن سمايل ڪنواري ڇوڪريءَ جي ڀلي لاءِ سوچيو اٿوَ. ڪير ان کي ٻڌائي ته اگر ايڌي نه هجي ها ته ڪراچي ۾ مري ويل 1500 ماڻهن جي ڪفن دفن جو بندوبست ڪير ڪري ها ۽ ڪير انهن ڌپ ڪري ويل مردن کي زمين بوس ڪري ها، سو، سواءِ ناڪاري روين جي اسان هن سماج کي ڇا ڏنو آهي، ان تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي، جڏهن ته اسان سنڌين جو سماجي ڪمن ۾ ڪٿي به وٽي تي نالو لکيل نظر نه ٿو اچي ته پوءِ آخر ايڏو بغض ۽ ساڙ حسد ڇو ۽ ڇا لاءِ…؟!

اهڙو ساڳيو ئي حال انهن سياسي پارٽين جو نظر اچي ٿو جيڪي سنڌ جي آجپي ۽ خوشحالي جو خواب ڏينهن ۾ هلندي ڦرندي ڏسن ٿا جو رات جو اهي جام نوش ڪري صوفي لاڪوفي ٿيڻ جي چڪر ۾ هجن ٿا، ان ڪري انهن کي وقت ملي ئي ڏينهن جو ٿو خواب ڏسڻ جو…

ڪجهه وقت اڳ ٻن سياسي پارٽين سنڌ اندر ايمبولينس سروس شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو، اخبارن ۾ پريس ڪانفرنسون به ڪيائون ۽ چڱي مقدار ۾ فنڊس به گڏ ٿيا، قاسم آباد جي روڊن تي اهي ايمبولينسون بنا سروس جي ڊڪندي نظر به آيون پر وري اهڙيون اکين کان اوجهل ٿيون ڄڻ ڪا محبوبه رات پيٽ ۾ نڪري اهڙي ماڳ وئي هجي جتان موٽڻ هاڻي محال آهي. ان مان هڪ ايمبولينس ڀان سيدآباد ۾ هڪ پمپ تي بيٺل نظر آئي، جڏهن ته هڪ ٻي پارٽي جي هڪ ميت بس ۽ هڪ ايمبولينس گمنامي واري زندگي ان سياسي پارٽي جي آفيس ۾ گذاري رهيون آهن. هاڻي ڪير انهن کان به پڇي ته توهان هڪ خيراتي سروس نه ٿا هلائي سگهو پوءِ هيءَ هيڏي هام ڇا جي ته سنڌ کي غلاميءَ ۽ ڌپ ڪري ويل سماج مان آجو ڪرائينداسين…….!؟ انهن سياسي پارٽين جو هيڏو تنظيمي نيٽ ورڪ هوندي به آخر ڇو اهي خيراتي ادارا يا سروس هلائڻ کان لاچار آهن…..!!

اصل ۾ اسان جي نيتن ۾ کوٽ آهي ۽ ذهني طرح اسان ۾ مثبت سرگرميون ڪرڻ جو ڪو جذبو آهي ئي ڪونه، سواءِ رڙين، گارين ۽ هڪٻئي جا پٽڪا لاهڻ جي، اسان پاڻ به مثالي بڻجي سگهون ٿا، اگر ڪجهه وقت لاءِ ئي سهي اسان جون نيتون صاف ٿي وڃن ته اسان گهڻو ڪم ڪري سگهون ٿا، اسان ان انفرادي گروهي مفادن کي ٽئين درجي جي اوليت ڏيون ته ڪجهه وقت ئي سهي، جيڪڏهن اسان ارڙهن ۽ تيرهن سئو سي سي گاڏين کي ڇڏي پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ ننڍين گاڏين کي ترجيح ڏيون، پنهنجي رهڻي ڪهڻي انهن هندن وانگر سادي سودي ڪيون جن کي اسان وڏي واڪي ٻين کي ٻڌائيندا آهيون ۽ ان لش ڪلچر کي ڇڏي جيڪڏهن قومي ترجيحات کي اوليت ڏيون ته گهڻو ڪجهه ٿي سگهي ٿو ۽ اهي سياسي پارٽيون ۽ اهي مخصوص سول سوسائٽي مائنڊ سيٽ جن جو هن قوم لاءِ هانءُ ٿو ڦاٽي، اگر ان هڪڙي ئي ڳالهه تي متفق ٿين ته اِها خيراتي سروس ۽ ٻيا خيراتي ڪم گڏيل نموني وڏي ڪاميابي سان هلائي سگهجن ٿا ۽ اِها سنڌي آفيسر شاهي جيڪا فرض نڀائڻ بدران سڄو ڏينهن “فيس بوڪ” تي ويهي دل وندرائڻ ۾ لڳي پئي آهي اگر نيت جي سچائي سان ڪو ننڍڙڙو ڪم به ڪري وياسين ته ضرور تاريخ ۾ نالو نمايان هوندو، ان ڪري انهن ساڃاهه وندن، سول سوسائٽي جي سرگرم رهندڙ ماڻهن، سنڌي آفيسر شاهي ۽ اهي قومپرست تنظيمون اگر سنجيدگي جو مظاهرو ڪن ته هوند اهي هن قوم آڏو ڪو مثال بڻجي پوندا. باقي جو ويهي ايڌي سميت ٻين خيراتي ادارن کي گهٽ وڌ ڳالهائجي بهتر آهي ته پنهنجون توانايون ڪنهن مثبت عمل ۾ صرف ڪجن ۽ ان سماجي فلسفي کي پهرين پاڻ سمجهون ۽ ان تي عمل ڪيون بجاءِ جو ويهي انهن ڳوڀ قوم کي ڀاشڻ ڏجن جيڪا اڳ ئي ضيائن، نوازن ۽ زردارين جي ماريل آهي.

ليکڪ ڊيولپمينٽ سيڪٽر سان واڳيل آهي، هي ليک خصوصي طور “افيئر” لاءِ لکيائين.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو