Home / اسپيشل افيئر / سپريم ڪورٽ جا حڪم نظرانداز سنڌ جي تعليمي بورڊن ۾ ڪرپشن ۽ قانون جي لتاڙ
above article banner

سپريم ڪورٽ جا حڪم نظرانداز سنڌ جي تعليمي بورڊن ۾ ڪرپشن ۽ قانون جي لتاڙ

imسپريم ڪورٽ جي حڪمن باوجود ۽ چار سال ليپس ٿيڻ کان پوءِ به سنڌ جي ڪيترن ئي تعليمي بورڊن آئوٽ آف ٽرن پروموشن، ڊيپوٽيشن تي ڪم ڪندڙ آفيسرن کي اصل کاتن ڏانهن واپس اماڻڻ ۽ ٻين کاتن جا ماڻهو بورڊ ۾ ضم ڪرڻ خلاف ڏنل حڪم تي عمل نه ڪيو آهي. چيو اهو پيو وڃي ته سياسي مداخلت سبب بورڊن ۾ اڃا به غير قانوني مقررين، پروموشن ڏيڻ ۽ ضم ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي.

ياد رهي ته 2011ع ۾ سپريم ڪورٽ پٽيشن نمبر 2011/89 هيٺ سمورن کاتن کي هدايتون جاري ڪيون هيون ته آئوٽ آف ٽرن پروموشن نه ڪيا وڃن، ڊيپوٽيشن تي مقررين بجاءِ ملازمن کي سندن اصل کاتن ڏانهن اماڻيو وڃي. سپريم ڪورٽ جي اهڙن واضح حڪمن کان پوءِ ڪيترن ئي کاتن هڪ هزار کان مٿي ڊيپوٽيشن تي ڪم ڪندڙ يا ضم ٿيل ملازمن کي سندن اصل کاتن ڏانهن واپس اماڻي ڇڏيو، جڏهن ته ٻيهر ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيل ملازمن جون نوڪريون پڻ ختم ڪري ڇڏيون. واضح هجي ته سپريم ڪورٽ جي سخت نوٽيس وٺڻ کان پوءِ جولاءِ 2015ع ۾ صحت کاتي جي 12 آفيسرن کي سندن پنهنجي کاتي ۾ واپس اماڻيو ويو. ان سلسلي ۾ سنڌ جي يونيورسٽين ۽ تعليمي بورڊن بابت وڏي وزير جي سيڪريٽري اقبال دراني سنڌ جي سمورن تعليمي بورڊن کي هڪ خط لکي سپريم ڪورٽ جي ڏنل حڪمن تي فوري طور عمل ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي.

“افيئر” کي هٿ آيل دستاويزي ثبوتن موجب رڳو حيدرآباد انٽر ميڊئيٽ ۽ سيڪنڊري ايجوڪيشن بورڊ ۾ ٽيهارو کن آفيسر ڊيپوٽيشن تي ڪم ڪري رهيا آهن، 20 ملازم غير قانوني طور ڀرتي ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ڪيترن ئي آفيسرن کي ٻيهر ڪانٽريڪٽ بنيادن تي ڀرتي ڪيو ويو آهي.

ياد رهي ته 27 جولاءِ 2015ع تي رينجرز ۽ سيڪيورٽي ايجنسي جي عملدارن حيدرآباد بورڊ آفيس تي ڇاپو هنيو، جنهن جو مقصد ڪيترين ئي بدعنوانين ۾ مبينا طور ملوث عملدار نديم کي گرفتار ڪرڻ هو پر هو آفيس مان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. بورڊ انتظاميا ان سلسلي ۾ مذڪوره عملدار کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو، جڏهن ته چيف منسٽر هائوس ۽ وڏي وزير جي تعليمي بورڊن لاءِ سيڪريٽري کي پڻ اطلاع ڏنو ويو.

22  aug 15-2015

لاڳاپيل آفيسر مذڪوره شوڪاز نوٽيس جو جواب ڏيڻ بدران مسلسل ڊيوٽي ڪري رهيو آهي. ٻئي طرف بورڊ انتظاميا سندس ميڊيڪل جي بنياد تي موڪل پڻ منظور ڪري ورتي آهي. ليڪن ذريعا اهو ٿا ٻڌائن ته مذڪوره عملدار روزانو ڊيوٽي تي اچي ٿو، گڏوگڏ سندس بورڊ جي چيئرمين ۽ سيڪريٽري سان گڏجاڻيون پڻ ٿينديون ٿيون رهن، جڏهن ته هن ويجهڙ ۾ 14 آگسٽ تي جهنڊو ڦڙڪائڻ واري تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي، جيڪا بورڊ آفيس ۾ منعقد ٿي هئي.

هٿ آيل وڌيڪ تفصيلن مطابق هڪ ملازم کي 9 گريڊ ۾ بورڊ ۾ سينيئر ڪلارڪ طور ضم ڪرڻ کان پوءِ کيس ترت ئي غير قانوني طور 14 هون گريڊ ڏنو ويو، نه رڳو اهو پر قاعدن قانونن جي لتاڙ ڪندي کيس نگران پڻ مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته هڪ ٻئي ملازم کي 20 سينيئر آفيسرن کي پوئتي ڇڏي 17 هون گريڊ ڏنو ويو جيڪو پڻ غير قانوني آهي.

گذريل 10 سالن ۾ هڪ اسسٽنٽ پروفيسر کي ڊيپوٽيشن تي انسپيڪٽر ڪاليجز، قائداعظم يونيورسٽي مان بورڊ جو آڊٽ آفيسر ۽ اوقاف کاتي مان هڪ آفيسر کي بورڊ ۾ ڊيپوٽيشن تي مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته هڪ دفتري جو هيٺيون گريڊ رکندڙ کي اسسٽنٽ ڪنٽرولر مقرر ڪيو ويو ۽ ٿوري ئي عرصي اندر ان کي ترقي ڏئي آفيسر گريڊ ۾ آندو ويو. ان ماڻهو جي ترقي خاطر ڪيترن ئي آفيسرن کي باءِ پاس ڪيو ويو. جڏهن ته قاعدن جي لتاڙ ڪندي ٻن ٻين ملازمن کي هيٺئين گريڊ مان مٿئين گريڊ ۾ ترقي ڏني وئي.

ٻئي طرف انٽر ميڊئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن بورڊ حيدرآباد جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد ميمڻ “افيئر” سان ڳالهائيندي چيو ته بورڊ ۾ ملازمن جي تقررين، انضمام ۽ پروموشنس ۾ بي قاعدگيون ٿيون آهن، جنهن جي معلومات چيف منسٽر هائوس کي پڻ ڏني وئي آهي، اتان ئي قطعي هدايتن جو انتظار آهي. جڏهن ته هن غير قانوني طور ڀرتي ٿيل ملازمن ۽ ترقي ماڻيندڙن جا نالا ۽ تعداد ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. “اهو اسان جو دفتري راز آهي جيڪو ڪنهن سان به شيئر نه ٿو ڪري سگهجي.” محمد ميمڻ جواب ڏيندي چيو. هن هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وراڻيو ته مونکي بورڊ جي ملازم نديم جي گرفتاري جي سلسلي ۾ بورڊ تي ڇاپي بابت اڳواٽ خبر هئي، ان ڪري ئي اسان کيس شوڪاز نوٽيس جاري ڪري پنهنجي پوزيشن واضح ڪرڻ لاءِ چيو هو. بدقسمتي سان ڇاپي کان پوءِ نديم سخت بيمار ٿي پيو ۽ کيس ميڊيڪل بنيادن تي موڪل ڏني وئي، مونکي سندس موڪل ۽ ڇاپي کان پوءِ آفيس اچڻ بابت ڪا خبر نه آهي. محمد ميمڻ وڌيڪ چيو. ٻئي طرف سنڌ جي يونيورسٽين ۽ تعليمي بورڊن بابت وڏي وزير جي سيڪريٽري اقبال دراني جو چوڻ هو ته هن سمورن بورڊن کي خط لکي ڇڏيو آهي ته اهي سپريم ڪورٽ جي ڏنل حڪمن تي سختي سان عمل ڪن ۽ ان سلسلي ۾ ڪنهن سان به ڪا رعايت نه ڪئي وڃي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو