Home / ڪرنٽ افيئر / وِد هولڊنگ ٽيڪس ۽ واپارين جو احتجاج- حقيقت ڇا آهي؟
above article banner

وِد هولڊنگ ٽيڪس ۽ واپارين جو احتجاج- حقيقت ڇا آهي؟

                        وفاقي حڪومت جون مهيني ۾ 16-2015ع جي بجيٽ پيش ڪرڻ وقت انڪم ٽئڪس نه ڏيندڙن تي پهرين جولاءِ کان 0.6 سيڪڙو ٽئڪس بئنڪ ٽرانزڪشن تي لاڳو ڪري ڇڏيو. ليڪن سڄي ملڪ جي واپارين طرفان حڪومت جي اهڙي اعلان خلاف احتجاجي مظاهرا ٿيڻ کان پوءِ حڪومت واپاري اڳواڻن سان ڳالهيون ڪيون، نتيجي ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار 11 جولاءِ کان 30 سيپٽمبر تائين وِد هولڊنگ ٽئڪس گهٽائي 3 سيڪڙو ڪرڻ جو اعلان ڪيو، ان عارضي رليف سان به واپارين کي تسلي نه ملي ان ڪري انهن 9 سيپٽمبر ۽ 7 آڪٽوبر تي وِد هولڊنگ ٽئڪس واپس نه وٺڻ جي صورت ۾ ملڪ گير احتجاج ۽ شٽر ڊائون جو اعلان ڪيو آهي. سندن احتجاج جو مک ڪارڻ اهو ٿو سمجهه ۾ اچي ته واپاري انڪم ٽئڪس نيٽ ۾ اچڻ کان بچڻ خاطر پنهنجا انڪم ٽئڪس رٽرن داخل نٿا ڪرائڻ چاهين، جڏهن ته حڪومت ان سلسلي ۾ پنهنجي فيصلي تي اٽل آهي.

“ايڊوانس انڪم ٽئڪس جو مقصد واپارين کي رضاڪارانه طور پنهنجا ٽئڪس رٽرن داخل ڪرائڻ لاءِ اتساهڻ آهي” چيئرمين فيڊرل بورڊ آف روينيو طارق باجوه هڪ بيان ۾ چيو. هن جو اهو پڻ چوڻ هو ته ايف بي آر واپارين کي ٽئڪس رٽرن داخل ڪرائڻ ۾ موجود رڪاوٽن کي دور ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي.

معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي هڪ بهتر ٽئڪس ڪلچر جي ضرورت آهي، گڏوگڏ ٽئڪس سڌارا پڻ ضروري آهن، ٽئڪس رٽرن لاءِ خودڪار نظام متعارف ڪرايو وڃي ته جيئن ٽئڪس اوڳاڙيندڙ اختيارين کي غير ضروري مداخلت نه ڪرڻي پوي.

ويجهڙ ۾ آيل هڪ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته بدقسمتي سان پاڪستان ۾ 70 لک ٽئڪس ڏيڻ جي قابل ماڻهن مان فقط 0.3 سيڪڙو يعني 5 لک کان به گهٽ ماڻهو ٽئڪس ڀرين ٿا. واضح رهي ته سڄي دنيا ۾ ٽئڪس، جي ڊي پي جو گهٽ ريشو 9.45 آهي، اهو ئي ريشو پاڪستان جي سال 15-2014ع ۾ ٽئڪس ادا ڪرڻ جو رهيو، جيتوڻيڪ پاڪستان ان سلسلي ۾ ڪوششون ته وٺي رهيو آهي پر ان کي ڪا گهڻي ڪاميابي ناهي ملي سگهي. ياد رهي ته 14-2013ع ۾ به ٽئڪس جي ادائگي 8.92 سيڪڙو رهي.

aug 31-20158 12

گذريل ڪيترن سالن کان مختلف حڪومتون ٽئڪس ادا ڪندڙن جو تعداد وڌائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن پر اهي ڪيترن ئي سببن جي ڪري ايئن ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون آهن. اهڙن سببن مان هڪ سبب پاڪستان ۾ ٽئڪس ڪلچر جو نه هجڻ ۽ سياسي ايجنڊا نه هجڻ پڻ آهي. حڪمران طبقو جنهن ۾ طاقتور زميندار لابي، وڏا صنعتڪار ۽ واپاري شامل آهن، جيڪي پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر پڻ آهن، انهن هميشه گهڻن ماڻهن کي ٽئڪس جي اُڻت ۾ آڻڻ جي مخالفت ڪئي آهي، ان ڪري حڪومت وٽ اهو واحد آپشن بچي ٿو ته اها ڊاڪيومينيشن شعبن جهڙوڪ ٽيليڪام ۽ بئنڪنگ تي وِد هولڊنگ ٽئڪس لاڳو ڪري، جڏهن ته اڻ سڌي ريت ٽئڪس وٺڻ جو ٻيو طريقو شين تي جنرل سيلز ٽئڪس لاڳو ڪرڻ پڻ آهي.

“اسان اڳواٽ ئي زرعي شعبي کي ٻاهر ڪڍي چڪا آهيون جو اهو سڌي ريت ٽئڪس جي مد ۾ جي ڊي پي ۾ 21 سيڪڙو ڏئي ٿو. زراعت ٻهراڙين جي 43.5 سيڪڙو ماڻهن جي گذر معاش جو ذريعو آهي پر زرعي آمدني تي فقط هڪ سيڪڙو ٽئڪس وصول ڪيو وڃي ٿو.” معاشي ماهر شاهد حسن صديقي چوي ٿو.

هن اهو پڻ چيو ته پراپرٽي ۽ اسٽاڪ جو شعبو پڻ ٽئڪس گهٽ ڏين ٿا. واضح رهي ته انڪم ٽئڪس آرڊيننس 2001ع جي سيڪشن 111، سب سيڪشن 4 هيٺ پرڏيهه کان ايندڙ رقمن تي استثنيٰ حاصل آهي. “پرڏيهه مان بئنڪن جي معرفت ايندڙ پئسن بابت ڪو به سوال پڇي نٿو سگهجي، ان ڪارڻ سياستدانن ۽ وڏن واپارين کي پرڏيهه مان رقمن گهرائڻ تي وڏي سهولت حاصل آهي.” صديقي وڌيڪ چيو. هن چواڻي ساليانو 8500 بلين روپيا ٽئڪس وصول ڪرڻ جي گنجائش موجود آهي، جڏهن ته گذريل سال 2811 بلين روپيا ٽئڪس مس اوڳاڙجي سگهيو.

ايف بي آر جي ڪاٿي موجب هن وقت به 37 لک ماڻهو انفرادي طور ٽئڪس ڏيڻ لاءِ رجسٽرڊ آهن پر انهن مان فقط ساڍا اٺ لک ٽئڪس رٽرن جمع ڪن ٿا. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته انهن مان وري 40 سيڪڙو ماڻهو ٽئڪس ته ادا نٿا ڪن پر رٽرن فائل ڪن ٿا، جنهن جو وڏو سبب ٽئڪس اسٽرڪچر ۾ بدانتظامي، نااهلي، ٽئڪس جو ماحول نه هجڻ ۽ انتظامي طور شفافيت نه هجڻ ۽ ڪرپشن پڻ آهي.

ناڻي جي وفاقي وزارت جي اڳوڻي صلاحڪار ۽ اقتصادي ماهر ثاقب شيراني “افيئر” کي ٻڌايو ته هاڻوڪن قانونن ۽ پاليسين سبب 55 سيڪڙو ملڪي معيشت ٽئڪس کان آجي آهي. “زميندار، ڊاڪٽر، وڪيل، ٽرانسپورٽر، واپاري سرڪاري طرح ٽئڪس کان آجا آهن يا وري کانئن ٺيڪ طريقي سان ٽئڪس نٿو اوڳاڙيو وڃي.” هن جو اهو پڻ چوڻ هو ته ٽئڪس جو نظام سياستدانن جي هٿن ۾ يرغمال آهي جيڪي پنهنجي پنهنجي لحاظ کان ان مان فائدو کڻن ٿا.

باوجود ان جي ته ٽئڪس اوڳاڙي جو نظام بهتر نٿي سگهيو آهي ليڪن حڪومت ان سلسلي ۾ مثبت ڪوششون ضرور ڪري رهي آهي. شيراني چواڻي ممڪن آهي ته آءِ ايم ايف جي دٻاءَ هيٺ ٽئڪس ڏيندڙ پارليامينٽرين جي ڊائريڪٽري شايع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته 1993ع کان وٺي حڪومتون اهو ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون. هاڻوڪي حڪومت اهو ڪارنامو ڪري ڏيکاريو، جنهن سبب انهن عوامي نمائندن تي اخلاقي دٻاءُ وڌيو آهي جيڪي ٽئڪس ادا نٿا ڪن.

هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته حڪومت کي ٽئڪس ادا ڪندڙ سمورن ماڻهن جو رڪارڊ گڏ ڪرڻ کپي، گڏوگڏ استثنيٰ به ختم ٿيڻ گهرجي، ان سان ٽئڪس اوڳاڙي جو نظام بهتر ٿي سگهندو. هن چواڻي ايف بي آر ٽئڪس ڀري سگهندڙ ٻه لک نون صارفين کي پڻ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، جيئن نون ماڻهن کي ان سسٽم ۾ شامل ڪري سگهجي. جڏهن ته ايف بي آر ٽئڪس آڊٽ نظام پڻ متعارف ڪرائي رهيو آهي جيڪا پڻ مثبت پهل آهي، ايف بي آر جو پروفيشنل چيئرمين مقرر ڪرڻ ۽ ٽئڪس سڌارا آڻڻ مان اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته فيصلا صحيح سمت ۾ ٿي رهيا آهن. جيڪڏهن ايف بي آر سڀ استثنيٰ ختم ڪيا ۽ ڪرپٽ آفيسرن کي هٽائي ڇڏيو ته پوءِ ڪافي بهتري جا امڪان آهن.

واضح رهي ته هر حڪومت جڏهن به ملڪ جي معيشت کي دستاويزي شڪل ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي تڏهن ان کي مزاحمت کي منهن ڏيڻو پيو آهي. توهان 1990ع ۽ 2010ع جو زمانو ياد ڪيو جڏهن جنرل سيلز ٽئڪس لاڳو ڪيو ويو هو، جنهن جي پڻ سخت مخالفت ڪئي وئي هئي. پ پ جي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي دور ۾ ويليو ايڊيڊ ٽئڪس جي واپارين طرفان تمام گهڻي مخالفت سبب اهو لاڳو نٿي سگهيو هو.

حقيقت ۾ ايف بي آر جو خودڪار نظام رائج ٿيڻ ئي بهتر ٽئڪسيشن جو حل آهي. شيراني چوي ٿو. جڏهن ته عالمي بئنڪ ٽئڪس جو اهڙو خودڪار نظام متعارف ڪرائڻ لاءِ وفاقي حڪومت کي وڏي پئماني تي فنڊ ڏنا آهن پر ايف بي آر اهي فنڊ ان ڪم تي خرچ ڪرڻ بدران ٻين هنڌن تي خرچ ڪري رهي آهي. عام طور تي ماڻهو حڪومت کي ان ڪري ٽئڪس ڏيڻ کان لنوائيندا آهن جو ٽئڪس اوڳاڙيندڙ انتظاميا ۾ ڪرپشن آهي. شيراني چواڻي اڪثر ٽئڪس ڏيڻ جا خواهشمند ان ڪري به ٽئڪس نٿا ڏين جو سندن خيال ۾ سندن پئسا قومي خزاني بدران ذاتي کيسن ۾ هليا وڃن ٿا. شيراني جو چوڻ هو ته حڪومت اڳ ۾ ٽئڪس ڏيندڙن تي وڌيڪ بار وجهڻ بدران سڀني شعبن تي برابري جي بنياد تي ٽئڪس لاڳو ڪري.

ليکڪ فري لانس صحافي ۽ معاشي شعبي تي لکندڙ آهي. هي ليک خصوصي طور “افيئر لاءِ لکيائين.”

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو