Home / سياسي افيئر / وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي!
above article banner

وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي!

noorتقريبن تيرهن سَو ورهيه اڳ چين مان هڪ سياح علم ۽ ڏاهپ جي تلاش ۾ هندستان ويو. جنهن جو نالو هيونگ سانگ هو. هيونگ سانگ اترين پهاڙن ۽ ريگستان جو ڏکيو سفر طئي ڪري اتي پهتو، ان کي علم جو ايترو ته شوق هيو جو سفر ۾ ان وڏيون مصيبتون ڏٺيون ۽ تڪليفون برداشت ڪيون. هزارين خطرن ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏنو. هو هندستان ۾ ڪافي وقت رهيو. ان ۾ هڪ وڏي خوبي اها هئي ته هو پاڻ سِکندو هو ۽ ٻين کي سيکاريندو هو. گهڻو وقت هو نالنده جي يونيورسٽي ۾ رهيو، جيڪا شهر پاٽلي پتر جي ويجهو آهي. هاڻي ان شهر کي پٽنا سڏيو وڃي ٿو. هن جو سفر اڙانگو ضرور هيو پر هيونگ سانگ پڙهي لکي هڪ وڏو قابل ٿي ويو. ايتري قدر جو هن کي ٻڌ مت جي فاضل قانون جو خطاب ڏنو ويو، جنهن کان پوءِ ان پوري هندستان جو سفر ڪيو ۽ ان ملڪ جي ماڻهن جيڪي صديون اڳ اتي رهندا هئا انهن کي ڏٺو ۽ انهن جي باري ۾ پوري معلومات حاصل ڪيائين.

هيونگ سانگ جو هڪ نرالو انداز هيو، ان جو هلڻ ۽ ماڻهن سان ملڻ جو هڪ عجيب ۽ مزيدار انداز هوندو هو. هي شخص پنهنجي پيٽ جي چئني پاسن سان ڪاٺ جون تختيون ٻڌي هلندو هو ۽ مٿي تي ٻرندڙ مشعل رکندو هو ۽ آڪڙ ڪري هلندو هو، عجيب ۽ غريب وڏي شان ۽ فخر سان هيڏانهن هوڏانهن پيو گهمندو ڦرندو هو. جڏهن هن کان ڪو به ماڻهو پڇندو هو ته آخر توهان هي ڇا انداز ڪري ٿا هلو ته هو ماڻهن کي جواب ڏيندو هو ته “منهنجي اندر ايتري ته حڪمت ڀريل آهي جو منهنجو اندازو آهي ته ڪٿي منهنجو پيٽ نه ڦاٽي پوي، ان ڪري پيٽ جي چئني پاسن سان ڪاٺ جون تختيون ٻڌي هلندو آهيان پر مونکي عقل ۽ حڪمت جي ڪري پيٽ ڦاٽڻ جو خوف ناهي، علم ۽ حڪمت جو ٺڪاڻو پيٽ ۾ ناهي، ان جو ٺڪاڻو جتي به آهي اتي اڃا وڌيڪ گنجائش آهي ۽ جڳهه گهٽ ٿيڻ جو ڪو به اندازو ناهي.”

22 new  aug 15-2015

هيونگ سانگ چوندو هو ته جڏهن منهنجو عقل ايترو محدود آهي ته مان ٻين جي اڳيان عقلمند ڪيئن ٿو ٿي سگهان ۽ ٻين کي نصيحت ڪرڻ جو مونکي ڪو به حق ناهي پر جڏهن اهو معلوم ڪرڻو هجي ته صحيح ڳالهه ڪهڙي ۽ غلط ڳالهه ڪهڙي آهي، ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ ڇا نه ڪرڻ گهرجي؟ ان جو طريقو اهو ناهي ته ماڻهو واعظ ڪرڻ شروع ٿي وڃي ان جو بهترين طريقو اهو آهي ته پاڻ ۾ ويهي ڳالهيون ڪجن، بحث ڪجي ان عمل سان حقيقت جي اصل تصوير نظر اچي ويندي آهي.

جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سڀ ماڻهو هيونگ سانگ جهڙا جان باز ناهن ٿيندا، انهن ويچارن کي ته پنهنجي ٻارن جي، دال ماني جي ۽ پنهنجي گهر ٻار ۽ ذاتي زندگيءَ جي هر وقت ڳڻتي لڳل هوندي آهي. مگر ڏٺو وڃي ته ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي ته سڄي قوم کي ڪنهن عظيم مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ چاهت ٿي ويندي آهي، ان وقت معمولي مرد يا عورت به سورما ٿي ويندا آهن پوءِ ته تاريخ ۾ هڪ انقلاب اچي ويندو آهي ۽ وڏا وڏا واقعا پيش ايندا آهن، وڏن ليڊرن جي ڳالهه ۾ ايڏو ته اثر هوندو آهي جو اهي سڄي قوم ۾ هڪ نئون روح ڦوڪي ڇڏيندا آهن.

1917ع ۾ هن سال هڪ عظيم ليڊر لينن جنهن جي دل غريبن سان محبت ۽ مظلومن جي همدرديءَ سان سرشار هئي. پنهنجي مُلڪ جي ماڻهن کان اهڙو شاندار ڪم ڪرايو جيڪو تاريخ جي ورقن مان ڪڏهن به نٿو مِٽائي سگهجي. لينن اهو زبردست انقلاب شروع ڪيو جنهن سان روس ۽ سائبيريا جو نقشو بدليائي ڇڏيو. ياد رهي ته هن ساڳي سال 1917ع ۾ اندرا گانڌي جو جنم پڻ ٿيو هو. جواهر لعل نهرو 26 آڪٽوبر 1930ع تي سينٽرل جيل نيني مان اندرا جي تيرهين جنم ڏينهن تي خط ۾ لکي ٿو ته “جنهن سال ۾ تون پيدا ٿي هئينءَ ان ساڳي سال ۾ لينن زبردست انقلاب شروع ڪيو هو. اهڙي طرح اڄ اسان جي ملڪ ۾ هڪ ليڊر جي دل مظلومن جي محبت ۾ معمور آهي، انهن جي مدد لاءِ تڙپي ٿي، پنهنجي قوم ۾ اهڙو روح ڦوڪيو آهي جو قوم وڏا ڪارناما ۽ شاندار قربانيون ڏيڻ لاءِ تيار آهي. جيئن ملڪ مان غريبن ۽ مظلومن جي مٿي تان مصيبت ختم ٿي وڃي.”

جواهر لال نهرو اندرا کي لکيل خط ۾ لکي ٿو ته “مرد، عورتون ۽ ننڍا ننڍا ٻار ميدان ۾ نڪري بيٺا آهن، ملڪ جي آزادي جا سپاهي ٿي بيٺا آهن ۽ اسان جي قوم جيڪو ڪجهه ڪري ٿي تاريخ ۾ يادگار رهندو ليڪن اسانکي اهو ياد رکڻ گهرجي ته ڪا اهڙي حرڪت نه ٿئي جنهن سان اسان جي پاڪ مقصد کي ڪو به نقصان پهچي، قوم جي رسوائي نه ٿئي. ڪوئي به ڪم لڪي يا ڪو به اهڙو ڪم جنهن کي لڪائڻ جي ضرورت هجي اهو ڪڏهن به نه ڪجان، ڇاڪاڻ ته لڪائڻ جي معنيٰ اها آهي ته توکي خوف آهي ۽ خوف تمام خراب شيءِ آهي اهو تنهنجو شان ناهي، بس همت کان ڪم وٺ پوءِ سڀ ڪم ٿي ويندا. تو وٽ همت هوندي ته خوف ويجهو نه ايندو ۽ تون ڪا اهڙي ڳالهه نه ڪندينءَ جنهن سان تو کي شرمندگي محسوس ٿئي.”

“تو کي خبر آهي ته آزادي جي تحريڪ ۾ چوري ڳالهه ڪرڻ جي اجازت ناهي ۽ اسان کي ڪنهن ڳالهه کي لڪائڻ جي ضرورت ڪانهي. اسان جيڪو چوندا ۽ ڪندا آهيون اهو ڊڄي نه ڪندا آهيون ڳائي وڄائي ڪندا آهيون، اهڙي طرح اسان کي پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ سڌو ڪم ڪرڻ گهرجي، خفيا ڪاررواين کان پري رهڻ گهرجي، اگر تون ان تي عمل ڪندينءَ ته روشنين جي جهولي ۾ هوندينءَ ۽ هر حالت ۾ بي خوف ۽ مطمئن رهندين.”

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو