Home / ڪرنٽ افيئر / درسگاهه اندر ٿيل ٻٽي آپگهات جو الميو!
above article banner

درسگاهه اندر ٿيل ٻٽي آپگهات جو الميو!

aijaz“دنيا جسي ڪهتي هي جادو ڪا کلونا هي،

مِل جائي اگر تو مٽي هي، کهو جائي تو سونا هي”

دُنيا ۾ هونئن ته هر روز ڪيترا واقعا ٿيندا رهن ٿا پر تازو پٽيل پاڙي ڪراچي ۾ هڪ پرائيويٽ اسڪول ۾ ٿيل واقعي سڀني ماڻهن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. پرائيويٽ اسڪول ۾ ڏهين ڪلاس ۾ پڙهندڙ هڪ شاگرد ۽ شاگردياڻي پنهنجي زندگي جو انت عجيب طريقي سان آندو. ٻنهي پنهنجي زندگي کي پستول سان فائر ڪري ختم ڪيو، شاگرد ۽ شاگردياڻي گذريل هڪ سال کان مئٽرڪ ڪلاس ۾ انتهائي خاموش ۽ ريزرو شاگرد سمجهيا ويندا هئا. ٻنهي کي پڙهائي سان ڪو خاص شوق نه هو ۽ راند وغيره کان به پري رهندا هئا. ٻنهي تي عشق جو ڀوت سوار ٿي چڪو هو.

عشق دنياوي هجي يا مجازي، عشق ۾ ڪامياب ٿيڻ هر ڪنهن لاءِ ضروري ڪونهي.! هن قصي کي عشق چئجي يا جنونيت! 15-16 سالن جي عمر ڇا عشق لاءِ ڪافي آهي يا عشق ۾ ڪنهن به فيصلي تي پهچڻ لاءِ صحيح آهي؟ اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ته اهو عشق ڪيتري حد تائين پنهنجي جنونيت حاصل ڪري چڪو هو.

ٻنهي شاگرد ۽ شاگردياڻي ڪجهه مهينن کان وٺي ڪوشش ڪئي ته مائٽ شادي لاءِ راضي ٿين پر اهو ممڪن نه ٿي سگهيو. مائٽن جي جواب کان پوءِ اهو انتهائي قدم کنيو ويو. شاگردياڻي پنهنجي گهران پنهنجي پيءُ جو لائسنس وارو پستول ۽ گوليون کڻي آئي ۽ شاگرد پستول ۾ گوليون لوڊ ڪري پهرين شاگردياڻي کي پوءِ تقريبن چار سيڪنڊن اندر پنهنجو پاڻ کي هڻي هميشه لاءِ دنيا کي خير آباد چئي ڇڏيو. شاگرد ۽ شاگردياڻي ان عمل لاءِ ڪيترن ڏينهن کان منصوبابندي ڪري رهيا هئا. انهي بدقسمت ڏينهن شاگردياڻي پنهنجي اسڪول بيگ ۾ پستول ڪتابن سان گڏ کڻي آئي. اسڪول انتظاميا مطابق شاگردن يا شاگردياڻين جا بيگ چيڪ ڪرڻ مناسب ڪونهي.

14 aug 15-2015

انهيءَ سڄي قصي ۾ مائٽن جي لاپرواهي پڻ نظر اچي ٿي. مائٽن جتي عمر گهٽ هئڻ ڪري ٻارن جي شادي کان انڪار ڪيو پر ٻارن جي ذهني ڪيفيت ۾ اٿندڙ هڪ جنون تي ڪو به ڌيان نه ڏنو. ٻنهي ٻارن پنهنجي فيس بوڪ پيجز تي اهڙيون تصويرون رکيون جنهن مان واضح طور نظر اچي رهيو آهي ته ٻنهي ٻارن جي خودڪشي ڪرڻ جي منصوبابندي ڪيتري وقت کان هلي رهي هئي. انهي قصي ۾ ٻي رنڊڪ ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي سماجي ۽ ثقافتي مختلف مڪتبه فڪر سان لاڳاپيل هجڻ آهي. مذهبي، ثقافتي ۽ سماجي رنڊڪ به هڪ اهم رڪاوٽ رهي آهي.

15 کان 16 سالن جي عمر هڪ اهڙي عمر آهي جنهن ۾ هر ڪمٽمينٽ جنون جي حد تائين سوار هوندي آهي. اڄڪلهه ميڊيا جي آزادي فائدن سان گڏ ڪافي حد تائين نقصان به ڪيا آهن. پاڪستان جي ميڊيا آزاد نه پر هڪ ڇڙواڳ ميڊيا آهي جنهن تي ڪنهن به قسم جو ڪنٽرول ڪونهي. ميڊيا تي ڇا ڏيکارڻ گهرجي ۽ ڇا نه ڏيکارڻ گهرجي، ان سوال تي ميڊيا خود مجرماڻي طور ماٺ نظر اچي ٿي. انڊيا، ترڪي ۽ ٻين ڪيترن ملڪن جون فلمون، ڊراما پيش ڪري اسانجي ميڊيا هڪ ڪلچرل مونجهاري ڏانهن وڌي رهي آهي. ان قسم جي خودڪشي فلمن ۽ ڊرامن ۾ نظر ايندي آهي. ميڊيا خود هڪ سبب آهي جنهن ڪري معاشرو هڪ بگڙجندڙ صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي. انهيءَ صورتحال سنڌ ۾ رهندڙ قومن جي وچ ۾ هڪ ٻئي سوال کي به جنم ڏنو آهي ته ڇا مختلف تهذيب رکندڙ قومون هڪ ٻي جا اخلاقي ضابطا اورانگهي ڪنهن گڏيل معاشري جو سبب ته نه بڻجنديون. انهيءَ واقعي ۾ ملوث ڇوڪري ۽ ڇوڪري جو تعلق افغاني ڪميونٽي سان آهي، جنهن جو فرقو ۽ تهذيب مختلف آهي، اهو واقعو سنڌ جي شهر ڪراچي ۾ پٽيل پاڙي ۾ ٿيو آهي. انهيءَ واقعي مائٽن، شاگردن ۽ استادن کي هڪ ئي وقت لوڏي ڇڏيو آهي. اهو وقت ثابت ڪندو ته سنڌ ۾ ٻاهرين يلغار جو نه رڪجڻ ڪيترو نقصانڪار آهي.!!!

Aakhuwaja1egmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو