Home / ڪور افيئر / پيپلز پارٽيءَ جي “سنڌ ڪارڊ” جو بيلنس ختم!
above article banner

پيپلز پارٽيءَ جي “سنڌ ڪارڊ” جو بيلنس ختم!

aijzضياءُ الدين اسپتال ۽ يونيورسٽيءَ جي مالڪ ڊاڪٽر عاصم حسين جي گرفتاري کان پوءِ پيپلز پارٽيءَ جي قيادت ۽ وزيرن بابت ايڏا ته راز ظاهر ٿيا آهن جيترا پيپلز امن ڪميٽيءَ جي عزير بلوچ ۽ لاڙڪاڻي جي واپاري محمد علي شيخ به ڳجهن ادارن کي ڪو نه ٻڌايا. ذريعن ٻڌايو ته پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر جي سڀ کان اهم ساٿي ۽ جوانيءَ جي ڏهاڙن جي يار ڊاڪٽرن عاصم حسين لکت ۾ اِهو بيان ڏنو آهي ته وٽس اربين ڊالرن جي ملڪيت آهي، سندس دبئي، انگلينڊ، ڪينيڊا ۽ ٻين ملڪن ۾ پڻ ملڪيتون ۽ ڪاروبارآهي. هُن چيو آهي ته ڪرپشن وسيلي ڪمايل ملڪيت مان هو هڪ ارب ڊالر واپس ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ڊاڪٽر عاصم حسين جي ناظم آباد واري ضياءُ الدين اسپتال ڀرسان ڪنهن زماني ۾ بنگلو هوندو هئو، جتان کان آصف زرداري ۽ عاصم جي دوستي رات جي محفلن سان گڏ مضبوط ٿيڻ لڳي. پيپلز پارٽيءَ جي 1988ع جي سرڪار کان عاصم حسين جي ويجهڙائپ وڌيڪ ٿي، آصف زرداريءَ جي معرفت وزيراعظم بينظير ڀٽو سان ڊاڪٽر عاصم حسين ملاقات ڪئي. تڏهن کان وٺي اڄ تائين ڊاڪٽر عاصم ڪراچيءَ ۾ ملڪيتون ٺاهيندو ويو.

ڪلفٽن ۾ ضياءُ الدين يونيورسٽي ۽ اسپتال جنهن پلاٽ تي موجود آهن اهو فلاحي پلاٽ آهي. ڊاڪٽر عاصم حسين کي اهو پلاٽ هڪ “فلاحي اسپتال” لاءِ الاٽ ڪيوويو هو. اهو پلاٽ ٿورو هئو، بعد ۾ ڊاڪٽر عاصم حسين باقي ڀرسان پيل سرڪاري پلاٽ تي قبضو ڪيو ۽ ضياءُ الدين اسپتال جي عاليشان عمارت ٺهرائي. اهڙي ريت ناظم آباد ۾ ضياءُ الدين اسپتال جي نالي سان تمام ٿورو پلاٽ الاٽ ٿيل آهي، پارڪ جي زمين تي قبضو ڪري ان تي اسپتال قائم ڪئي وئي. هي ٻئي پلاٽ کيس پيپلز پارٽيءَ جي دور ۾ ئي الاٽ ڪيا ويا پر محترما بينظير ڀٽو جي حياتيءَ ۾ ڊاڪٽر عاصم حسين کي ايتري سياسي حيثيت ڪڏهن به نه ملي سگهي، جيئن آصف زرداري جي ٻين يارن کي نه ملي پر پيپلز پارٽيءَ جي 2008ع ۾ قائم ٿيندڙ سرڪار ۾ زرداريءَ جي دوستن جي ٻيگهي مچي وئي. معلوم ٿيو آهي ته 2008ع کان وٺي وفاقي سرڪار ۽ 2013ع جي چونڊن کان پوءِ سنڌ سرڪار ۾ ڊاڪٽر عاصم جي ڪافي مامرن ۾ مداخلت رهي، ان مداخلت جو حق کيس “قيادت” طرفان مليل هئو ان ڪري سنڌ سرڪار جي سندس آڏو دال نه ڳرندي هئي.

15 aug 15-2015

سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ڪرپشن جو قصو نه ڊاڪٽر عاصم کان شروع ٿئي ٿو نه وري ڊاڪٽر عاصم تي ختم ٿئي ٿو بلڪه ڪرپشن جي سمورن قصن جي پڄاڻي آصف علي زرداريءَ جي نُڪتي تي ٿئي ٿي پر ڊاڪٽر عاصم جي ايم ڪيو ايم سان ڳانڍاپي، چائنا ڪٽنگ ۾ ملوث هجڻ، دهشتگردن کي فنڊ فراهم ڪرڻ جي الزامن پيپلز پارٽيءَ کي به ايم ڪيو ايم جي صف ۾ بيهاري ڇڏيو آهي. ڊاڪٽر عاصم جي ساٿين مان ڪراچي جي مشهور بلڊر سليم ذڪي جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. سليم ذڪي “صائما بلڊرز” جي نالي سان مشهور آهي، شهر ۾ صائما جي نالي سان سندس وڏا وڏا پراجيڪٽ آهن. ذريعن چواڻي ان ۾ به پيپلز پارٽي جي اهم ماڻهن جو حصو آهي.

پيپلز پارٽيءَ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري طرفان ڊاڪٽر عاصم جي گرفتاريءَ خلاف سخت رد عمل بابت ذريعا ٻڌائين ٿا ته رڳو ڊاڪٽر عاصم جو مسئلو ناهي پر حساس ادارن وزيراعظم کان 27 اهم شخصيتن جي گرفتاري جي منظوري گهري آهي. انهن سڀني جو تعلق گهڻو ڪري پيپلز پارٽيءَ سان آهي. اڳوڻن وزيراعظمن مخدوم يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف، مخدوم امين فهيم ۽ فريال ٽالپر جا نالا به ان لسٽ ۾ شامل آهن. وزيراعظم نواز شريف جا ويجها ساٿي ٻڌائين پيا ته ان لسٽ جي حوالي سان وزيراعظم شديد ذهني دٻاءُ جو شڪار آهي. ڇو ته هڪ طرف مٿس اصل واڳ ڌڻين جو دٻاءُ آهي ته هو گرفتارين لاءِ منظوري ڏئي ۽ نواز شريف کي خبر آهي ته اهڙين گرفتارين کان پوءِ ملڪ ۾ وڏو سياسي بحران جنم وٺي سگهي ٿو. سياسي طور هڪ طرف عمران خان کيس سوڙهو ڪيو ويٺو آهي، ٻئي طرف ايم ڪيو ايم استعيفائون ڏيئي ڇڏيون آهن، ٽئين طرف پيپلز پارٽي سندس سرڪار خلاف نڪتي ته سياسي بحران وڌيڪ تيز ٿيندو ۽ سياسي بحران جي تيزي ۾ سنڌ ۾ گورنر راڄ جي لاءِ دٻاءُ وڌندو. اهڙي ريت سندس وفاقي سرڪار جو هلڻ مشڪل ٿي ويندو. جڏهن ته ٻئي طرف مٿس جي ايڇ ڪيو جو دٻاءُ آهي ته سنڌ ۾ ڪرپشن ۽ دهشتگردي ۾ ملوث “وڏين مڇين” کي هر حال ۾ گرفتار ڪرڻو آهي. واڳ ڌڻين چواڻي ته هو جن 22 اهم شخصيتن کي گرفتار ڪرڻ چاهين ٿا انهن جي ڪرپشن جا سمورا ثبوت وٽن آهن. ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب جن 27 اهم شخصيتن جي گرفتاري جي منظوري گهري وئي آهي انهن جا تفصيل هن ريت آهن.

فريال ٽالپرايم اين اي، (آصف زرداري جي ڀيڻ)

اويس مظفر ٽپي (اڳوڻو وزير، ايم پي اي، آصف زرداري جو ويڳو ڀاءُ)

راجا پرويز اشرف (اڳوڻو وزيراعظم)

يوسف رضا گيلاني (اڳوڻو وزيراعظم)

مخدوم امين فهيم (اڳوڻو وفاقي وزير)

شرجيل ميمڻ (صوبائي وزير)

شرميلا فاروقي (صوبائي وزير)

حيدر عباس رضوي (ايم اين اي ايم ڪيو ايم)

وسيم اختر (اڳواڻ ايم ڪيو ايم، اڳوڻو وزير)

پير مظهرالحق (تعليم وارو اڳوڻو وزير)

راڻا اسحاق (اڳوڻو صلاحڪار)

اعجاز شاهه شيرازي (اڳوڻو صلاحڪار)

شفقت شاهه شيرازي (اڳوڻو ضلعي ناظم)

اسلم رئيساڻي (اڳوڻو وڏو وزير بلوچستان)

انجنيئر شاهه الدين شيخ

طارق اعواڻ (پنجاب)

ظفر اقبال گوندل (ڪامورو)

معين آفتاب (ڪامورو)

اسماعيل قريشي (ڪامورو)

شاهد رفيع (ڪامورو)

نعيم خان………..

ملڪ نويد (رحمان ملڪ جو ڀاءُ)

سعيد اختر (ڪامورو)

توقير صادق (ڪامورو)

راحيلا ڪوثر…………

اياز خان نيازي………..

شاهه جهان…………

ٻڌ سُڌ جوڳا ذريعا اهو به ٻڌائين ٿا ته خود اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ جي گرفتاري لاءِ پڻ منظوري گهري وئي آهي. خود پيپلز پارٽيءَ اندر به اهو خوف موجود آهي ته آصف علي زرداري به گرفتار ٿي سگهي ٿو. هي ته 27 ماڻهن جي لسٽ آهي پر حساس ادارن کي آصف زرداريءَ جي سڀ کان ويجهي ڪاروباري پارٽنر انور مجيد جي پڻ ڳولا آهي. اهڙي ريت سنڌ ڪابينا جي ڪجهه ٻين وزيرن جا نالا پڻ گرفتارين جي لسٽ ۾ شامل آهن. خود سنڌ جي چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ پڻ گرفتاريءَ کان اڳ ضمانت ڪرائي ڇڏي آهي. انور مجيد لاءِ اطلاع آهن ته هو پرڏيهه فرار ٿي ويو آهي پر لاڙڪاڻي جي هاءِ ڪورٽ مان سندس به گرفتاريءَ کان اڳ ضمانت ڪرائي وئي آهي. سنڌ جا ڪيترائي وزير ۽ ڪامورا گرفتارين کان اڳ ضمانتون ڪرائي رهيا آهن.

ذريعن موجب ڪرپشن جي الزامن هيٺ آيل سنڌ جا وزير آفيسن ۾ ڪونه پيا اچن، ڪيترائي وزير دبئي هليا ويا آهن. سنڌ ۾ ڪرپشن خلاف نيب، ايف آءِ اي، رينجرز ۽ ٻين ادارن جي ڪاررواين کان پوءِ صوبائي رشوت ٽوڙ کاتي (اينٽي ڪرپشن) کي متحرڪ ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ممتاز شاهه جهڙي شريف آفيسر کي چيئرمين اينٽي ڪرپشن مقرر ڪيو ويو آهي.

صوبائي اينٽي ڪرپشن کاتي خود گذريل مهيني کن ۾ 200 کان وڌيڪ ڪامورن ۽ سياسي ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيا آهن، گرفتاريون ڪيون آهن ۽ سنڌ جي هر ضلعي جي ڪيترن ئي شهرن جي سرڪاري آفيسن تي ڇاپا هڻي رڪارڊ هٿ ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. ممتاز شاهه کان مليل ڄاڻ موجب اهو اعتراف ڪيو ويو آهي ته سنڌ جي هر سرڪاري کاتي ۾ هر ضلعي ۾ ڪرپشن جو وهنوار هلندڙ آهي ۽ هر کاتي مان اهڙا ثبوت ملي رهيا آهن ته ڪرپشن ڪندڙ آفيسرن جو سڌو واسطو حڪمران پارٽيءَ جي اهم ماڻهن سان آهي. ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ ڪرپشن کي روڪڻ لاءِ ڪو به موثر ادارو نه هئو، اينٽي ڪرپشن خود ڪرپشن ڪندڙ ادارن بڻجي ويو هئو ان ڪري ان اداري مان ڪيترائي ڪرپٽ آفيسر ڪڍيا ويا آهن، اينٽي ڪرپشن جا سمورا اڳوڻا ڊائريڪٽر، ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر هٽايا ويا آهن، مٿن ڪرپشن جا الزام آهن پر انهن مان ڪو به اڃا تائين گرفتار نه ٿيو آهي. ان ڏس ۾ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ سنڌ جي چيئرمين جو چوڻ آهي ته ڪرپشن ۾ ملوث اعليٰ سرڪاري آفيسرن جي گرفتاريءَ لاءِ سنڌ جي وڏي وزير کان منظوري گهري وئي آهي.

هو ٻڌائي ٿو ته هاڻي سنڌ ۾ اينٽي ڪرپشن کاتو پاڻ ڪرپٽ ماڻهن جون گرفتاريون ڪندو. خدا ڪري ايئن ئي هجي، ڇو ته سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه ته ڊاڪٽر عاصم حسين جي گرفتاريءَ کي سنڌ مٿان حملو قرار ڏيئي چڪو آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر عاصم حسين جي گرفتاري کان پوءِ سنڌي ماڻهن جي اڪثريت خوش ٿي آهي بلڪه پيپلز پارٽيءَ جي ڪرپٽ ماڻهن جي گرفتاري تي سنڌي ماڻهن جو عام طور تي رد عمل اهو آهي ته ڪرپٽ ماڻهو گرفتار ٿيڻ گهرجن، ان ڪري هن وقت سنڌ ۾ به پيپلز پارٽيءَ جي ڪرپٽ ماڻهن جي گرفتارين خلاف ڪو به وڏو احتجاج ناهي ٿيڻو. قائم علي شاهه سان گڏ خورشيد شاهه ۽ پيپلز پارٽيءَ جا ٻيا وزير به ڪرپٽ ماڻهن جي گرفتاري کي سنڌ خلاف وفاق جي سازش ٿا سمجهن.

پيپلز پارٽي هڪ ڀيرو وري “وفاق” ۽ “فوج” سان سنڌ ڪارڊ کيڏڻ ٿي چاهي پر هن راند ۾ هن ڀيري سنڌي عوام سندس ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار ناهي ڇو ته گذريل ستن سالن کان سنڌ ۾ موجود پيپلز پارٽيءَ جي سرڪار کان سنڌ جو عوام شديد مايوس آهي. سنڌ جي هر ضلعي ۾ هڪ “ڪرپٽ ٽولو” وجود ۾ اچي چڪو آهي، جيڪو بنيادي طور تي پيپلز پارٽيءَ جي ڏوهاري، ڪرپٽ ۽ مفاد پرست ماڻهن تي ٻڌل هوندو آهي. ان سان پيپلز پارٽيءَ جي عام ڪارڪن ۽ سنڌي عوام جي اڪثريت جو ڪو ساٿ ناهي پر سياسي طور تي پيپلز پارٽيءَ سنڌ سنڌ ڪري ڪرپشن کي سياسي رنگ ڏيڻ سان سياسي فائدو حاصل ڪرڻ چاهي ٿي ۽ سنڌي عوام کي هڪ دفعو وري قوم پرستيءَ جو دولاب ڏيڻ چاهي ٿي، جڏهن ته ستن سالن دوران سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي سرڪار اهي سمورا ڪم ڪيا جن سياسي طور تي سنڌ کي هاڃيڪار نقصان پهچايا آهن. نه رڳو ڪرپشن ۽ دهشتگرديءَ جو ڳٺ جوڙ مضبوط ٿيو آهي، بلڪه سنڌ کي هر سطح، هر فورم تي سياسي، اقتصادي، معاشي نقصان پهچايو ويو. صرف هڪ ئي ڪرپٽ ٽولي سنڌ کي لٽيو، جيڪو رئيس وڏي جو ٽولو هئو.

رياض شيخ کان وٺي ملڪ رياض تائين، رحمان ملڪ کان وٺي ڊاڪٽر عاصم تائين، انور مجيد کان وٺي اويس ٽپي تائين، محمد علي شيخ کان وٺي حضور بخش ڪلوڙ تائين صرف ڪرپٽ ماڻهن جي عياشي رهي. کربين روپين جون زمينون مافيائن حوالي ڪيون ويون. سنڌ ۾ ميرٽ جو قتل عام ڪري رشوت، اقربا پروري، سفارش کي سرڪاري نوڪرين لاءِ اهم قرار ڏنو ويو، سنڌ جي تعليم تباهه ڪئي وئي، اسڪولن کي پرائيويٽ ادارن ۽ اين جي اوز کي وڪرو ڪيو ويو، اسپتالن کي اين جي اوز جي حوالي ڪيو ويو، اهل آفيسرن کي سائيڊ لائين ڪيو ويو. بشير ميمڻ جهڙي اهل سينيئر پوليس آفيسر جو ڀائيٽو اغوا ڪرايو ويو، ڇو ته هُن 2013ع جي عام چونڊن ۾ مخدوم امين فهيم جي حمايت کان انڪار ڪيو هو.

تازو صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو خاص ماڻهو بشير بروهي آصف ميمڻ جي اغوا ۽ 75 لک روپيا ڀنگ وٺڻ جي الزام ۾ گرفتار ٿيو پر مزي جي ڳالهه ته بشير بروهي جي گرفتاري جي سزا ٺٽي جي ايس ايس پي فريد جان کي ڏني وئي، کيس عهدي تان هٽايو ويو. هي صرف هڪڙو مثال آهي، ستن سالن دوران اهڙا ست هزار مثال قائم ٿيا هوندا. پوءِ آخر سنڌ جو عوام هاڻي پيپلز پارٽيءَ کي ڪيئن سنڌ دوست قبول ڪري ۽ کيس هاڻي ڪيئن سنڌ جو عوام “سنڌ ڪارڊ” کيڏڻ ڏيندو. سنڌ جو هر ماڻهو ڪرپٽ ٽولي کي جيل ۾ ڏسڻ چاهي ٿو.

aajizjamalijamali@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو