Home / ايڊيٽوريل / پيپلز پارٽي، نه هِن پار نه هُن پار
above article banner

پيپلز پارٽي، نه هِن پار نه هُن پار

Aug-31-2015

سنڌ تي حڪومت ته پيپلز پارٽي جي آهي پر سنڌ جو وڏو وزير چوي ٿو ته سنڌ ۾  سندس وس ڪونه ٿو هلي. کيس ٻڌائڻ يا پڇڻ بنا سندس پارٽي سان لاڳاپيل ماڻهو ڪرپشن جي الزام ۾  گرفتار ٿين ٿا. ڊاڪٽر عاصم مٿان هڪ هٿ اڳتي، دهشتگردي جي سرپرستي جو الزام لڳو. ڪراچي فش هاربر اٿارٽي جي گرفتار ڪارندن مٿان به ساڳيو ئي الزام لڳو هو جنهن ۾ ڊاڪٽر نثار مورائي جو نالو ورتو ويو هو.   ڊاڪٽر عاصم جي گرفتاري توڙي ڪُجهه وزيرن جو ملڪ مان کسڪي نڪري  وڃڻ تي پيپلز پارٽي جا حلقا وائڙا ٿي ويٺا آهن. افواهن ۽ حقيقتن ۾ فرق ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي. نتيجي ۾ سنڌ سرڪار جو ڪم ڪڇون جي رفتار هلي سان  پيو. ڪنهن کي ڪا پڪ ناهي ته سنڌ ۾ ڇا ٿيندو؟ ڪير ڪاٺ ۾ پوندو  ۽ ڪير سلطاني شاهد بڻجي ٻيا ٻڌرائيندو. شرجيل ميمڻ جو نالو ته اڳوڻي وزير اعظم وٺي ڇڏيو آهي. ڊاڪٽر عاصم لاءِ به ساڳيون خبرون آهن. ايندڙ ڏينهن ۾ سنڌ جو انتظامي ڍانچو ڪهڙو بيهي ٿو اهو اڃا ڏسڻو آهي.

سڀ کان اول ته سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ آپريشن جو مطالبو انهن ئي ڌرين ڪيو هو جيڪي اڄڪلهه ان جي “متاثرين” ۾ شامل آهن يعني ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي. ان کان پوءِ گذريل سال جولاءِ ۾ پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم بنا چون چران جي قومي اسيمبلي ۾ تحفظ پاڪستان جو بل پاس ڪرائڻ ۾ حڪمران جماعت، مسلم ليگ ن جي مدد ڪئي. بل کي انسان حقن جي تنظيمن ڪارو قانون قرار ڏنو . ان حد تائين جو اسٽيبلشمينٽ جي روايتي ساٿاري پارٽي جماعت اسلامي به بل کي ڪارو قانون سڏيو  پر هي ٻئي پارٽيون جيڪي ان قانون مان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيون آهن سي جهمريون هڻي رهيون هيون. ها، سينيٽ ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ رضا رباني بل پاس ڪري ، ان کي قانون بڻائڻ جي مرحلي تي رسائي ڳوڙها ضرور وهايا. پر اهي واڳن وارا ڳوڙها هاڻ ڪهڙي ڪم جا؟ مٿان وري اها به ڪوتاه نظري ڏسو ته جڏهن هڪ پاسي ڪراچي آپريشن هلي رهيو هو ته ٻئي پاسي ايم ڪيو ايم ملڪ ۾ مارشل لا هڻڻ ۽ “محبِ وطن” جنرلن کي اقتدار تي قبضو ڪرڻ جون اپيلون ڪري رهي هئي. پيپلز پارٽي رينجرز جو مدو ۽ اختيار پاڻ ، پنهنجي اسيمبلي مان مهينو سوا اڳ وڌرايا. هاڻ ٻئي ويٺا پار ڪڍن ته ڪراچي آپريشن ۾ ساڻن انصاف نه پيو ٿئي. ڇا چوندا آهن سنڌي ۾، پنهنجي وڍيءَ جو ويڄ نه طبيب.

حقيقت اها آهي ته باوجود ان جي ته  اسانکي خبر آهي ته ڪرپشن ۽ ڏوهارين خلاف آپريشن جي نالي تي سنڌ، خاص طور تي سنڌ جي گادي جي شهر ڪراچي ۾ هڪ مخصوص ايجنڊا تي عمل ڪندي نئين سياسي صف بندي جي ڪوشش ٿي رهي آهي جنهن هيٺ اهي ٻئي وڏيون پارٽيون ڪنهن ٽين ڌر لاءِ جاءِ خالي ڇڏينديون جيڪا ڌر اسي جي ڏهاڪي جي ايم ڪيو ايم جيان رات پيٽ ۾ کنڀي جيان ڦٽي نروار ٿيندي. اها ڌر تحريڪِ انصاف به ٿي سگهي ٿي، ڪي مولوي سڳورا به ٿي سگهن ٿا ته سٺا طالبان به. اها ڳالهه ڄڻ طئي ٿي چڪي آهي ته الطاف حسين جي قيادت ۾ چرندڙ ڦرندڙ ايم ڪيو ايم قبول ناهي. ايم ڪيو ايم پنهنجي سرواڻي تي نظرثاني ڪري ۽ پوءِ اچي پنهنجي حصي جي سياست ڪري. پيپلز پارٽي ۾ به زرداري جي قيادت قبول ڪرڻ جوڳي ناهي رهي پر اسٽيبلشمينٽ في الحال پيپلز پارٽي جي ٽيوننگ ڪرڻ لاءِ ايتري بضد ناهي.

ايندڙ ڏينهن ۾  پيپلز پارٽي دٻاءُ هيٺ رهندي پر اسانکي سندس متبادل آڻڻ تي ڪم ٿيندي نظر ڪونه ٿو اچي. اهو اسان ان ڪري چئون ٿا ته سنڌ ۾ حقيقي سياسي صف بندي پيپلز پارٽي ۽ قوم پرستن وچ ۾ رهي آهي.قومپرست اڃا تائين سياسي اقتدار جون رمزون سمجهڻ ۾ پورا آهن ان ڪري پيپلز پارٽي لاءِ ميدان خالي ڇڏيل آهي.  باقي ڄام صادق جي پيروي ڪندڙ، ارباب يا لياقت جتوئي پارا سياستدان اسٽيبلشمينٽ جي پلان بي هيٺ اقتدار ۾ ايندا آهن. اسٽيبلشمينٽ جڏهن پيپلز پارٽي کي پاور ۾ ڏسڻ نه چاهيندي آهي ته ڦنجهن کوتن مٿان  ڀلن گهوڙن جهڙا سنج رکي کين ميدان ۾ لاهي ڪم هلائيندي آهي. هيل اهي اميدوار اوٻاسيون ڏيندي نظر اچن پيا. پ پ ۽ اسٽيبلشمينٽ جي گرماگرمي ڏسندي پلٿي هڻي ويٺا ضرور آهن پر فقير ويهي يا وڃي واري صدا ٻڌي اڻ ٻڌي ڪئي پئي وڃي. فقيرن جي وائڙائپ هاڻ ته ڏسڻ وٽان آهي.

پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا پيپلز پارٽي مٿين جي دڙڪن سبب پنهنجي بدبودار بورچي خاني جي صفائي ڪندي ۽ ڪاڪروچ ڪڍي ٻاهر ڪندي يا سنڌ ڪارڊ کيڏڻ جي خواهش ۾  سياسي شهادت ماڻيندي؟ پيپلز پارٽي جي قيادت بلاول کي منتقل ٿيندي ۽ زرداري صاحب ڀيڻ سميت قيادت تان دستبردار ٿيندو يا قيادت جا معاملا جيئن جو تيئن رهندا؟ پ پ ۽ ايم ڪيو وچ ۾ ويجهڙائي وڌندي يا ايندڙ ڏينهن ۾ الڳ صوبي جي مطالبي ۾ شدت اچڻ جي نتيجي ۾ ٽڪراءُ ٿيندو؟ ۽ اهو ته جي سنڌ ۾ پ پ نه ته ٻيو ڪير؟

يقين ڄاڻو ته اهو “ٻيو ڪير؟” وارو سوال اسان توهان کان وڌيڪ اسٽيبلشمينٽ کي پريشان ڪندو رهيو آهي ان ڪري پيپلز پارٽي “ٻيو ڪير” جي جواب ۾ قومپرست اچڻ جو ڀئو ڏيئي اسٽيبلشمينٽ کان ڪم ڪڍندي رهي آهي. حقيقت به اها ئي آهي ته سنڌي عوام پ پ مان بيزار آهي ۽ سندس بهتر متبادل جو ڳولائو آهي. پر هاڻ پاڻ پ پ لاءِ مسئلو ٿي پيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ کي جنهن “ٻئي آپشن” يعني قوم پرست سياست کان ڊيڄاريندي رهي آهي تنهن ۾ به حال ناهي بچيو. قوم پرست سياست مان ڌڻين کي ڪو خطرو ڪونهي جو ان کي نظر ۾ رکندي پ پ کي ڪا رعايت ڏين. سنڌ ڪارڊ جي راند ان کي ئي چوندا آهن. پ پ اهو ڪارڊ کيڏندي چاليهه سال ته ڪڍي وئي آهي. ڏسون ته ايندڙ ڏينهن ۾ سنڌ ڪارڊ کيس ڪهڙي ڀر بيهاري ٿو.  آر يا پار!

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو