بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان پنهنجي ايندڙ فلم ۾ بالي ووڊ باربي ڊول ڪترينا ڪيف سان گڏ ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. خابرو ادارن موجب سلمان خان ۽ ڪترينا ڪيف اتل اگني هوتري جي ايندڙ فلم ۾ ٻيهر گڏجي اداڪاري جا جلوا ڏيکاريندا، سلمان خان ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته هو اتل اگني هوتري جي فلم ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، پر هو ان بابت ڳالهائي نه ٿو سگهي. سلمان خان ۽ اتل اگني هوتري 2011ع ۾ بلاڪ بسٽر فلم ”باڊي گارڊ“ ڏني هئي، ڪترينا ڪيف ان فلم ۾ آئٽم گيت ڪيو هو، هڪ سوال جي جواب ۾ سلمان خان جو چوڻ هو ته فلم ۾ ڪترينا اداڪاري ڪئي ته کيس سٺو محسوس ٿيندو، پر هو ان باري ۾ نه ٿو ڄاڻي، فلم ايڪشن سان ڀرپور اسٽوري هوندي جنهن کي ڪبير خان ڊائريڪٽ ڪندو.
، جيڪڏهن سلمان سان ڪترينا ڪم لاءِ راضي ٿي
سلمان خان ۽ ڪترينا جي ”پارٽنر، يووراج، مي ني پيار ڪيون ڪيا ۽ ايڪ ٿا ٽائيگر“ کان پوءِ هيءَ پنجين فلم هوندي، في الحال سلمان خان پنهنجي هوم پروڊڪشن ”هيرو“ جي پروموشنن ۾ مصروف آهي