Home / سنڌ افيئر / مڪاني ادارن جي تڪن ۾ ڦير ڦار: بدين ۾ مرزا گروپ ۽ پ پ وچ ۾ دنگل جو امڪان
above article banner

مڪاني ادارن جي تڪن ۾ ڦير ڦار: بدين ۾ مرزا گروپ ۽ پ پ وچ ۾ دنگل جو امڪان

Allah Bachayoسنڌ ۾ مڪاني ادارن جون چونڊون ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان سنڌ حڪومت جي تعاون ۽ روينيو کاتي جي سهڪار سان 1998ع جي آدمشماري تحت سڄي سنڌ ۾ تازو جيڪي نيون تڪ بنديون ڪيون ويون ان ۾ بيشمار غلطيون ڪري هر ضلعي جي مقامي ماڻهن لاءِ وڏا مسئلا پيدا ڪيا ويا. بنا ڪنهن حقيقي درست سروي ۽ سوچ ويچار جي تڙ تڪڙ ۾ مقامي ڄاڻو ماڻهن جي مشاورت کان سواءِ روينيو کاتي جي ڪن نون سيکڙاٽ تپيدارن ۽ اليڪشن ڪميشن جي ڪلارڪن آفيسن ۾ ويهي رات وچ ۾ ضلعن جون تڪبنديون ۽ حدبنديون مڪمل ڪري ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کان منظور ڪرائي ورتيون، جنهن ۾ خاص طور تي نين يونين ڪائونسلن جي قيام ۽ انهن ۾ شامل ديهن ۽ انهن جي نوَن نالن سان پڻ وڏي جُٺ ڪئي ويئي.

تازو ڪيل مڪاني ادارن جون اهي حدبنديون گذريل سال سنڌ حڪومت طرفان سياسي بنيادن تي ڪيل تڪ بندين ۽ حد بندين کان هرگز مختلف ناهن، معمولي هير ڦير ڪئي ويئي آهي. ڪيل اهڙين غلط حدبندين بابت بدين ضلعي ۾ برسر اقتدار پيپلز پارٽي جي ٻن واضح ڌڙن ۾ ورهايل مرزا مخالف گروپ ۽ خود مرزا گروپ سميت ٻي ڪنهن به سياسي يا سماجي تنظيم ايڪڙ ٻيڪڙ يوسيز کان سواءِ سرگرمي سان وڏي پيماني تي ٺٽي ۾ قائم ڊويزنل اليڪشن ٽربيونل ۾ مقرر تاريخن تي پنهنجا اعتراض داخل ته ڪرايا البته سڄي بدين ضلعي ۾ ڪيل نين حدبندين ۽ تڪ بندين تي واسطيدار علائقي جي ڪن سڄاڻ ماڻهن پڻ اعتراض واريا پر اهي اعتراض پڻ بنهه محدود ۽ گهٽ پئماني تي داخل ڪرايا ويا. اليڪشن وڙهندڙ سياسي پارٽين جي عدم دلچسپي جو نتيجو اهو نڪتو ته اليڪشن ڪميشن مقرر تاريخ تي تڪ بندين جي حتمي فهرست جاري ڪري ڇڏي، جنهن نئين حتمي فهرست موجب بدين ضلعي ۾ اڳ ۾ قائم 46 يونين ڪائونسلن جي تعداد کي وڌائي ان جو انگ 64 ڪيو ويو. جڏهن ته يوسي پنگريو، يوسي نندو، يوسي ڪڙيو گهنور ۽ يوسي راڄو خاناڻي جو درجو وڌائي انهن کي ٽائون ڪميٽي بڻايو ويو آهي. جڏهن ته ڪڍڻ شهر ۾ اڳ ۾ ئي ٽائون ڪميٽي قائم ٿيل هئي جيڪا غير فعال بڻيل هئي. اهڙي طرح بدين ضلعي ۾ هاڻ ٽائون ڪميٽين جو انگ ڏهه ٿي ويو آهي. بدين ۽ ماتلي جي ٻنهي شهرن کي ميونسپل ڪميٽي جو درجو ملي ويو آهي. اهڙي طرح ضلعي جي پنجن تعلقن ۾ نين قائم ٿيل يونين ڪائونسلن بعد هر هڪ تعلقي ۾ هاڻ يوسيز جو تعداد ترتيبوار هن طرح سان آهي: تعلقو بدين 17 يوسيز، تعلقو تلهار 6، تعلقو شهيد فاضل راهو 12، تعلقو ماتلي 16، تعلقو ٽنڊوباگو 13، نئين ڪيل حدبندي ۽ تڪ بندي تحت ضلعي ۾ جيڪي نيون يونين ڪائونسلون قائم ڪيون ويون آهن، انهن ۾ سڀ کان وڌيڪ نيون 5 يوسيز تعلقي بدين ۾ آهن جيڪي سڀئي ڄاڻي ٻجهي طور بدين جي ڏاکڻي آفتن جي سٽيل سامونڊي پٽي واري ڊزاسٽر ريڊ زون ۾ ٺاهيون ويون آهن جن ۾ هڪ اڳوڻي يوسي ڀڳڙا ميمڻ مان ٽي يوسيز ٺاهيون ويون آهن جن مان نيون يوسيز يوسي شهيد دودو سومرو، يوسي ٻهڊمي بڻايون ويون، جڏهن ته اڳوڻي يوسي مٺي ٿري کي ٽوڙي ان مان هڪ وڌيڪ يوسي چاڪر خان پنهور ٺاهي وئي. جڏهن ته اڳوڻي يوسي ڪڍڻ ۽ يوسي مٺي ٿري مان ديهون ٽوڙي نئين يوسي مٺو خان چانڊيو ۽ اڳوڻي يوسي لنواري شريف ۽ يوسي ڪڍڻ جي ستن ديهن هر هڪ ديهه ڪُنر، چارو، ديهه سيارسي جو هڪ حصو، ديهه سنگهر، ديهه اڇ، اڇڙو ۽ ديهه ستياري جي ٻن ڀاڱن کي ٽوڙي شهيد راڻي ايٽ الهڏنو جمالي جي نالي سان هڪ نئين يوسي قائم ڪئي وئي آهي. شروع ۾ ڪيل حدبندين ۾ ڪن يوسيز جي قديم تاريخي نالن سان پڻ هٿ چراند ڪئي ويئي آهي. شروع ۾ ڪيل حدبندين ۾ ڪن يوسيز جي قديم تاريخي نالن سان پڻ هٿ چراند ڪئي ويئي، جنهن ۾ عظيم صوفي بزرگ حضرت خواجه محمد زمان جي تاريخي شهر لنواري شريف جو نالو بدلائي حضرت پير سلطان اولياءَ خواجه ڪيو ويو، جنهن تي جماعت درگاهه لنواري شريف جي ٻنهي حريف ڌڙن ٽربيونل ۾ اعتراض داخل ڪرائي يوسي جو اڳوڻو تاريخي نالو لنواري شريف بحال ڪرايو. جنهن تاريخي نالي سان ديهه لنواري شريف پڻ موجود آهي.

48  aug 15-2015

اهڙي طرح يوسي مٺي ٿري جو نالو بدلائي ان يوسي جو اوپرو اڻ وڻندڙ غير مقامي نالو قبائلي چڪ رکيو ويو. علائقي جي مقامي قديم نالي کي هٽائي اهڙو نالو رکڻ جي باوجود علائقي جي مقامي سياسي اڳواڻن، وڏيرن ۽ ڀوتارن جڏهن ان خلاف ڪو به اعتراض داخل نه ڪرايو تڏهن ان يوسي جي هڪ مقامي سڄاڻ نوجوان چيتن لال ٻن مقامي ڳوٺاڻن ربو ڌنو نوتيار ۽ نورو ملاح سان گڏجي پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري وڃي ڊويزنل اليڪشن ٽربيونل ۾ اعتراض داخل ڪرائي اڳوڻو نالو بحال ڪرائي تاريخي ڪارنامو سرانجام ڏنو. اهو مسڪين نوجوان چيتن لال ميگهواڙ جيڪڏهن اهڙي همت جو مظاهرو نه ڪري ها ته يقيني طور يوسي مٺي 3 قبائلي چڪ بڻجي وڃي ها.

اهو حال آهي بدين ضلعي جي انهن مقامي سياستدانن ۽ وڏيرن جو آهي جيڪي هاڻ ووٽ وٺڻ لاءِ جلدي گاڏين ۾ چڙهي خوني مها ٻوڏن ۾ تباهه ٿيل کڏن کوٻن وارن رستن تان ڌوڙ اڏائيندا ضلعي جي ويران ڳوٺن ۾ پهچندا. جيئن ته مڪاني ادارن جون هي چونڊون پارٽي بنيادن تي ٿي رهيون آهن ان ڪري رجسٽرڊ سياسي پارٽيون ۽ آزاد اميدوار هنن چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺندا ۽ ممڪن آهي ته ڪي گڏيل اتحاد ۽ گروپ پڻ پاڻ کي رجسٽرڊ ڪرائي اليڪشن وڙهن. هن وقت سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي جيڪا گذريل اٽڪل ساڍن ستن سالن کان سنڌ تي راڄ ڪري رهي آهي. سيد قائم علي شاهه جي وڏ وزارت واري سنڌ حڪومت پنهنجي ناقص ڪارڪردگي ۽ بنهه خراب حڪمراني سبب تمام گهڻي غير مقبول ٿي ويئي آهي.

سنڌ ۾ ڪيل ڪرپشن جا قصا ميڊيا ذريعي هاڻ سنڌ جي عام ماڻهو تائين پڻ پهچي رهيا آهن، سنڌ جي وسيلن کي ڦرلٽ جو مال سمجهي بي دردي سان ڦرلٽ ڪندڙ وڏا چور ۽ ڌاڙيل سڳ سوڌو سوگها ٿي رهيا آهن، هن ملڪ جا اصل واڳ ڌڻي سندن ڪڍ لڳل آهن. اڳ ۾ سدائين ننڍيون مڇيون شڪار ٿينديون آهن پر هاڻ جڏهن وڏا مانگر مڇ ڦاسڻ لڳا آهن تڏهن وزيراعليٰ هائوس ۽ بلاول هائوس ۾ رڙ مچي ويئي آهي.

اها پيپلز پارٽي جيڪا بدين ضلعي کي پنهنجو مضبوط قلعو سمجهندي هئي ان قلعي ۾ هاڻ ڏار پئجي ويا آهن. سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي آصف علي زرداري ۽ ان جي گروپ خلاف ڪيل بغاوت ۽ مرزا خلاف بدين ۾ ڪيترائي ڪيس داخل ڪري هن کي گرفتار ڪرڻ خلاف بدين جي عوام طرفان ڪيل سخت احتجاج وارن واقعن بعد ضلعي ۾ پيپلز پارٽي ٻن واضح حريف ڌڙن ۾ ورهائجي ويئي آهي ۽ ٻنهي ڌڙن ۾ هلندڙ ويڙهه دوران ٻنهي ڌڙن بدين ۾ پنهنجي عوامي طاقت جا جيڪي مظاهرا ڪيا ان ۾ مرزا گروپ جي برتري صاف نظر اچي رهي هئي ۽ مسلم ليگ ن جو اڳواڻ اسماعيل راهو ان ويڙهه دوران مرزا جي کليل حمايت ڪري ميدان تي پڻ لٿو هو ۽ ٻئي اڳواڻ هن وقت پڻ هڪ ٻئي جا اتحادي آهن. جڏهن ته ٽي مهينا اڳ بدين جي قومپرست پارٽين جي اڳواڻن هزارين ماڻهن سان گڏجي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي حمايت ۾ ريليون ڪڍي ڀرپور حمايت ڪئي هئي.

ان کان سواءِ 16 آگسٽ تي جي يو آءِ جي اڳواڻ راشد محمود سومرو غير معمولي طور تي بدين شهر جي قطر مسجد ۾ ڊاڪٽر مرزا سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪري نه فقط گهڻن ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو پر ان پريس ڪانفرنس ۾ راشد محمود سومري اهو اعلان ڪري مرزا مخالف پ پ ڌڙي جي اڳواڻن جا پگهر ڪڍي ڇڏيا ته جي يو آءِ مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ مرزا گروپ سان گڏجي بدين ۾ پ پ خلاف اليڪشن وڙهندي. جيتوڻيڪ مرزا اڃا تائين نه ڪنهن سياسي پارٽي ۾ شموليت ڪئي آهي ۽ نه ئي ڪنهن گروپ ۽ پينل جو اعلان ڪيو آهي. جيئن ته مڪاني چونڊن ۾ سياسي پارٽين سان گڏ ذات، برادري ۽ ڀوتارن جو پڻ وڏو عمل دخل رهي ٿو پر اها ڳالهه واضح آهي ته جيڪڏهن هي چونڊون شفاف ٿيون ته بدين ضلعي ۾ اصل مقابلو مرزا گروپ ۽ آصف زرداري جي حامين وچ ۾ ٿيندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو