Home / اسپيشل افيئر / جيئندان جو طلسم
above article banner

جيئندان جو طلسم

Irshad Memonپاڻ پَڏائڻ ۽ وڏايون ڳڻائڻ جا شوقين اسان جياپي جي طلسم ۾ گهِڙي خود مٿان ڪهڙا نوان راز آشڪار ٿيندي پَسيا آهن؟ زمين منجهه پيهي نهاريو آهي يا اُڀ ڏاريو اٿئون؟ ڳالهه رڳو پساهه کڻڻ جي نه آهي ۽ نه وري گڏيل طور، ڌَڻَ جي شڪل ۾ جيئڻ جي آهي. ايئن به ڪونهي جو سنڌ جهڙن ٻين سماجن ڪي مهان گُڻ پالي، ساماڻي ڏيکاريا هجن. اوسر فقط چند معاشرن کي پلئه پئي آهي. آسمان ٿورڙن انسانن کي سُڃاڻي، ترقي جيڪڏهن ٽرانزيشنل عمل آهي. ڏاڪو، ڏاڪو ڪري چڙهڻو پوندو. ته پوءِ، هِنَ ڌرتيءَ تي هر لمحي ماتام ڇاڪاڻ ٿو سُڻجي؟ ڊيولپمينٽ اوس آهي ته هڪ ڏيهاڙي اچي ويندي، ٻاڪارون ٿا ٻُڌئون، ڪهڙي ڪارڻ؟ انٽرنيشنلزم مقدر، منزل ڀانئجي ته نيشنلزم جي پوئلڳي وري ڇو؟

کُليل دل سان ليکڪ تنهن دليل کي وزن ڏيڻ ڪاڻ پڻ تيار ڄاڻو-ديوتائن جي ناراضگي سبب هچائن ۾ آهيون. آگي سامهون سِر نمائڻ سان، ڌرمي پاٺ هردي ۾ اوتڻ وسيلي، عبادتن ذريعي آشتي حاصل ڪري وٺنداسين. اچو، تيئن به ڪجي کڻي. ايمان جي ڪاري پٽي اکين تي ٻَڌئون، حساب سَندي مانجهاندي کان ڊڄئون، ڪا مَت اختيار ڪيون. جڻيو پايون، جُبو اوڍيون. حيات جي رَٿ کي پرڀرو وٺي وڃئون. اهنج ختم ٿين يا کين آزمائش طور قبولي جيئرا رهون. دانهوڙ جو انت ٿئي. مظلوم نه رهون ۽ پاڻ ۾ لڪل ظالم جي مُنڍي مروڙڻ شروع ڪيون، کيس سڃاڻي وٺئون.

ممڪن آهي اها سَموري، راوي جي دماغ جي ماليخوليا هجي. ماڻهو خوش آهن. ٻار ڄڻين پيا، اڻکٽ. لُولا لنگڙا، چريا مرضيل. ٿيلسيميا ۽ مِرگهي ورتل. ايترا، جن جا نالا ئي ياد رکي نه سگهن. پُٽ هجن!- ڦڏي فساد، قبضي گهڙيءَ ڪم اچن. هيڏانهن هوڏانهن ٿين ته ڀائر سندن بدلا وٺن. شرافت جي ميري اوڇڻ ۾ جيئندڙ واسطي مرداڻو اولاد ٻنيون ٻارا آباد ڪرڻ جي ڪارج لاءِ، مَال متاع مٿان چوڪيداري خاطر. نياڻي پود کان اسان جي سوسائٽي ڪيئي اُميدون سانڍي. پڙهندڙ مڙئي خبروار.

aug-31-2015 (50)

ڌن دولت جي فصل ۾ لهبو تڏهن پڻ اسان واري خلق اٿاهه سُڪون منجهه. نانءَ ڪٺي سول سوسائٽي غريب پروري جون اُونايون ڪندي نه ٿڪجي. ڏُٿ الائي ڪاڏي وئي، مڊل ڪلاس جا جَاوا آهن، سندس مُهابي هيٺئين طبقي خوشحاليءَ جو مُنهن مُهانڊو ته ڏسي ورتو آهي. وٽس مهماني ڪڏهن کائيندو؟ سگهاري آشا کي نپائي جوان ڪرڻ ۾ رُڌل نهاربو. ناڻو، ناڻو آهي. رنگ جو ڪارو يا اڇو هُجي. آمدني، آمدني. برقعو حلال اوڍي يا حرام جو. سمورو معاشرو ستابي ٿيڻ ڏانهن گامزن گڏبو. ليکڪ جي سُڃائيءَ کيس حسد جي لنجهڻ بخشي آهي. چَئي پنهنجي قسمت کي، بلڪل ايئن ئي ٿيندو ويندو، هورڙيان هورڙيان تقدير جو راڄ چنبا کوڙيندو. لکئي جو ليک ڪرتب ڏيکاريندو. هُوند وارن جي واتان ته هاڻ ئي پَرَ هُوند کي ڀاڪر پائڻ جي آس جي ڇَانوَ هيٺان جيئندڙن وٽ ڄاڻ به. اڻ پڙهيو، اَڌُ اگهاڙو سماج جنهن ماليخوليا منجهه گهڻو اڳ وٺجي چُڪو آهي تنهن جي تهمت راويءَ تي ايندي، لازم سمجهو.

جيئندان جي طلسم جي اِنگڙ وِنگڙ راهن تي وائڙي ٻار وانگر چڪر هڻندڙ هِي لکاري، اتهاس بابت اوهان جي بيان کي شڪ جي نگاهه سان نهاري ٿو. ابن ڏاڏن جي شجري کان اڻواقف ٻالڪ سِکي چُڪو آهي. دنيا کي ڏِنل هُن جا دولاب سندس بُت تي هڪ هڪ ٿي ڪارَ سُرن تِرَن جو روپ وٺي چُڪا آهن. رات جي پوئين پهر انيڪ پانڌيئڙا واٽ مَٽائي الوپ ڀانئبا.

ڪوئي هُجي جو ساڻس ڪڇو اوڍي بدن تي چٽيل اونداهن داغن جي ڳڻپ ۽ انهن جي تاريخ بَيان ڪرڻ پاري راند رَهي. ناڪامين، شڪستن جا ناسور کولي پڌرا ڪري، سانجهيءَ واپرايل ٺَري جي هينگ اوور ۾ توهان جيڪي داستان ٻُڌايا آهن، آءٌ سي هِن طلسم جون وارداتون صفا ڪين ليکيان، مون کي سُڻاءِ ته ڪنهن روبرو پنهنجي ڏوهن، لغزشن جو اعتراف ڪري پاڪ پوتر ٿيان. نيڪيءَ جي معراج ماڻيان. اِيٽرنٽي جو سير حاصل ٿئيم، تنهنجي پرميشور آڏو؟ هلي آءُ. اهو فعل پڻ ٿي ويندو، سڀئي گرنٿ کولي ڇَڏ. مون کي سَندو چَيلو پُڪار.

اچي وڃ ته ڇوٽڪاري جا راز ڦلهوريون، سچ جا نڪ نقشا مَن ۾ ويهارڻ جي ڪريون، تتل ڌرتيءَ تي ڪن رکي سندس سُر ٻاٽ سڻئون، ٽانڊا وسائيندڙ آسمان کي ميار ڏِيون، سا ته، انسان ڪيائون ۽ اَمارو هنج اُڇلائي ڇڏيائون، مقدر جي ناڪيلي ٻَڌل پاڻ ڏوهه ۽ ثواب جي جنڊ ۾ پيسبا رهباسين، الک رضا جا سڀ اختيارمُٺ ڪيو، منش تي سدا ٺٺولي رهيو، هُوند، نَه هُوند جي هٻڇ ۽ حسد جي گپ ۾ ڦاٿل جيتامڙي کي تخليق ڪوٺي مٿس ناز اڏاريندو وتي. ديوتائن ۽ زمين وارن جي ڇسائپ جي هڪجهڙي برتن جي راوي روايت ڪرڻ لڳي ته گَگَنَ مان هُشي ڏنل واگهه سندس ڪنڌ ڪپڻ پهچي وڃن، فقط اعتقاد جي انڌي پٽي کيس جيئندان بخشي سگهي، تون پنهنجي هسٽري مان وَاهَه ڪڍ، طلسم جي ان خوفائتي سيڪريٽ مان ٻاهر نڪرڻ جي. ليکڪ جو خيال آهي ته نه ڪڍي سگهندين.

اُن گهڙيءَ، تنهن مهل جڏهن راوي ۽ پاٺڪ، روبرو احوالي آهن. اتهاس، جاري سمئه جي ٽِڻَ کي ٽوڙي سگهڻ جو ٻَل ئي ڪين سانڍي، نجات ڪيئن آڇي. بياني هجڻ جي عياشي ماڻيندڙ مخلوق، آگي جي مسند جي گواهي ڏيندڙ سرشتي رَين جي آخري پهر گهاٽا خمار نراڙ تي سجائي فِيل مست هُجن ۽ لِکاري سندن جبر سامهون آڻ مڃڻ کان انڪاري. قافلي جي ڇڙوڇڙ ٿيڻ جي درد کي ڪيڏانهن ڪري؟ لڱن تي ڪارا تِرَ ڳڻڻ جي رُوند ۾ ڪير هجيس؟ جياپي جي طلسم جو پهريون راز- پرڀوءَ پاران جوڙيل ٽڪساٽ کان ڇوٽڪارو اجائي خواهش هوندي. پرماتما وٽان ٻاراڻي ٻاجهه جي تمنا پڻ اڻ ڦلائتي آشا ڄاڻجي.

صبح ٿيڻ ۾ ڪا وير آهي، سج اُڀرڻ شرط انيڪ ابهم آرس ڀڃي اک پٽيندا. الک، تازو توانو، هدايتن جا دفتر هيٺ اڇلائيندو، ڌڻ جي شڪل ۾ واگهه ايندا جي اُڀ مان اُڏامي پُهتل احڪامن تي سختيءَ سان عمل ڪرائيندا. ماڻهو ڌرتيءَ جو پيٽ ڦاڙي پنهنجو ڀِڀُ ڀرڻ جي ڪندا، الهام ۽ غير الهام جي ان پنجوڙ ۾ نايڪ ڪيئن جي سگهندا، سوال آهي، ڪوئي آهي جو مخلوق کي هينئر واري نشيلي ننڊ مان اُٿاري، جاڳ ڏئي ۽ ڪو هُجي جو راويءَ جي اوجاڳيل اکين ۾ سپنا اوتي سگهي. نراس جي اوڙاهه مان ڪڍي وڃيس. اجل جي وَاءَ کان پهريائين گُل ٽڙي پون، ڇوٽڪاري جي ٻَنڌ جُڙيل ڏسئون. باک ڦٽيءَ جي ٿڌي هير نٻل عضون ڪاڻ توانائيءَ جو سنيهو بڻجي اچي.

تاريخ! هڙئي مُونجهارا کڻي وڃ، رياست ۽ انياءُ، جهالت ۽ بدحالي، مظلوميت ۽ ماتام. پرميشور ۽ پنٿ، جيئندان جي طلسم جي گرڀ ۾ ڪيئي انوکا راز آهن. آءٌ سي پروڙڻ ٿو وڃان.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو