Home / اسپيشل افيئر / سنڌين مارشل ريس نه ھجڻ واري فرضِي نظرئي کي غلط ثابت ڪري ڇڏيو!
above article banner

سنڌين مارشل ريس نه ھجڻ واري فرضِي نظرئي کي غلط ثابت ڪري ڇڏيو!

Naseer Ejazڪجھه ڏينھن اڳ پنوعاقل ڇانوڻيءَ ۾ نوڪري ڪندڙ ھڪ سنڌي نوجوان کان پڇيو ھئم: اتي ٻيا به سنڌي ھوندا؟ “سائين کوڙ سنڌي آھن. فوج ۾ ته ھاڻي سنڌي ئي ڀرتي ٿي رھيا آھن. بيروزگار سنڌي نوجوانن لاءِ ھاڻ ته بس اھو ئي ھڪ ادارو آھي،” سندس جواب ھو. ھن ٻڌايو ته سال 2005 کانپوءِ آرميءَ ۾ سنڌين جي ڀرتي وڌندي رھي آھي.

ھن نوجوان جي ڳالھه تي مونکي خوشي ٿي ڇو ته اڳي سنڌين مٿان ٺپو لڳل ھو ته اھي فوجي سکيا جي سختين کي برداشت نٿا ڪن ۽ نه ئي گھر کان پري رھي ٿا سگھن، ۽ نتيجي ۾ فوج مان ڀڄي ٿا وڃن. اڳي ته فوج ۾ ڀرتيءَ جي خواھشمند سنڌي نوجوانن کي قد بُت واري گھرج پوري نه ھجڻ جي بھاني رد ڪري به گھر ڀيڙو ڪيو ويندو ھو. سنڌين لاءِ ھيءُ جملو ته عام ٿي چُڪو ھو ھو ته “سنڌي ھڪ شھر مان ٻئي شھر وڃڻ کي پرديس وڃڻ برابر سمجھندا آھن”. ھيءَ پرچار به بيحد ڪئي وئي ته سنڌي مارشل ريس (جنگجو قوم) ڪانھي. اڳي ته فوج ۾ ڀرتيءَ لاءِ سليڪشن بورڊ به ھتي ڪونه ويھندو ھو ۽ سنڌ جي نوجوانن کي ڪراچيءَ ۾ ابتدائي گھرجون پوريون ڪرڻ کانپوءِ پنجاب ۽ خيبر پختونخواھه جي مرڪزن تي ٽيسٽ ۽ انٽرويوءَ لاءِ وڃڻو پوندو ھو. 1980 واري ڏھاڪي ۾ ھلالِ پاڪستان اخبار ۾ ھجڻ دوران مون فوج ۾ سنڌين جي ڀرتيءَ واري حق لاءِ وڏي مھم ھلائي ھئي جنھن تحت انگن اکرن تي مشتمل خصوصي خبرن سان گڏ سياسي ۽ سماجي اڳواڻن جا بيان وڏي عرصي تائين ڇاپيندو رھيس، جنھن جي نتيجي ۾ فوجي اختيارين ڪراچيءَ ۾ انٽر سروسز سليڪشن بورڊ قائم ڪيو. ان مھم ۾ 1983ع واري ايم آرڊي تحريڪ جو به اھم ڪردار رھيو جو آمر جنرل ضياءَ سنڌين کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ سِول توڙي ملٽري سروس ۾ سنڌين لاءِ رعايتون ڏيڻ جا حڪم جاري ڪيا ھئا. ڪراچيءَ ۾ سليڪشن بورڊ قائم ڪرائڻ لاءِ مھم ھلائڻ جو خيال تڏھن آيو ھو جڏھن سنڌ حڪومت جي پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ کاتي جي ھڪ آفيسر جو پُٽ تازو ئي ٻين صوبن ۾ فوجي مرڪزن جا چڪر ڪاٽي ناڪام ٿي موٽيو ھو. آفيسر دوست وٽ ويٺي جڏھن ھن مونکي قصا ٻڌايا ته مون فوجي آمريت ھوندي به ان بابت لکڻ جو فيصلو ڪري ورتو. ھلالِ پاڪستان اخبار جو رڪارڊ اڄ به ان ڳالھه جي شاھدي ڏيندو.

1960 واري ڏھاڪي ۾ منھنجي وڏي ڀاءُ (مرحوم) فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ھئي. ھو موري شھر کان ڪراچيءَ آيو ھو. ھتي ٿيندڙ ابتدائي انٽرويوءَ ۾ ھو پاس ته ٿيو پر کيس حڪم مليو ته مئٽرڪ جو اسڪول اصل سرٽيفڪيٽ سومر ڏينھن پيش ڪر. اھو ڇنڇر جو ڏينھن ھو. ڀاءُ گذارش ڪين ته ھڪ اڌ وڌيڪ ڏينھن ڏيو ته جيئن ھو واپس وڃي ۽ سومر تي جيئن ئي اسڪول کُلي ته سرٽيفڪيٽ وٺي ڪراچيءَ روانو ٿئي پر ھنن سندس گذارش رد ڪري ڇڏي. مون به ڪاليج جي زماني ۾ فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ گھريو پر ڇاتيءَ جي ماپ گھٽ ھجڻ جي بنياد تي رد ڪيو ويو. اھي ته ٿيا ٽيڪنيڪل سبب، پر منھنجي ھڪ دوست مقصود مغل (پي ٽي وي ڊرامن جو مشھور اداڪار ۽ پي آءِ اي جو اڳوڻو آفيسر جيڪو ھاڻي ڪئناڊا ۾ رھي ٿو) جڏھن ايئر فورس ۾ ڀرتيءَ لاءِ انٽرويو ڏيڻ ويو ھو ته کانئس سوال ڪيو ويو: سنڌ رجمينٽ جي باري ۾ ڇا خيال اٿئي؟ ٺھڻ گھرجي يا نه؟ ۽ جڏھن ھن وراڻيو ته ضرور ٺھڻ گھرجي ته جواب مليس: ٺيڪ آھي، پوءِ جڏھن سنڌ رجمينٽ ٺھي ته تون ان ۾ ڀرتي ٿي وڃجانءِ. اھڙا کوڙ مثال ٻڌائي سگھجن ٿا جن کان ھر سنڌي ماڻھو واقف آھي.

انھيءَ روش جي باوجود سنڌين فوج ۾ وڃڻ کان ڪونه ڪيٻايو. فوج ۾ سنڌين لاءِ در مڪمل طور بند کڻي نه چئجن پر مڪمل طور کليل به ڪونه ھئا. نتيجي ۾ ٿورا ئي سھي پر اھي فوج ۾ ويندا رھيا آھن. 1965 واري جنگ ھجي يا نائن اِليوِن کانپوءِ دھشتگردن خلاف شروع ٿيل جنگ، سنڌين ھر محاذ تي دليريءَ سان ويڙھه ڪئي ۽ قربانيون ڏنيون. 1965 واري جنگ ۾ ٿر واري محاذ تي ڪھاڙين ۽ بندوقن سان ليس سنڌين (حُرن) انڊيا جي سرحدن اندر گھڙي وڃي موڻاٻائو ۽ ٻين علائقن تي قبضو ڪيو ھو. ايئر مارشل عظيم دائودپوٽو ته 1965 واري جنگ جي ھيروز مان ھڪ ھو ۽ ھاڻي واري نه کُٽندڙ جنگ ۾ سنڌي شھيدن جي فھرست ته تمام ڊگھي آھي. فوج ۾ سنڌي ڊاڪٽر به گھڻي تعداد ۾ ڀرتي ٿيا. اڳي آرميءَ جو پنھنجو ميڊيڪل ڪاليج نه ھو ته کين ڊاڪٽرن جي گھڻي گھرج ھئي ۽ پاس آئوٽ ڪندڙ اڪثر سنڌي ڊاڪٽر فوج ۾ ھليا ويندا ھئا. اھو سلسلو تڏھن گھٽيو جڏھن آرمي ميڊيڪل ڪاليج قائم ٿيو، جنھن ۾ داخلا لاءِ سنڌ لاءِ فقط ٻه سيٽون رکيل آھن. مونکي نيوي ۾ به ڪي سنڌي ڏسڻ ۾ آيا آھن. ھن وقت پيرا ملٽري فورس رينجرس ۾ به سنڌين جو چڱو خاصو انگ نظر اچي ٿو. آرمي، ايئر فورس، نيوي ۽ رينجرس ۾ سنڌين جي انگ جي پروڙ ڪانھي پر تنھن ھوندي به پڪ سان چئي سگھجي ٿو ته وڏي تعداد ۾ ڀرتين جي باوجود سندن انگ سنڌين جي آباديءَ مطابق ڪونه ھوندو. فوج ۾ سنڌين جي پروموشن کي روڪڻ جو به ھڪ الڳ مسئلو رھيو آھي، جنھنڪري اھي پنھنجي وفادارين جي باوجود وڏن عھدن تي نٿا پھچي سگھن. عظيم دائود پوٽو ايئر مارشل جي عھدي تي پھتو ته به کيس پاڪستان جو چيف آف ايئر اسٽاف مقرر نه ڪيو ويو ۽ ھڪ آفريڪي ملڪ جي ايئر فورس جو سربراھه ڪري موڪليو ويو.

August 31, 2014   12

ملڪ ٺھڻ کان وٺي سنڌين سان ٿيل زيادتين ۽ خاص طور آمراڻين حڪومتن دوران ٿيل ڏاڍ جي ڪري سنڌ ۾ جڏھن به ڇانوڻيون ٺاھڻ جي ڪوشش ٿي ته سنڌ جي عوام ان جي مخالفت ڪئي. کين انديشا ھئا ته اھي ڇانوڻيون سنڌين کي گھيري ۾ آڻڻ جي رٿابنديءَ جو حصو آھن. اھڙي ئي ھڪ ڇانوڻي جڏھن سڪرنڊ ويجھو ٺاھڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سنڌ جي ماڻھن مخالفت ڪئي. اختيارين ڇانوڻيءَ لاءِ سنڌ جي ٻيلي کاتي کي زمين ڏيڻ لاءِ ليٽر لکيا ھئا. تن ڏينھن ۾ حاجي شفيع محمد ڄاموٽ ڪجھه وقت لاءِ ٻيلي کاتي جو وزير ٿيو ھو جنھن جي آفيس مان وزارتِ دفاع پاران ٿيل لکپڙھه جي خبر پئجي وئي ۽ اھو به معلوم ٿيو ته سنڌ جي ٻيلي کاتي ٻيلن واري زمين ڇانوڻيءَ لاءِ کڻڻ تي اعتراض ڪيو آھي. مون ھلالِ پاڪستان ۾ اھا خبر نمايان ڪري ھلائي ڇڏي ته ٻئي ڏينھن انٽر سروسز پبلڪ رليشنز ( آءِ ايس پي آر) آفيس مان ڪرنل صولت جي فون اچي وئي. رپورٽنگ جي حوالي سان وٽس اچڻ وڃڻ ٿيندو ھو سو سندس سڏ تي وڃي پھتومانس. “يار ڇانوڻي ٺاھڻ جي مخالفت ڇو ٿا ڪريو؟ اھو سوچيو ته ڇانوڻي ٺھڻ سان علائقو ترقي ڪندو، ماڻھن کي روزگار ملندو، سنڌي نوجوان فوج ۾ ڀرتي ٿيندا،” منھنجي ويھڻ شرط ھن چيو ھو. ڪرنل کلندي ڀوڳ واري انداز ۾ چيو ھو، “ اھو به سوچ ته اڳتي ھلي ڪڏھن مارشل لا لڳي ته سنڌ جي شھرن ۾ توھان جا پنھنجا سنڌي آفيسر ۽ جوان ڊيوٽين تي ھوندا.”

تن ڏينھن ۾ سنڌ رجمينٽ قائم ٿي چُڪي ھئي ۽ اسان جي اطلاعن موجب ان ۾ سنڌين جو تعداد اٽي ۾ لوڻ برابر ھو ۽ اڪثريت سنڌ ۾ آباد پنجابين جي ھئي. مون ڪرنل صولت کي چيو ھو: “سنڌ رجمينٽ ۾ ئي سنڌين کي نٿا کڻو ته سنڌي فوجي آفيسر ۽ جوان ڪٿان تيار ٿيندا.” ھن اھا حقيقت مڃيندي ٻڌايو ھو ته سنڌ رجمينٽ جا 25 سيڪڙو فوجي خالص سنڌي آھن ۽ مونکي چيائين ته حيدرآباد ھل ته توکي سنڌ رجمينٽ جو دورو ڪرائي سنڌي آفيسرن ۽ جوانن سان ملايان. “مونکي خوشي تڏھن ٿيندي جڏھن سنڌ رجمينٽ ۾ سڀ سنڌي ھوندا ۽ سنڌ جي ڪُوڙي ڊوميسائيل تي ڪوبه ڌاريو ڀرتي نه ڪيو ويندو،” مون وراڻيو ھو.

سنڌ رجمينٽ پھرين جولاءِ 1980 تي قائم ٿي ھئي ۽ ابتدا ۾ سکر ۾ بلوچ رجمينٽ جي ھڪ ٽريننگ بٽالين جو نالو مٽائي سنڌ رجمينٽ رکيو ويو. آڪٽوبر 1981 ۾ سکر مان رجمينٽل سينٽر حيدرآباد منتقل ڪيو ويو ھو. شروع ۾ 11 پنجاب بٽالين ۽ 10 بلوچ بٽالين ان ۾ شامل ڪيون ويون جڏھن ته 1988 کان 1999 تائين وڌيڪ 8 بٽالين ٺاھيون ويون. اھڙي طرح 2008 تائين بٽالينس جو انگ وڌي 29 ٿي ويو. شروع ۾ سنڌ رجمينٽ ۾ پنجابين جو تعداد وڌيڪ ھو. 1989 ۾ شھيد بينظير ڀٽو جي حڪومت ۾ فوج ۾ سنڌين جي ڀرتيءَ لاءِ ڪوٽا مقرر ڪئي وئي ھئي ته جيئن فوج ۾ سنڌين جو تعداد وڌائي سگھجي.

سنڌين کي فوج ۾ ڀرتيءَ کان روڪڻ واري پاليسي انگريزن ٺاھي ھئي. جيڪا پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ به جاري رھي. واشنگٽن ۾ ويٺل ميجر (رٽائرڊ) آغا ھمايون امين جي ھڪ تحقيقي مقالي

Ethnicity, Religion, Military Performance and Political Reliability: British Recruitment Policy and Indian Army 1757-1947

موجب ايڊن ڪميشن رپورٽ 1879 ۾ يو پيءَ جي مسلمانن کي خطرناڪ سڏيو ويو ھو. ھيٺئين طبقي جا مسلمان ۽ اھي زميندار جن کان زمينون کسيون ويون ھيو، سي انگريزن کي پسند ڪونه ڪندا ھئا. رپورٽ ۾ تجويز ڏني وئي ھئي ته فوج (بنگال آرمي) مان اھڙن طبقن جي ماڻھن کي خارج ڪرڻ گھرجي. ان رپورٽ تي ان وقت ته عمل نه ڪيو ويو پر 1885 ۾ جنرل رابرٽس جڏھن بنگال آرميءَ جو ڪمانڊر اِن چيف ٿيو ته ھن ايڊن ڪميشن رپورٽ جي روشنيءَ ۾ فوج مان وڏي تعداد ۾ مسلم رانگڙن ۽ ھندن کي ڪڍي ڇڏيو. ايڊن ڪميشن رپورٽ جون سفارشون ۽ جنرل رابرٽس جو قدم اصل ۾ 1857 واري فوجي بغاوت وارن واقعن جي پسمنظر ۾ ھئا جنھن ۾ ھندو ۽ مسلم سپاھي ملوث ھئا. ان بغاوت کي چيڀاٽڻ ۾ انگريزن کي ھڪ سال لڳو ھو جنھن ۾ پنجابي ۽ پٺاڻ فوجين انگريزن سان وفاداري ڏيکاريندي ڀرپور ساٿ ڏنو ھو. جنرل رابرٽس پنجابي ۽ پٺاڻ فوجين کي سندن وفاداريءَ سبب تمام گھڻو پسند ڪندو ھو. ان وقت کان “انگريزن سان وفاداري” فوج ۾ ڀرتيءَ واري پاليسيءَ جو بنيادي نقطو بڻجي ويو. “انھيءَ پاليسيءَ جي نتيجي ۾ 1885 کان 1911 تائين انگريزن جي ٺاھيل انڊين آرميءَ ۾ پنجابين جو انگ ايترو ته وڌي ويو جو اھا ڄڻ ته پنجابي آرمي بڻجي وئي،” آغا ھمايون امين لکي ٿو. انھن پنجابي فوجين ۾ سينٽرل پنجاب، ڪشمير جي ڄمون واري (پنجاب سان ملندڙ) علائقي جا پنجابي ۽ جٽ سک شامل ھئا. اھو ئي زمانو ھو جڏھن جنگجُو قوم (مارشل ريس) واري ٿيوري وجود ۾ آندي وئي ۽ پنجابين کي سندن قد ڪاٺ ۽ وفاداريءَ عيوض مارشل ريس سڏيو ويو.

آمريڪي يونيورسٽي لِيھاءِ جي ايسوسيئيٽ پروفيسر امرديپ سنگھه به پنھنجي ھڪ مضمون ۾ لکيو آھي ته: 1857 جي بنگال آرميءَ واري بغاوت ۾ سکن، پنجابين، ڊوگرن، گورکن ۽ پٺاڻن حصو ڪونه ورتو ھو ۽ تڏھن کان سندن وفاداريءَ سبب فوج ۾ ڀرتيءَ لاءِ ترجيح ڏني ويندي ھئي. انگريزن انھن سڀني قومن کي سندن وفاداريءَ سبب “مارشل ريس” جي لقب سان نوازيو ھو. “انگريزن بنگالين توڙي اعلى ذات جي ھندن کي سندن باغي سوچ سبب رد ڪيو ھو”، امرديپ لکي ٿو. اِيسٽ انڊيا ڪمپنيءَ 1815 کان وٺي نيپال جي گورکن کي ڀاڙيتو فوجين طور ڀرتي ڪرڻ شروع ڪيو ھو. برٽش حڪومت 1947ع کانپوءِ به گورکن کي پنھنجي فوج ۾ رکيو جيڪي فاڪلينڊ ۽ ڪوسووو وارين جنگين ۾ به وڙھيا ۽ اڄ تائين برٽش فوج ۾ ڀرتيءَ لاءِ کين ترجيح ڏني وڃي ٿي.

ٻنھي محققن جي مضمونن ۾ ڪٿي به سنڌي فوجين جو ذڪر نٿو اچي، پرسنڌ ۾ حُر ھلچل دوران مقرر انگريز انٽيليجنس سربراھه ڪرنل فلپ پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ انگلينڊ مان ھڪ سنڌي دوست کي موڪليل خط ۾ لکيو: “سنڌ ۾ حُرن خلاف سنڌين کي فوج ۾ ڀرتي ڪرڻ ايئن ھو ڄڻ پنھنجي پيرن تي پاڻ ڪھاڙي ھڻڻ. اسين 1914 ۾ ڏسي چُڪا ھئاسين ته سنڌي فوج حڪم جي تابع گھٽ ۽ عقل جي تابع وڌيڪ آھي. فوج ۾ حڪم ھلندو آھي نه ڪي عقل. ھاڻي به سنڌ ۾ حُر تحريڪ ھلي ته 1914 وانگي سنڌي فوجي فوج ڇڏي اچي حُرن سان مليا ھئا. اھو به شُڪر ٿيو جو فوج ۾ سنڌي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ھئا. 1914 واري واقعي کي ياد ڪري اسان لکي ڇڏيو ھو ته سنڌي ماڻھو فوج ۾ ڀرتيءَ لاءِ نا اھل آھن ۽ کين ڪڏھن به فوج ۾ نه کنيو وڃي.”

“ مان ڀانيان ٿو ته اڄ ڏينھن تائين ساڳيو ملٽري ڪوڊ قائم ھوندو،” ڪرنل فلپ جي خط جو ھيءُ جملو نھايت اھم آھي ۽ ورھاڱي کان اڳ توڙي پوءِ فوج ۾ ريڪروٽمينٽ پاليسيءَ کي بلڪل واضح ڪري ڇڏي ٿو. ڪرنل فلپ 1914 واري واقعي جو تفصيل ڪونه ڏنو آھي، پر پڪ ئي پڪ سندس حوالو ان وقت ھلندڙ پھرين مھاڀاري لڙائيءَ ۾ سنڌين پاران انگريزن جا غلط ۽ ظالماڻا حڪم نه مڃڻ بابت آھي. سنڌين ته عراق ۾ مقدس جاين تي حملي وارو انگريزن جو حڪم به مڃڻ کان انڪار ڪيو ھو، جنھن کانپوءِ انڊين آرميءَ جي پنجابي فوجين اھو ڪم انجام ڏنو ھو.

دھليءَ جي سکن جي ھڪ تنظيم پاران گنڊا سنگھه نالي شخص 1969ع ۾ وڏو مقالو لکي سکن مٿان آيل ان الزام کي ڌوئڻ جي ڪوشش ڪئي ته 1857 واري فوجي بغاوت ۾ سکن انگريزن سان ساٿ ڏئي غداري ڪئي ھئي. “دي انڊين ميوٽني آف 1857 اينڊ دي سِک” عنوان تحت مضمون ۾ گنڊا سنگھه اول ته 1857 واري فوجي بغاوت کي آزاديءَ جي جنگ مڃي ئي نٿو. ھُو چوي ٿو: “مھاراشٽر، ممبئي، گجرات، سنڌ وارن توڙي بھاولپور جي دائودپوٽن ۽ بلوچن به ان بغاوت جو ساٿ ڪونه ڏنو ھو. سک، پنجابي ۽ پٺاڻ ڪيئن ٿي پُوربيا سپاھين (بنگالين) جو ساٿ ڏئي سگھيا جن کين نه ئي اعتماد ۾ ورتو ھو ۽ نه ئي ڪو رابطو رکيو. ٻيو ته پوربيا سپاھي ھندستاني قوم جو حصو ڪونه ھئا. پوربيا سپاھين ڪرستان مردن، عورتن ۽ ٻارن کي قتل ڪيو ھو، سو سک، پنجابي ۽ پٺاڻ انھن خونين جو ساٿ ڪيئن ڏين ھا.”

گنڊا سنگھه سنڌ جي انھن شھيدن کي وساري ڇڏيو جن 1857 جي فوجي بغاوت ۾ حصو ورتو ۽ جن کي انگريزن گوليون ھڻي ۽ ڦاھيون ڏئي ڪراچيءَ ۾ شھيد ڪري ان ھنڌ پُوري ڇڏيو جتي اڄ ايمپريس مارڪيٽ قائم آھي. انگريز راڄ خلاف 18 فبروري 1946 تي انڊين رائل نيويءَ ۾ ڪراچيءَ کان ڪلڪتي تائين ٿيل بغاوت به تاريخ جو اھم باب آھي جنھن ۾ سنڌين ڀرپور حصو ورتو ھو. انگريزن رڳو ھڪ ڏينھن ۾ 250 باغي سپاھين کي شھيد ڪري ڇڏيو ھو جن ۾ 14 ته رڳو ڪراچيءَ ۾ شھيد ٿيا. اھڙي طرح 19 ھين صديءَ جي آخر کان لاڳيتو انگريزن خلاف حُرن جي ھلچل به جاري رھي، جنھن کي چيڀاٽڻ لاءِ ھنن سنڌ ۾ پنجابي، پٺاڻ ۽ گورکا فوجين کي استعمال ڪيو، تنھنڪري اھا ڳالھه سمجھه ۾ اچڻ جھڙي آھي ته انگريزن کي سنڌين تي ويساھه نه رھيو. پر اھي سموريون بغاوتون پنھنجي ڌرتيءَ تي ڌارين جي قبضي خلاف ھيون جڏھن ته سنڌين پاڪستان لاءِ ھلچل ۾ ڀرپور حصو ورتو، سنڌ اسيمبليءَ مان ٺھراءُ پاس ڪيو، وسيلا ڏنا، دل ۾ جايون ڏنيون، پوءِ به “مارشل ريس” وارو نظريو قائم رکي سنڌين کي ھٿياربند فوجن ۾ اچڻ کان روڪڻ جو سلسلو جاري رکيو ويو.

ڪا قوم جيڪڏھن امن پسند آھي ۽ جنگ وڙھڻ نٿي گھري ته ان جو مطلب اھو نه وٺڻ گھرجي ته اھا وڙھي نٿي سگھي. اھڙين قومن تي جڏھن ڏکيو وقت ايندو آھي ته اھي قومي آزاديءَ جي بچاءَ لاءِ وڙھنديون آھن. انگريزن سان جنگ ۾ سنڌين به ايئن ڪيو ۽ بنگالين، جن کي پنجابي “پوربيا سپاھي” سڏيندا ھئا، پاڪستان اندر ظلم سھي نيٺ وڙھي پنھنجي قومي آزادي حاصل ڪري ورتي. سنڌي قوم پاڪستان اندر رھندي پنھنجي حقن لاءِ جدوجھد ڪئي آھي ۽ فوج ۾ شامل رھي ملڪ جي جاگرافيائي سرحدن جي حفاظت به ڪئي آھي. خود ان ڳالھه مان اندازو ڪري سگھجي ٿو ته اھي ئي حُر جن کي انگريزن “ڪرمنل ٽرائيب” پڌرو ڪري وڏا ظلم ڪيا،

اھي پاڪستان جي سالميت لاءِ سرحدن تي موجود آھن. حُر جمائت جي ذريعن موجب حُر فورس 90 ھزار ويڙھاڪن تي مشتمل آھي، جيڪا ملڪ جي فوجي ڊسيپلن تحت ھلي ٿي. انگريز راڄ سنڌين کي سندن آزادي پسند سوچ سبب رد ڪري پنجابين ۽ پٺاڻن کي مارشل ريس قرار ڏنو پر سنڌين ثابت ڪيو ته اھي ڀاڙيتو فوجي بڻجي ڪنھن ڌارئي لاءِ وڙھڻ بدران پنھنجي قومي آزاديءَ لاءِ وڙھڻ کي ترجيح ڏين ٿا ۽ اصل مارشل ريس يا جنگجو قوم ته پاڻ ئي آھي جيڪا صدين کان وڙھندي رھي ٿي.

(خاص افيئر ميگزين لاءِ لکيل)

nasiraijazpk@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو