Home / سياسي افيئر / پ پ جي سنڌ ۾ جنگ ڪرڻ جي گدڙ ڀڀڪي!
above article banner

پ پ جي سنڌ ۾ جنگ ڪرڻ جي گدڙ ڀڀڪي!

Sarwanپاڪستان پيپلزپارٽي کي ماضي ۾ سدائين موقعو بينظير ڀٽو يا ان کان اڳ ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪري ملندو رهيو آهي ۽ اڳواڻن جي خوشقسمتي هوندي هئي جو اهي سڀ ڪجهه کائي پي هضم ڪري ويندا هئا پر ڪنهن کي به ڪوسو واءُ نه لڳندو هو يا کڻي ٻه ٽي ڏينهن جيل جي ياترا ضرور ڪئي ويندي هئي پر محترمه بينظير ڀٽو جي شخصيت جي ڪري همراهه ڇنڊجي ڦوڪجي ٻاهر نڪري ايندا هئا ۽ راڳ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ ۽ ملڪ لاءِ قربانيون ڏيڻ جو آلاپيندا هئا.

پيپلزپارٽي جي موجوده قيادت انهن الزامن ۾ ڪيترائي سال جيل ڪاٽي چڪي آهي پر محترمه جي ڪري ئي اها قيادت سدائين ڇاتيءَ تي هٿ هڻندي رهي ته اسان ته جمهوريت جي لاءِ جيل ڪاٽيو آهي پر هاڻي جڏهن محترمه نه آهي ۽ اڇي ڪاري جا اهي اڳواڻ مالڪ بڻجي ويا آهن ته اسلام آباد ۾ هڪ بيان ڏيڻ کانپوءِ ٻئي ڏينهن تي پرڏيهه جي ٽڪيٽ ڪٽرائي ايئن گم ٿي وڃن ٿا جو “سر جو جواب پٿر سان ڏيڻ” ته ڇا پر آڱر سان آڱر به نه ٿي ملي.

عوام کي چڱي ريت ياد هوندو ته جڏهن مشرف ملڪ ۾ هنگامي حالتن جو اعلان ڪيو هو ته محترمه بينظير ڀٽو انهي وقت دبئي ڇڏي پاڪستان پهتي هئي ۽ هنگامي حالتن خلاف جدوجهد ڪئي هئي. ڇو ته بينظير ڀٽو هڪ ليڊر هئي ۽ ليڊر ڪڏهن به ڪنهن کان ناهي ڊڄندو ۽ خاص طور تي جنهن جا هٿ صاف هجن اهو ته ڪنهن کان ڊڄڻ وارو ئي نه آهي چاهي اها ورديءَ هجي يا ٻيو ڪير.

42  aug 15-2015

بينظير ڀٽو جي دور ۾ پيپلزپارٽي ۾ حقيقي جيالا هوندا هئا جيڪي مرڻ مارائڻ لاءِ تيار هوندا هئا پر هاڻي ريڊي ميڊ جيالا ڪيترو نڀائي سگهندا اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو پر لڳي نه ٿو ته ضياءَ حسن لنجار، ڊاڪٽر قيوم سومرو، انور مجيد، اويس مظفر ٽپي سميت اهڙا ٻيا ريڊي ميڊ جيالا ڪو وڌيڪ ڌڪ پچائي سگهندا. اڳ ۾ اڳواڻن کي سڀ ڪجهه هضم ٿي ويندو هو ۽ ڏاڪار ڏيڻ جي به ضرورت نه پوندي هئي پر هاڻي لڳي ٿو ته سندن هاضمو قطعي ڪو نه ٿيندو. ڪرپشن جي خاتمي وارن ادارن پاران وٺ پڪڙ شروع ٿيڻ کانپوءِ مخالف پارٽين کان وڌيڪ خوش پيپلزپارٽي جا پنهنجا ئي اصلي جيالا آهن جن کي ديوار سان لڳائي مٿان پلستر ڪيو ويو ۽ اهي ويچارا نه هيڏانهن جا رهيا آهن نه هوڏانهن جا ڇو ته انهن ۾ هاڻي وڌيڪ لٺيون کائڻ ۽ ڌڪ جهلڻ جي همت ئي نه آهي.

خيبرپختونخواهه جي هڪڙي جيالي پنهنجي پٽ جي نوڪري لاءِ جڏهن آصف زردري سان رابطو ڪيو (جڏهن هو صدر هو) ته آصف زرداري پنهنجي هڪ ويجهي دوست سان کيس ملڻ جي صلاح ڏني ۽ جڏهن چاچا سعيد جان ان اهم شخصيت سان مليو ته کيس فرمايو ويو ته جيئن ته ان پوسٽ جو اگهه 30 کان 35 لک آهي پر هاڻي توهان پراڻا جيالا آهيو ان لاءِ صرف 10 لک رپيا ڏيو جنهن تي چاچا سعيد جان کيس جن لقبن سان نوازيو هو ۽ جيڪا تعدي ڪئي هئي اها به ڪنهن کان لڪل نه آهي ۽ پوءِ چاچا سعيد جان اها ڳالهه آصف زرداري کي به چئي هئي ته توهان لچا ماڻهو اسان جي مٿان ويهاريا آهن جنهن تي آصف زرداري کانئس پڇيو ته ڪهڙا ڪهڙا جنهن تي هن سندس ڀر ۾ ويٺل ان اهم شخصيت ڏانهن اشارو ڪندي چيو هو ته هڪڙو تنهنجي پاسي ۾ ويٺو آهي جنهن مان اها ڳالهه به واضح ٿي وئي ته آصف زرداري کي ڪرپشن جي مڪمل ڄاڻ هئي ۽ هو اهو چئي پاند آجو نه ٿو ڪرائي سگهي ته مون کي ڪنهن به شيءَ جي خبر نه هئي اهو ته هيٺئين سطح تي ڪيو پئي ويو ۽ ٻيو ڪرپشن کي هٿي وٺرائڻ جو مثال اهو به آهي ته پوءِ ان شخص کي وفاقي حڪومت ختم ٿيڻ کانپوءِ هينئر سنڌ حڪومت ۾ اهم عهدي تي ويهاريو ويو آهي جنهن مان واضح آهي ته اهي کاٽائو پٽ آهن جيڪي پنهنجي ڪمائي مان حصو پتي پهچائين ٿا ۽ اهي هن وقت انهن اڳواڻن جي وڏي سگهه بڻيل آهن.

آصف زرداري جي لاءِ ڪجهه انڪشاف انتهائي خطرناڪ آهن ۽ ٿي سگهي ٿو ته کيس ڪرپشن نه پر انهن الزامن تحت گرفتار ڪيو وڃي جن ۾ هڪ برهمداغ بگٽي جو اهم انڪشاف آهي ته اسان اڳ ۾ ئي فوج سان ڳالهيون ڪرڻ ٿي چاهيون پر اسان کي آصف زرداري رحمان ملڪ جي معرفت چيو ته اسٽيبلشمينٽ ۽ فوج توهان سان ڳالهيون ڪرڻ نه ٿي چاهي، جڏهن ته ڊاڪٽر عاصم جي گرفتاري ۽ مٿس دهشتگردن کي مالي مدد مهيا ڪرڻ جي الزام جي جاچ به اهميت جوڳي آهي جيڪي ٻئي الزام خطرناڪ آهن، هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته فوج ان ڳالهه کي ڪهڙي انداز ۾ ڏسي ٿي ڇا واقعي فوج ان وقت برهمداغ بگٽي يا ٻين بلوچستان جي قومپرست اڳواڻن سان ڳالهيون ڪرڻ نه ٿي چاهيون يا آصف زرداري غلط معلومات فراهم ڪئي ۽ بلوچستان ۾ رتوڇاڻ ٿيندي رهي. جيڪڏهن فوج پاران چپ چوريا وڃن ٿا ته پوءِ اصل حقيقت جو پتو پوندو. لڳي ٿو ته پيپلزپارٽي اڃا ان طرف سوچيو ئي نه آهي جڏهن ته ڊاڪٽر عاصم حسين جي گرفتاري ۽ مٿس دهشتگردن کي مالي مدد مهيا ڪرڻ جو به الزام اهميت جوڳو ۽ ڇرڪائيندڙ آهي ۽ جيڪڏهن ڊاڪٽر عاصم ڪي راز فاش ڪري ٿو ۽ ڪي اهڙيون شيون سامهون آڻي ٿو ته پوءِ يقينن برهمداغ بگٽي واري موقف کي هٿي ملندي جڏهن ته ڪجهه وقت اڳ ۾ اعليٰ اختيارين ۾ اهي ڳالهيون به هلندڙ هيون ته آصف زرداري مبينا طور افغانستان جي صدر اشرف غني کي فون تي پاڪستان اندر افغان طالبان وسيلي ڪارروايون ڪرائڻ جو چيو هو ته جيئن هڪ طرف فوج مسئلن ۾ ورتل رهي ۽ اها جنگ ختم نه ٿئي ۽ ٻئي طرف حڪومت کي ڪمزور ڪري سگهجي ۽ اهو تاثر ڏئي سگهجي ته صرف دهشتگردي اسان جي حڪومت جي دور ۾ نه هئي پر اها ته هاڻي به آهي ۽ ان تي ڪير به ضابطو نه ٿو آڻي سگهي ان جي لاءِ اسان تي هٿ هلڪو رکڻ ۾ ئي سڀني جي عافيت آهي پر لڳي ٿو ته آصف زرداري جا سمورا پتا هڪ هڪ ٿي ڪري ختم ٿيڻ جي ويجهو پهچي ويا آهن ۽ ترپ جو پتو هاڻي اعليٰ اختيارين وٽ آهي ته هو ڪيڏي مهل ٿا ان کي کيڏن ۽ بازي کي ڦيرائين ٿا.

اقتدار جي جنگ سدائين ڪيترن جو ئي سِر کنيو آهي ۽ هاڻي به خبر نه آهي ته اڳتي ڇا ٿيندو پر آصف زرداري نه رڳو ملڪ پر پنهنجي پارٽي سان به جيڪو ويڌن ڪيو آهي اهو به ڪنهن کان ڍڪيل نه آهي. پيپلزپارٽي جيڪا آخري پساهن ۾ آهي ۽ پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته هو پارٽي کي ڪٿان کان ۽ ڪهڙي نموني جيئارڻ جي ڪوشش ڪري ۽ مفاهمتي وينٽيليٽر تان پارٽي کي ڪيئن هٽائي. ڪجهه ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف زرداري جي ڀيڻ فريال ٽالپر وٽ ڪجهه اهڙو مواد آهي جنهن جي ڪري هن پارٽي کي يرغمال بڻائي ورتو آهي ۽ بلاول ڀٽو نه چاهڻ جي باوجود سندس خاص ماڻهن مان جان نه ٿو ڇڏائي سگهي. هاڻي خبر نه آهي ته ان ڳالهه ۾ ڪيتري صداقت آهي پر فيصلن مان واضح آهي ته فريال ٽالپر ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان سڀني تي ڀاري آهي ۽ سندس فيصلن کي آساني سان رد نه ٿو ڪري سگهجي، جنهن جو واضح مثال قائم علي شاهه جي جاءِ تي نثار کهڙي کي سنڌ جو وڏو وزير نه بڻائڻ جيتوڻيڪ ان حوالي سان اسلام آباد ۾ ٿيل پارٽي اجلاس ۾ فيصلو ٿي چڪو هو پر فريال ٽالپر جي مخالفت سبب نثار کهڙو سنڌ جو وڏو وزير بڻجي نه سگهيو. جڏهن ته ان کانسواءِ سنڌ جو گهرو وزير انور سهيل سيال کي بڻائڻ کان ويندي ضياءَ الحسن لنجار ۽ ڊاڪٽر قيوم سومرو جي سنڌ حڪومت ۾ اعليٰ عهدي تي موجودگي انهن سڀني ڳالهين جا واضح ثبوت آهن ته فريال ٽالپر بلاول ڀٽو تي به ڀاري آهي ۽ ان مان جان ڇڏائڻ ڪا سولي ڳالهه نه آهي.

هاڻي جڏهن سڀني ۾ هٿ اچي پيا آهن ته ٻاهران ويهي اهو چوڻ ته اسان جنگ ڪنداسين ڪيڏي نه کل جوڳي ڳالهه آهي. ڀلا جيڪو اڳواڻ هڪ بيان ڏيڻ کانپوءِ ملڪ مان نڪري راهي ٿي وڃي ڀلا ان تي ڪهڙو اعتبار ڪري سگهجي ٿو ۽ ان جي قيادت ۾ ڪهڙي ويڙهه ٿيندي اها به جڳ کي خبر آهي ۽ ايتري ته اعليٰ اختيارين کي به خبر پئجي وئي آهي ته همراهن ۾ هاڻي ڪيترو دم آهي ۽ ٻئي طرف جيڪڏهن واقعي پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ ۾ ممتاز ڀٽو، لياقت جتوئي، ارباب غلام رحيم، شيرازي ڀائرن کي پاڻ سان ملائي وٺي ٿي ته پوءِ سنڌ مان به پيپلزپارٽي آهي نه پر هئي بڻجي ويندي ۽ يقينن اها وڏي ڏک جي ڳالهه هوندي ۽ اهو ڏک به انهن غريب جيالن کي ٿيندو جن سڄي زندگي نعرا هڻندي گذاري ڇڏي باقي ادو ۽ ادي سدائين زندهه آهن ۽ انهن کي ته ڪو لهر لوڏو ئي نه آهي.

Sarwansindhi02@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو