Home / ڪور افيئر / سنڌ ۾ ڪرپشن، هاءِ پروفائل گرفتاريون پ پ کي وري “شهيد” ٿيڻ جي خواهش!
above article banner

سنڌ ۾ ڪرپشن، هاءِ پروفائل گرفتاريون پ پ کي وري “شهيد” ٿيڻ جي خواهش!

Razak Khatiجيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان جي پويان هڪ آئيني جواز موجود آهي. اهو جواز آهي 21 هين ترميم جو، هي ترميم جڏهن قومي اسيمبلي مان پاس ٿي سينيٽ پهتي ته اتي موجود اڪثريتي پارٽي پ پ هئي، اها اڳي ئي ان ترميم جي حمايت ڪري چڪي هئي، اڪيلو رضا رباني اهڙو ميمبر هو جيڪو ايوان ۾ اٿي بيٺو، پنهنجي راءِ ڏيڻ وقت روئي پيو، “پارٽي جو فيصلو اکين تي، ووٽ ان جي امانت هو، اهو هو ڏئي رهيو آهي“ هو رڳو ايترو ئي چئي سگهيو ” هو ويهي رهيو ۽ پوءِ هليو ويو. 21 هين ترميم سينيٽ مان منظور ٿي وئي، صدر صحيح ڪئي ۽ اها ترميم آئين جو حصو ٿي وئي… ڪجهه وقت پوءِ ميان رضارباني سينيٽ جو چيئرمين ٿي ويو، هن ترميم خلاف هڪ ئي موثر آواز آئيني منصب جي بار هيٺيان دٻجي ويو.

هن وقت ملڪ جون سياسي حالتون انتهائي تيزي سان تبديلي طرف وڃي رهيون آهن، جيترا وات آهن، ڳالھيون به ايتريون ئي آهن پر حقيقت اها به آهي ته ساڍا ست سال سياستدانن کي جيڪو وقت مليو هنن نظام کي بچائڻ جي ڳالهه ته ڪئي پر نظام هلائڻ لاءِ هنن منافقي کان ڪم ورتو، هي پهريون ڀيرو ٿي رهيو آهي، ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ هلندڙ آپريشن جي مالڪي ڪرڻ لاءِ کليل طور تي ميان نواز شريف به تيار ناهي، نتيجي ۾ ميان نواز شريف لاءِ به ايندڙ ڏينهن ۾ سوڙھ وڌندي ويندي پر جيڪڏهن ميان نواز شريف پنهنجي عادت جي خلاف ڪو فيصلو جلد ڪري ورتو ته ممڪن آهي ته آر يا پار واري صورتحال پيدا ٿي وڃي،

آگسٽ جي آخري هفتي ۾ بلاول ڀٽو زرداري سندس والد جي ڀائيوار جي جهاز ۾ اسلام آباد پهتو هو، جتي هو ذري گهٽ هڪ هفتو ترسيو، اسلام آباد جي صحافين جي اها شڪايت پنهنجي جاءِ تي ته هو ڪا وڏي خبر نه ڏئي ويو پر هڪ ڳالهه واضح ٿي ته سندس آڏو پنجاب جي پارٽي وڏي زرداري جي مفاهمت واري پاليسي تي نه رڳو ڇتي تنقيد ڪئي پر سڄي پارٽي ان ڳالهه تي به هڪ آواز نظر آئي ته اها پاليسي دفن ٿيڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري پنهجي ان دوري دوران ڳالھيون ٻڌيون پر پاڻ گهٽ ڳالھايو. هي پهريون دفعو هو جڏهن زرداري واري پ پ ۾ پهريون ڀيرو ڪارڪن ڳالھائي رهيا هئا، نه ته اڳي ڪڏهن ان ڳالهه جو تصور به گناھ هو، ممڪن هو ته اڃا به گهڻيون ڳالھيون سامهون اچن ها، جيڪڏهن سندس پڦي ڀر ۾ موجود نه هجي ها!.

بلاول جي هن دوري ۾ پارٽي جي اهم اڳواڻن کيس صلاح ڏني ته هو مڪاني ادارن جي چونڊن واري خفي ۾ نه پوي، ڇاڪاڻ ته پارٽي جي انهن اڳواڻن کي اها خبر آهي ته پارٽي انهن مڪاني چونڊن ۾ ڪو ٻوٽونه ٻاري سگهندي ۽ پوءِ اها ناڪامي به چيئرمين جي کاتي ۾ وڌي ويندي. هو هاڻي سنڌ ۾ آهي، ان بعد اطلاع آهن ته لاهور به ويندو پر ڪا وڏي اڳڀرائي جو امڪان نظر نٿو اچي. ڇاڪاڻ ته بلاول ان پوزيشن ۾ ئي ناهي جو هو پاڻ فيصلا ڪري سگهي پر ان باوجود هڪ اهم ڳالهه اها سامهون آئي ته سندس پيءُ جي دوست ڊاڪٽر عاصم جي گرفتاري تي هن پاران ڪو به مذمتي بيان جاري نه ڪيو ويو آهي، جنهن مان ان ڳالهه جو ٿورڙو اشارو ضرور ملي ٿو ته بيان ڏيڻ جي حد تائين کيس آزادي ضرور مليل اٿس. هن وقت پيپلزپارٽي شديد اندروني بحران جي ور چڙهيل آهي، سنڌ ۾ ان ڪري ڪو به رد عمل نظر نٿو اچي ته اڃا هو حڪومت ۾ آهي ۽ مخالفن کي جيڪي هنن ٽانڊا ڏنا آهن اهي سڀن جي سامهون آهن، ان ڪري في الحال ته معاملو دٻيل آهي پر جيئن ئي صورتحال اڃا به ٿورڙي تبديل ٿي ته اڇا ڪارا پڌراپوندا.

18  aug 15-2015

ايم ڪيو ايم اڃا تائين حڪومت سان ٺهڻ لاءِ تيار ناهي، سيپٽمبر جي پهرين تاريخ پنجاب هائوس ۾ جيڪي ڳالھيون ٿيون ان ۾ اهو طئي ٿيو ته باقي ڳالھيون ٻئي ڏينهن ٿينديون، مولانا فضل الرحمان پاران به ٻئي ڏينهن ڳالھين ۾ شرڪت جو امڪان هو پر اوچتو ڪجهه ڪلاڪن بعد يعني صبح جو پنجين وڳي پريس ڪانفرنس گهرائي ڳالھيون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن ۽ الطاف حسين جي وچ ۾ بداعتمادي وڌي وئي آهي، اسلام آباد ۾ ايم ڪيو ايم جي سينيٽرن ۽ ايم اين ايز جي اجلاسن کانسواءِ موجودگي لنڊن ۾ ويٺل قيادت کي پريشان ڪري ٿي، اهو ئي سبب آهي ته ايم ڪيو ايم پاران استعيفائون واپس وٺڻ جو اعلان ڪيو به وڃي پر هن کي اها ضمانت کپي ٿي ته اسلام آباد ۾ فارورڊ بلاڪ نه ٺهندو، ٻيو خطرو اهو آهي ته لنڊن ۾ الطاف حسين مٿان ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس جي سلسلي ۾ جيڪو دٻاءُ وڌي رهيو آهي ان جو رد عمل ڪراچي ۾ ڏيکارڻو آهي. هلندڙ مهيني ان اهم ڪيس ۾ اڳڀرائي ٿيڻي آهي، ملڪ ۾ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ الطاف حسين جي تقرير مٿان پابندي لڳل آهي. سندن آفيسون بند آهن ۽ فلاحي ڪمن جي بهاني قرباني واري عيد تي هنن مٿان کلون وٺڻ تي به پابندي لڳل آهي. لنڊن ۾ مني لانڊرنگ ڪيس جي ڪري الطاف حسين کي پاڪستان مان ملندڙ رقم گهٽ ٿي وئي آهي، هاڻي سڄو بار اوور سيز پاڪستاني واري تنظيم مٿان پئجي ويو آهي، حڪومت ايم ڪيو ايم جا اهي ٽئي مطالبا مڃڻ جي پوزيشن ۾ ناهي، ان ڪري ايم ڪيو ايم بنا ڪنهن مطالبي پوري ٿيڻ جي استعيفا واپس وٺي يا اڃا به وڌيڪ سختي سهڻ لاءِ تيار ٿئي.

اتفاق اهو آهي ته هن وقت ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ الطاف حسين ۽ پيپلزپارٽي جي سربراهه آصف علي زرداري سان هڪ جهڙي صورتحال آهي، ٻنهي اڳواڻن کي پنهنجي سِر جي لڳي آهي، ڊاڪٽر عاصم جي گرفتاري الطاف حسين کان وڌيڪ آصف علي زرداري لاءِ پريشاني پيدا ڪري ڇڏي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پارٽي جي چند اهم اڳواڻن (دوستن)کانسواءِ آصف علي زرداري ان سلسلي ۾ ٻئي ڪنهن سان به رابطي ۾ ناهي، نه هو اهو مسئلو پارٽي جي فورم تي کڻي وڃڻ چاهي ٿو. ڇاڪاڻ ته هيستائين جيڪي به پارٽي لاءِ مسئلا پيدا ٿيا آهن، ان ۾ پارٽي جي ماڻهن جو عمل دخل نه پر زرداري جي دوستن جو ڪيتو پارٽي کي لوڙڻو پيو آهي، ان ڪري ڊاڪٽر عاصم اهو طوطو آهي جنهن ۾ جادوگر جي جان آهي، جادوگر پريشان آهي ته هر صورت ۾ طوطو بچي وڃي، جيڪڏهن ان ٻولڻ شروع ڪيو ته معاملو گهڻو خراب ٿي ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته زرداري پاران مفاهمت جي خاتمي جي اعلان پويان ٻه منطق هئا، جنهن ذريعي هن نه رڳو پارٽي ۾ پنهنجي پوزيشن کي بهتر ڪيو پر ن ليگ کي به پيغام ڏنو ته اسان جو ساٿ ڏيو نه ته سڀاڻي اوهان جو به وارو اچڻ وارو آهي. بلاول جي اسلام آباد مان واپسي بعد اهو تاثر شدت سان اڀري سامهون آيو ته جنهن مفاهمت جي نالي ۾ پارٽي جي نظرئي کي دفن ڪري حڪومت هلائڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏني وئي ان نظرئي خلاف پنجاب جي تنظيم کي جڏهن ڳالھائڻ جو موقعو مليو ته ان شدت سان ان جي مخالفت ڪئي، ان صورتحال ۾ وڏي زرداري لاءِ اهو اخلاقي مسئلو پيدا ٿي چڪو هو، جڏهن ته ٻئي طرف فوج کي سر جو جواب پٿر سان ڏيڻ واري موقف بعد هن لاءِ وڏو مسئلو به پيدا ٿي چڪو هو، ان ڪري هن دفعي هن جي بيان ۾ فوج جي واکاڻ ڪئي وئي، جيئن فوج جي ڪاوڙ کي ماٺو ڪري سگهجي پر اها ڪوشش اجائي هئي…. هي پهريون ڀيرو هو جڏهن الطاف حسين جي ڪيل خبرن جي جبري وڪالت سندس پارٽي جي اڳواڻن کي ڪرڻي ٿي پئي. ايئن زرداري جي ساٿين کي به ڪرڻو پيو آهي. 29 آگسٽ تي پيپلزپارٽي جا 3 اهم اڳواڻ اسلام آباد ۾ ناڻي واري وفاقي وزير ۽ وزيراعظم جي ڪٽنب جي اهم فرد اسحاق ڊار سان مليا، ذريعا چون ٿا ته پ پ جي وفد اسحاق ڊار کان ان ڳالهه جي ضمانت گهري ته ڊاڪٽر عاصم کي آزاد ڪيو وڃي، جنهن جي جواب ۾ ڊار کين چيو ته هو ضمانت ڏيڻ جي پوزيشن ۾ ناهي پر ايتري خاطري ضرور ڪرائي سگهي ٿو ته ڊاڪٽر عاصم خلاف حڪومت ڪيسن جي پيروي نه ڪندي. حڪومت پاران اهو جواب مطمئن ڪندڙ نه هو، ان ڪري ڊار صاحب کي چيو ويو ته 48 ڪلاڪن ۾ هو مٿي ڳالھائي جواب ڏئي، هن وفد ۾ سيد خورشيد شاھ ، راجا پرويز اشرف ۽ يوسف رضا گيلاني شامل هئا. جڏهن حڪومت پاران جواب نه آيو ته ان باوجود آصف علي زرداري پاران آخري حربو هلايو ويو، هن 31 آگسٽ تي اسلام آباد ۾ موجود هڪ اينڪر پرسن کي اطلاع ڪرايو ته هو ٿوري دير ۾ حڪومت خلاف سخت بيان جاري ڪرڻ وارو آهي، جنهن کانپوءِ ذري گهٽ منو ڪلاڪ اڳ ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ان باري ۾ بحث شروع ٿي ويو، ٽي وي چينلن پنهنجي اسپيشل ٽرانسميشن شروع ڪرڻ جا بندوبست ڪري ڇڏيا، پردي جي پويان جڏهن حڪومت به ڪو رابطو نه ڪيو ته اهو بيان جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ حڪومت کي ڀيانڪ نتيجا نڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي وئي. ذري گهٽ هڪ هفتو گذرڻ وارو آهي پر حڪومت زرداري جي بيان تي ڪو به ردعمل نه ڏيکاريو آهي، جڏهن ته ٻئي طرف حيرانگي جي حد تائين زرداري جي بيان کي عوامي سطح تي پنهنجي جان بچائڻ جو حربو قرار ڏنو ويو آهي، ان مان ئي هن جي پاپولرٽي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

19  aug 15-2015

زرداري جي بيان کانپوءِ آرمي چيف 36 ڪلاڪن ۾ وزيراعظم سان ٻه ڀيرا ملاقاتون ڪري چڪو آهي، ڪراچي ۾ آرمي، رينجرس جي معرفت آپريشن ڪري رهي آهي ۽ اڻ سڌي طرح سڄي نظام کي سنڀاليو ويو آهي. سنڌ حڪومت جي اخلاقي حيثيت ان ڪري به شديد متاثر ٿي آهي ته ان جو چيف سيڪريٽري به عدالت مان ضمانت تي آهي، ان ڪري هاڻي اهو واضح آهي ته دهشتگردي جي مالي سهائتا ڪندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏيو ويندو پر اهي به سوال اٿڻ لڳا آهن ته ڇا اهو سڀ ڪجهه سنڌ ۾ ئي ٿيندو رهندو يا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پنجاب جو به رُخ ڪندي، جيڪڏهن هلندڙ مهيني ان آپريشن جو رُخ پنجاب ڏانهن نه ويو ته پوءِ اهو آپريشن تڪراري بڻجي ويندو.

اسلام آباد جي اهم سياسي حلقن ۾ اهي خبرون هلن پيون ته هن دفعي آپريشن ڪندڙن جي راھ ۾ جيڪڏهن سياستدانن (ن ليگ) رڪاوٽون کڙيون ڪيون ته پوءِ سڀ ڪجهه ويڙهجي ويندو ۽ خاموشي اختيار ڪئي ته پوءِ سلسلو ايئن ئي هلندو. ذريعا چون ٿا ته آصف علي زرداري جي خواهش آهي ته سنڌ حڪومت کي ڪنهن به طريقي سان هٽايو وڃي، جيئن هو مظلوم ٿي هڪ دفعو ٻيهر عوام ڏانهن رجوع ڪري سگهن. ايم ڪيوايم صورتحال کي ان طرف وٺي وڃڻ لاءِ هر صورت ۾ تيار آهي، ڇاڪاڻ ته هن وٽ ان کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي. زرداري هن دفعي الطاف حسين کي استعمال ڪري پنهنجو پاڻ کي بچائڻ چاهي ٿو. الطاف حسين تمام گهڻو سوڙهو ٿيندو ٿو وڃي، هن سان مسئلو اهو آهي ته سندس تنظيم مٿان اعتماد گهٽجي ويو آهي، لنڊن ۾ هن جي چوڌاري گهيرو تنگ ٿيندو ٿو وڃي، مالي حالت اڳ جهڙي نه رهي آهي، ان ڪري ان ذهني ڪيفيت ۾ هو ڪجهه به ڪري سگهي ٿو.

razak.khatti@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو